سنڌُوءَ ڪپَ تي ڪوٺايل ”سنڌُو وهندو رهندو“ مشاعرو

Spread the love

ياسرقاضي

سنڌو درياهه مان 6 ڪئنالن ڪڍڻ خلاف ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ رستي سنڌُو سُڪائڻ خلاف جتي سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي ۽ هر شعبي سان تعلق رکندڙ سنڌيءَ جي ننڊ ڦٽل آهي. شهر شهر… نگر نگر… دڳ دڳ… واهڻ واهڻ، سوچُون ۽ ڀُڻڪا، هاڻي واڪا بڻجي چڪيون آهن، ڪن ’ٻٻرلوءِ‘ جا دنگَ جَھلي پنجاب جي اقتصادي نڙيءَ تي نَنهُن ڏنو آهي، ته ڪي سنڌ جي هر ڳوٺ توڙي شهر ۾ هزارن جي تعداد ۾ روزانو گڏ ٿي 40 ڊگري سينٽي گريڊ جي نٽهڻ اُسَ ۾ به اُڀ ڏاريندڙ نعرن سان دشمن کي للڪاري رهيا آهن، اتي سنڌ جو درد رکندڙ شاعر پڻ پنهنجي تندُ تپائي مزاحمتي آواز بلند ڪري رهيا آهن، جنهن سان دشمن جا ڀارِي بُرجَ ڪنبي رهيا آهن. اهڙي ئي شاعريءَ کي سنڌو درياهه کي ڀيٽا ڪرڻ توڙي دشمن کي للڪار طور اُچارڻ لاءِ آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد، آچر 20 اپريل 2025ع تي ڄامشوري ۾ ’المنظر ريسٽورنٽ‘ ويجھو ”اَپ اسٽريم“ ڪوٽڙي بئراج ڀرسان سنڌوءَ جي پيٽ ۾ سنڌ جي سجيلن شاعرن کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو ۽ ٻيڙن جي قافلي ۾ سنڌوءَ جي لهرن وچ ۾ سنڌو درياهه جا ڳيچ ڳائڻ جو انوکو ڪاڄ رچيو، جيڪو هڪ ئي وقت سنڌ جي قلم ڌڻين پاران سنڌوءَ سان سُٻَنڌَ جو اظهار به هو ته دشمن کي دڙڪو به هو، ته سنڌ جي ساڃاهه به هر ميري اک ۾ اکيون ملائي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هنن سمورن محبتين کي ميڙيندڙ، آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جو باني صدر ۽ ناميارو شاعر، ڊاڪٽر اسحاق سميجو هو ۽ هن يادگار مشاعري جي نظامت جو شرف مونکي حاصل ٿيو.

سج لهڻ کان ڪجھه وقت اڳ سنڌ جي اديبن، دانشورن، ڪلاڪارن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان سلهاڙيل شخصيتن سنڌو درياهه کي گلاب ۽ گيندي جا گُلَ ارپي نمرتا مان پنهنجي عقيدت ۽ محبّت جو اظهار ڪيو ۽ ان جو اؤجُ ۽ ان جي لهرن جي مستيءَ جي سدا قائم رهڻ جون دعائون ڪيون. جيئن جيئن سج لهڻ هارو ٿيو ته ناکئن ٻيڙين جا چَپُو سنڀاليا ۽ سنڌ جي ساڃاهه جا علمبردارَ مختلف ٻيڙين ۾ سوار ٿيندا ويا. رسمي مشاعري شروع ٿيڻ کان اڳ سموريون ٻيڙيون سنڌوءَ جي ماٺين لهرن مٿان هيڏانهن هوڏانهن ترنديون رهيون ۽ لڳ ڀڳ هر ٻيڙيءَ منجھان سنڌ جي قومي نغمن ۽ درياهه جي شان ۾ رچيل گيتن جي گُونجارَ ٻُجھندي رهي ۽ ”سنڌُو وهندو رهندو…“ جا آلاپَ اُٿندا رهيا. جيسين ميڊيا جي نمائندن پنهنجي تياري پڪڙي ۽ سائونڊ ۽ لائيٽ جا اهتمام پُورا ٿيا، تيسين سجَ به سنڌوءَ ۾ ٽُٻي هنئي ۽ ان کان اڳ جو، ان سانجھه جي لالي، رات جي ڪاراڻ ۾ بدلجڻ کان اڳ گهري ناسي ٿئي، مُون، مُک ٻيڙيءَ منجھان ميزبان جي حيثيت سان مشاعري جي آغاز جو اعلان ڪندي، سنڌ جي سمورن ڪوي دوستن ۽ سنڌ جي ساڃاهه جي نمائندن کي ڀليڪار ڪيو.

هن مشاعري جي شروعات ۾ آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جي صدرَ، ڊاڪٽر اسحاق سميجي آيل شاعرن، اديبن، ادب دوستن ۽ ٻين مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته: ”آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد پاران منعقد ڪيل اڄوڪي مشاعري پٺيان جيڪو اصل محرڪ آهي، اُهو اِهو آهي ته سنڌ ۾ درياهه کي بچائڻ جي جيڪا تحريڪ هلي رهي آهي. سنڌ جا سياسي توڙي مذهبي ڪارڪنَ، وڪيلَ ۽ ٻين طبقن جا ماڻهو جهڙيءَ ريت عملي ميدان ۾ هن درياهه تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف وڙهي رهيا آهن، ته سنڌ جي شاعرن پاران اسان اهو پيغام ڏيڻ ٿا چاهيون ته اسان به ان تحريڪ جو حصو آهيون. اها تحريڪ اسانجي آهي ۽ سنڌ جي وسيلن جي بچاءَ لاءِ ٿيندڙ هر اڳڀرائيءَ ۾ سنڌ جا شاعرَ ۽ قلم ڌڻي ان جو حصو آهن ۽ رهندا.“ اسحاق سميجي جي آجياڻي کانپوءِ سينيئر راڳي خادم سخيراڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ نؤخيز راڳي راحت بڙدي ۽ سڪندر بڙديءَ، اسحاق سميجي جو سنڌوءَ جو ترانو ”سنڌ به رهندي، سنڌي رهندا، سنڌو وهندو رهندو… جُڳ جُڳ جيئندو رهندو“ هارمونيم تي ڳائي مشاعري جو باضابطه آغاز ڪيو. سندن سُرن سان هم آواز ٿيندي مختلف ٻيڙين ۾ سوار سوين شرڪت ڪندڙن پڻ ”سنڌُو وهندو رهندو…“ جُھونگاريو، جنهن بعد فضا ”ڪئنال سمورا نامنظُور“ ۽ ”سنڌُوءَ تي ڌاڙو نامنظُور…“ جي نعرن سان گُونجي پئي.

 مختلف شاعرن پاران درياهه شاهه کي پيش ٿيندڙ  ڀيٽا جي مُنڍ ۾ سڀ کان اڳ روايت موجب ميزبان جي حيثيت ۾ مون پنهنجو نظم ”سنڌو وهندو تارؤن تار “ پڙهيو:

قاتل هر ڪئنالَ تي تالو ــ آهه ’ٻٻرلُوء‘ عزم اجالو

هر منُ بڻجِي پيو آ ڀالو ــ تن تن بڻجي پيو تلوارَ

سنڌو وهندو تارؤن تار

جنهن بعد شاعرن پاران شاعراڻي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي شروعات، ناريءَ جي آواز سان ڪئي وئي ۽ زاهده ابڙو کي ڪلام جي دعوت ڏني وئي. جنهن ”هُو چاهي ٿو“ جي عنوان سان پنهنجو هي نظم پڙهيو:

درياءُ وھڻ چاھي ٿو ـــ ھُو بند اڏڻ چاھي ٿو

جھنگَ جي شينھن کي، ـــ پڃري ۾ ٻڌڻ چاھي ٿو

ارڏي ۽ البيلي کي، ـــ ونگَ وجھڻ چاھي ٿو

سائر ڏانهن ھو ڊوڙي ٿو ـــ پھرا ھُو وجھڻ چاهي ٿو

سنڌو سنڌين جو ساهه آ ـــ ھُو ساهه ڪڍڻ چاهي ٿو

 ان کانپوءِ ٻهڳڻي شاعرَ، قاضي منظر حياتَ، ”سُر سنڌوءَ“ مان پنهنجا بيتَ پڙهي هن عظيم درياهه سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو:

اکڙيون ترسن آب لئه، اُڃيا تاسا جيءَ

ليما، انبَ سَڙِي ويا، پوکُون پاڻيءَ ريءَ

اذيت ڪهڙي هيءَ، اچو! پَسو مُنصفو!

تنهن بعد جن شاعرن پنهنجي منظوم خراج ِعقيدت سان ”شينهن درياهه“ سان پنهنجي عقيدت ۽ الفت جو اظهار ڪيو، تن ۾ حسن مجتبيٰ، معصوم ڪنول، مجاھد مَھَڙُ، علي زاھد، ساجد سنڌي، مير حسن آريسر، جلال ڪوري، اردوءَ جو شاعر محسن سليم، رياضت ٻرڙو، عباس کوسو، خليل ڪنڀار ۽ عزيز گوپانگ شامل آهن.

رياضت ٻرڙي پنهنجي سهڻي نظم رستي هن ريت سنڌونديءَ کي پنهنجي لفظن جي سلامي پيش ڪئي:

سنڌُوءَ کي ٿو روڪڻُ چاهين!؟ ــ ۽ سنڌيُن کي ٽوڪڻُ چاهين!؟

تنھنجي نيّت ميرِي آهي ــ ڪَرڻو تو کي ڍيرِي آهي،

سنڌُ سَجائڻَ، ڊيمَ اُڏائڻَ، ــ ڪئنالن کي وَر وَر ڊاهڻَ،

سنڌي ايندا، سنڌي ايندا…

نظم جي سهڻي شاعرَ ــ علي آڪاش، مهراڻ جي مؤجن کي خراج پيش ڪندي پنهنجا ٻه گيت پڙهيا، جن منجھان هڪ هي هو:

وهندو سنڌو جيئندي سنڌ ــ جرَ جو  امرت پيئندي سنڌ

وهندو سنڌو قائم سنڌ ــ رهندي جُڳ جُڳ دائم سنڌ

کپي به سنڌ ــ جيئي سنڌ!

بخشڻ مهراڻويءَ هن شانَ ــ وَر ”اباسين“ درياهه کي ڀيٽا ڏيندي پنهنجا ٻه نظم پڙهيا، جن منجھان هڪ نظم هي هو:

پاڻي رقص خدائي آھي ــ پاڻي عڪس خدائي آھي

ندين جي پاڻيءَ جي پايل، ــ لُڏندي بڻجي دريا جل ٿل

دريا جيڪو شاهه به آھي ــ ھر ساسيءَ لئه ساهه به آھي

ڪراچيءَ جي شاعره ــ عظميٰ ڪريم، جيڪا پاڻ ته هن مشاعري ۾ شرڪت ڪانه ڪري سگھي، پر سنڌوءَ کي پيش ڪيل سندس ڀيٽا کي مشاعري ۾ شامل ڪيو ويو:

تُون منهنجو پاڻي بند ڪندين، مان تُنهنجا رستا بند ڪنديس

هي جھيڙو هاڻي جاري آ، هي جھيڙو مُور نه بند ڪنديس

اڄ ڀاڳيا ساراجاڳيا ٿئي، اڄ سنڌ سموري جاڳي ٿئي

درياهه تي ڌاڙو نامنظُور ــ سنڌُوءَ تي ڌاڙو نامنظُور!

هن مشاعري جو آخري شاعر علي دوست ”عاجز“ هو، پر ان کان اڳ دؤر ِحاضر جي سنڌ جي نمائندي شاعرَ اسحاق سميجي پنهنجو مشهور نظم پڙهي، مشاعري جي رنگن ۾ واڌارو ڪيو:

اُڀ مان ڪوبه نه اچڻو آهي ــ  تُون مان سنڌ بچائينداسين!

سنڌُو پاڻي، سنڌ مڇي آ ــ پاڻيءَ بن مڇي ڪيئن جيئندي

ڦٿڪِي ڦٿڪِي هَنجَ به مَرندا ــ هرڻي واريءَ کي ڪئن پيئندي

اُڃ جي چادر اوڍڻ کان پو، ــ ساهين سُڃ پرائينداسين!

اُڀ مان ڪوبه نه اچڻو آهي، ــ تون مان سنڌ بچائينداسين!

آخر ۾ مشاعري جي صدارت ڪندڙ سنڌ جي سهڻي شاعرَ علي دوست ”عاجزَ“ پنهنجا ٻه نظم پڙهي، سنڌوءَ کي ڀيٽا پيش ڪئي. سندس ”ڊيلٽا جو نوحو“ نظم ٻڌي، هانءَ کي رهڙُون آيون، جنهن ۾ هن سنڌوءَ جي ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ جو جنهن حساس انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي، اهو پڙهندڙ / ٻڌندڙ جُون سيسراٽيون ڪڍرائي ڇڏي ٿو.

ڊاڪٽر اسحاق سميجي آيل سمورن مهمانن، آرٽسٽن ۽ شاعرن جا ٿورا مڃيا، جن سنڌوءَ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جي سڏَ ۾ سڏ ڏنو ۽ هن ”سنڌو وهندو رهندو“ مشاعري ۾ شرڪت ڪري شينهن درياهه کي پنهنجي ڀيٽا پيش ڪندي مشاعري کي ڪامياب ڪيو.

هن ڀيٽا مشاعري ۾ ذڪر ڪيل ڪَويُن سان گڏو گڏ پ پ پ جي اڳواڻ فرحين مغل، ناميارن اديبن ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاريءَ، فهيم نوناريءَ، نامياري صحافي ناز سهتي، ناميارن اداڪارن منظور دانش ۽ شهباز بلوچ، ڊاڪٽر عبدالله لغاريءَ، عامر لطيف صديقيءَ، پروفيسر انور منصور مڱريي، زاهد اوٺي، ڪريم بخش شيخ، عنبرين اسحاق، بلقيس ابڙو، صنم جاگيراڻي، بينظير جوڻيجو ۽ فرقان سومري سميت سنڌي علم، ادب، صحافت توڙي ثقافت جي اهم شخصيتن ٻڌندڙ طور شرڪت ڪئي. هي مشاعرو رات 8:15 لڳي ڌاري سنڌي ساهت جي اُڀَ تي ست رنگا يادگار عڪسَ ڇڏي اختتام پذير ٿيو، جيڪو سنئين سڌي ويب براڊڪاسٽ نشريات رستي پوريءَ دنيا ۾ پڻ ڏٺو ۽ پسند ڪيو ويو

اپريل 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو