وفاق جو ڪينال منصوبي تي پ پ جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪينالن جي معاملي تي پ پ جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ تي معاملي تي پ پ جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ڳالهين جي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي ۾ احسن اقبال ۽ راڻا ثناءُ الله سميت ٻيا به شامل هوندا، جڏهن ته ان ۾ آبي ۽ زرعي ماهرن کي به شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
وفاقي حڪومت جي اها ڪميٽي پ پ قيادت ۽ ٻين سان رابطو ڪري ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.
ذريعن موجب وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ڪميٽي کي حتمي شڪل ڏني ويندي، شهباز شريف ان معاملي تي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقاتون به ڪندو.

اپريل 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو