جي يو آءِ سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو پاران نون ڪئنالن جي تعمير کي غير قانوني قرار ڏيڻ

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو، جي يو آءِ جي مرڪزي مجلس عمومي جي اجلاس ۾ درياءِ سنڌ تي نون ڪئنالن جي تعمير کي غير قانوني قرار.خبر موجب  جمعيت علماءِ اسلام  سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته درياءِ سنڌ تي نون ڪئنالن جي تعمير غير قانوني آهي ۽ سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي جي برابر آهي. هو جامعہ مدنيه، لاهور ۾ جي يو آءِ پاڪستان جي مرڪزي مجلسِ عمومي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي چيو،

 جنهن جي صدارت مولانا فضل الرحمن ڪئي.علامه سومرو چيو ته سنڌ کي اُن جي جائز حصي مان 55 سيڪڙو پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي، جيڪو هڪ وڏي ناانصافي آهي.

 هن اجلاس ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل نمائندن آڏو انگن اکرن سميت سنڌ جي پاڻيءَ جو تفصيلي ڪيس پيش ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته نون ڪئنالن کي سيلابي پاڻي مهيا ڪيو ويندو، پر گذريل 15 ورهين دوران ملڪ ۾ ڪا به  سيلابي صورتحال نه ٿي آهي.

ان مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ جي پاڻي تي هميشه وانگر ٻيهر ڌاڙو هنيو ويندو.علامه سومرو مطالبو ڪيو ته فوري طور گڏيل مفادن واري ڪائونسل (CCI) جو اجلاس گھرائي، پاڻيءَ جي معاملي تي فيصلو ڪيو وڃي.

 هن ايس آءِ ايف سي ذريعي زمينن جي غير مقامي ماڻهن کي ڏنيون وڃن ٿيون.علامه سومرو چيو ته فلسطين جي مسئلي تي جي يو آءِ پنهنجو آواز هميشه بلند ڪندي رهندي ۽ مظلوم فلسطيني عوام سان مڪمل طرح گڏ آھي.اها پريس رليز جي يو آءِ سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري طرفان جاري ڪئي وئي.

اپريل 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو