بي حس بڻيل صحت جو نظام!

Spread the love

ياسمين چانڊيو

ڇا ڪڏهن اوهان تصور ڪيو آهي ته هڪ ماءُ پنهنجي تڙپندڙ ٻار کي ٻانهن ۾ کڻي، بيچين دل سان اسپتال جي اڱڻ تي بيٺي هجي، ۽ نرس کيس چوي ته “ڊاڪٽر موڪل تي آهي، دوا ختم آهي، ليبارٽري بند آهي”؟ ان ماءُ جي اکين ۾ لهندڙ ڳاڙهاڻ صرف ڏک نه، پر انسانيت جي بي حسيءَ جو الميو به هوندو. اڄ سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جو حال  به ساڳيو آهي: جتي نه دوا آهي، نه ايمرجنسي سهولتون، ۽ نه ئي انساني احترام.

پاڪستان هر سال اربين روپيا پوليو ويڪسين جي مهمن تي خرچ ڪري ٿو. عالمي ادارن جي رپورٽن موجب، 2023ع ۾ صرف پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان کي لڳ ڀڳ 200 ملين ڊالرن جا فنڊ ڏنا ويا، جن مان وڏو حصو WHO، GAVI، ۽ Gates Foundation طرفان آيو. پر سوال اڄ به بي جواب آهي: جيڪڏهن اها رقم صاف پاڻي، غذائي تحفظ، ۽ صحت جي بنيادي تربيت تي لڳائجي ها ته ڇا پوليو جو نانءُ نشان باقي ھجي ھان ؟

پوليو صرف هڪ وائرس ناهي، بلڪه غربت، گندگي، ۽ حڪومتن جي نااهليءَ جو علامتي نالو بڻجي ويو آهي. هي بيماري ترقي يافته ملڪن مان انڪري ختم ٿي چڪي آهي، جو انهن ملڪن پنهنجن شهرين کي صحت بابت ڄاڻ، بهتر ماحول، ۽ تندرست زندگيءَ لاءِ متبادل ذريعا مهيا ڪيا. جڏهن ته اسان وٽ ويڪسين به هڪ سياسي شو بڻجي وئي آهي، جتي غريب ماڻهو تجرباتي مشقن جو حصو بڻيل آهن.

سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 6 ڪروڙ آباديءَ لاءِ رڳو 1,300 سرڪاري صحت مرڪز قائم آھن، پر انهن مان ڪيترائي غيرفعال، عملي کان خالي، يا بنيادي سهولتن کان وانجهيل آھن. 2022-23ع جي صحت بجيٽ مطابق، سنڌ حڪومت صحت تي لڳ ڀڳ 228 ارب رپيا مختص ڪيا، جن مان صرف چند سيڪڙو ئي واقعي اسپتالن جي بهتريءَ تي خرچ ٿيو. باقي بجيٽ پروٽوڪول، آفيسن، ۽ افتتاحي فنڪشنن جي نظر ٿي وئي يا يا حڪمرانن جي ڀڀن ڀرڻ تي خرچ ڪئي وئي.پاڪستاني حڪومت گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان صحت، غربت، ۽ بنيادي انساني ضرورتن جي نالي تي سموري دنيا کان امداد، گرانٽس، ۽ فنڊ وٺندي رهي آهي. ان امداد حاصل ڪندڙ ادارن جي فهرست ۾ عالمي ادارو صحت (WHO) نمايان طور شامل آهي. WHO جي تازي رپورٽن موجب، پاڪستان ۾ بنيادي صحت جي سروسز لاءِ هر فرد تي سالياني $12.98 خرچ ڪرڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته مڪمل طور تي مؤثر نظام لاءِ $17.40 في فرد جي ضرورت آهي.

ان کان علاوه، پاڪستان 2024ع ۾ صحت جي مختلف منصوبن لاءِ تقريباً 2 ارب ڊالر جي عالمي امداد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ GAVI، Global Fund، World Bank، USAID، ۽ Bill & Melinda Gates Foundation به شامل هئا. هي انگ اکر صاف ظاهر ڪن ٿا ته پاڪستاني رياست بين الاقوامي ادارن جي سامهون پاڻ کي هڪ لاچار ۽ بيمار قوم طور پيش ڪري، وڏي پيماني تي مالي مدد وٺي رهي آهي.پر سوال هي آهي ته اها رقم آخر وڃي ڪيڏانهن ٿي؟ سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ نه ڪا نئين اسپتال تعمير ٿي آهي، نه ئي پراڻين اسپتالن ۾ صاف پاڻي، دوائون، ايمرجنسي سهولتون، يا تربيت يافته عملي جي فراهمي موجود آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعي اسپتالن ۾ بنيادي طبي سهولتن جي کوٽ، ٽٽل بيڊ، نه هجڻ برابر ايمبولينس سروس، ۽ بنا ڊاڪٽرن جي هلندڙ او پي ڊي يونٽس، انهيءَ بدانتظامي جو ثبوت آهن.

هي سڀ ڪجهه هڪ انتهائي خطرناڪ ۽ افسوسناڪ حقيقت ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته اسان جي حڪمرانن جي بدنيتي، بي حسي، ۽ عدم دلچسپي جو. صحت کي ترقيءَ جو بنياد سمجهڻ بدران، انهن ان کي بين الاقوامي مدد حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. عوام جي بيماري، بک، ۽ پسماندگي سندن سياست جي ايجنڊا بڻجي وئي آهي، .جيڪڏهن عالمي ادارن جي اها مالي امداد واقعي ماڻهن جي تندرستي، تعليم، ۽ شعور لاءِ خرچ ٿئي ها، ته نه صرف پوليو ختم ٿئي ها، پر پاڪستان دنيا جي ترقي پذير ملڪن جي صف مان نڪري اڳتي وڌي سگهي ها. پر جڏهن حڪمرانيءَ جو مقصد خدمت بدران مفاد بڻجي وڃي، ته پوءِ سوال رڳو بيماري جو نه هوندو، پر نيت جو ٿيندو.منهنجي پنهنجي  ذاتي مشاهدي مطابق، دادو، لاڙڪاڻو، ۽ شڪارپور جي اسپتالن جو حال اهو آهي ته هيٽ اسٽروڪ جا مريض زمين تي پيل هوندا آهن، جتي نڪا ساھ پٽڻ جي جڳھ نه هوا، نه پاڻي، نه ئي ڪا تسلي بخش دوا.  ۽ مٿان وري سرڪاري عملي جا  غير اخلاقي جملا جيڪي ايندڙ مريضن کي انسان ته ٺھيو جانور به ڪون سمجھندا آھن . مجموعي طور ڏسنداسين ته انھن اسپتالن ۾ ڪڏهن ب مڪمل عملو موجود ناھي ھوندو ،سرڪاري ڊاڪٽر رڳو پنھنجي ذاتي ڪلينڪ ۾ ويھندا آھن . جنھن جو ڪو پڇاڻو ڪونھي ،نه ئي ڪڏهن ڪا بنيادي صحت جي دوا موجود ھوندي آھي.

هتي سوال دوا جو ته آھي پر انسانيت جو به آهي. هڪ غريب جو ، ٻار  جيڪو رڳو پيٽ جي سور يا بخار سان تڙپندي اسپتال اچي ٿو ۽ ، کيس چيو ويندو آهي ته: “ٽيسٽ ڪراءِ، اچو  رپورٽ آڻيو ، ٻي عمارت مان ليبارٽري سلپ وٺو.” اهو نظام ئي بي انتها اذيت ڏيندڙ آهي، جتي ماڻهو نه رڳو پنهنجي بيماريءَ سان وڙهندا آهن، پر اسپتال جي غيرذميواري سان به.ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهوءَ لاءِ بيمار ٿيڻ، مرڻ کان به وڌيڪ ڏکيو  هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته هو اڳواٽ نه ته ڄاڻ رکي ٿو، نه حفاظتي اپاءَ وٺي سگهي ٿو، ۽ بيمار ٿيڻ کانپوءِ به اڪيلو، خالي، ۽ لاوارث ٿي وڃي ٿو.

اڄ جي سنڌ  نالي ۾ جديد  پر ھئڻ ۾ انتهائي پوئتي پيل آهي سنڌ جي اسپتالن ۾ نه دوا آهي، نه احترام. اسپتالن جي ڀتين تي لڳل تصويرن ۾ ترقيءَ جا خواب آهن، پر انهن ڀتين جي اندر فقط درد، انتظار، ۽ مايوسي آهي. سنڌ جو عام ماڻهو، جيڪو صحت جو حق کڻي ڄمي ٿو، اهو پنهنجي زندگيءَ لاءِ در در رلندو رهي ٿو.ڇا اسين ڪڏهن اهڙو سماج ٺاهي سگهنداسين، جتي ماءُ بغير سفارش جي دوا وٺي سگهي؟ڇا اسپتالون تڪليفن جي جاءِ نه، پر اميدن جا گهر بڻجي سگهن ٿيون؟ڇا اسان حڪومتن کان صرف تقرير نه، پر عملي قدمن جو احتساب به وٺي سگهون ٿا؟

اسان وٽ صحت جو نظام نه رڳو ڪمزور آهي، پر انتهائي بي حس به آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ دوا ناهي، ڊاڪٽرن جو رويو ظالماڻو آهي، ۽ غريبن جي لاش تي به پيسو ڪمائڻ جا هيراڪ ٿي ويا ھجن ،..جتي تڪليف جي ڪابه حيثيت ناهي، درد کي به نمبر وٺڻو پوي ٿو، اسان کي  سنجيدگيءَ سان اهو سوچڻو پوندو ته “کير ۾ آئرن” ملائڻ کان اڳ، نظام ۾ انسانيت ملائجي، ته جيئن نه رڳو ٻار، پر سڄي قوم صحتياب ٿي سگهي.

اپريل 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو