ڏکڻ وزيرستان ۾ پوليو ٽيم تي حملو، ڪانسٽيبل شهيد، هڪ دهشتگرد مارجي ويو

وارسڪ (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ پوليو ٽيم تي حملي ۾ پوليس اهلڪار شهيد، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.
اهو واقعو ڏکڻ وزيرستان جي علائقي اعظم وارسڪ ۾ پيش آيو، جتي دهشتگردن پوليو ٽيم ۽ ان جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس ٽيم تي ڳرن هٿيارن سان حملو ڪيو.
حملي کانپوءِ پوليس جوابي فائرنگ ڪئي ۽ اڌ ڪلاڪ تائين مقابلو جاري رهيو، جنهن ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ ٻيا فرار ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڪانسٽيبل شهيد ٿي ويو.