ٻه ڪينال سنڌ، ٻه پنجاب ۽ هڪ بلوچستان ۾ ٺهڻو آهي: معين وٽو

لاهور (ويب ڊيسڪ) آبي وسيلن بابت وفاقي وزير معين وٽو چيو آهي ته گرين پاڪستان منصوبي تحت ٻه ڪينال سنڌ، ٻه پنجاب ۽ هڪ بلوچستان ۾ ٺهڻو آهي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي معين وٽو انڪشاف ڪيو ته ڪينالن جو معاملو غلط فهمي ۽ مشاورت نه ٿيڻ سبب تڪرار جو شڪار ٿيو پر هاڻ ڳالهيون شروع ٿي چڪيون آهن ۽ معاملو سٺي طريقي سان حل ٿي ويندو.
هن چيو ته هر صوبو پنهنجي حصي جو پاڻي پنهنجي مرضي سان استعمال ڪري سگهي ٿو.