”پرڏيهي فوڊ چين تي حملن سان فلسطينين کي فائدو نه پر پاڪستانين کي نقصان ٿي رهيو آهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پرڏيهي فوڊ چين تي حملن سان مظلوم فلسطينين کي فائدو نه پيو ٿئي پر پاڪستانين کي نقصان پهچي رهيو آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته پرڏيهي فوڊ چين تي هزارين پاڪستاني ملازمتون ڪندا آهن، حملو ڪندڙن کي پاڪستان جو امن ۽ سيڙپڪاري سٺي نه پئي لڳي، حملن ۾ ٻاهريان هٿ ملوث ٿي سگهن ٿا، جيڪي ملڪ جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا.
هن چيو ته فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي نالي تي ڪنهن جي ڪاروبار کي نقصان پهچائڻ درست ناهي، پرڏيهي فوڊ چين فرنچائز هونديون آهن، جيڪي پاڪستاني خريد ڪندا آهن ۽ روزگار ڪمائيندا آهن، فوڊ چين بند ڪري هزارين ملازمن کي فارغ ڪيو ويو ته ڇا غزا کي فائدو ٿيندو؟
سندس چوڻ هو ته پلاننگ تحت اهي حملا رڳو پنجاب ۾ ٿي رهيا آهن، حملن ۾ ملوث 149 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته غزا ۾ ظلم ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان حڪومت امداد موڪلي رهي آهي، وزيراعظم شهباز شريف فلسطينين لاءِ عالمي سطح تي ڀرپور ڪيس وڙهيو آهي.