خلع وٺندڙ عورت حق مهر ملندو يا نه؟ عدالت وڏو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ خلع وٺندڙ عورت کي به حق مهر جي حقدار قرار ڏئي ڇڏيو.
عدالت قرار ڏنو ته رڳو خلع وٺڻ جي بنياد تي عورت کي حق مهر جي رقم کان محروم نٿو ڪري سگهجي، حق مهر جي رقم کي عورت لاءِ هڪ سيڪيورٽي تصور ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن مڙس جو رويو عورت کي خلع وٺڻ تي مجبور ڪري ته هوءَ حق مهر جي حقدار آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس راحيل ڪامران شيخ شهري آصف محمود جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ خلع جي بنياد تي حق مهر ۽ ڏاج جي رقم ڏيڻ جي ڊگري کي چيلينج ڪيو ويو هو.
عدالت قرار ڏنو ته ڌيءُ کي ڏاج ڏيڻ اسان جي معاشري جي ضرورت بڻجي ويو آهي ۽ والدين جيتري به سگهه رکندا هجن ڌيءُ کي ڏاج لازمي ڏيندا آهن.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته طلاق ڏيڻ بنيادي طور تي مڙس جو حق هوندو آهي ۽ طلاق جي صورت ۾ مڙس حق مهر، تحفن جي واپسي جي گهر ڪرڻ جي حق کان محروم ٿي ويندو آهي.
عدالت وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته طلاق ڏيڻ جي صورت ۾ سورة النساء ۾ به مڙس کي زال کي ڏنل مال ۽ تحفا واپس گهرڻ کان روڪيو ويو آهي.
عدالت قرار ڏنو ته وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي تحت مڙس جي تشدد، بري رويي وغيرا جي بنياد تي ورتل خلع کانپوءِ عدالت حق مهر جي رقم واپس نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي.
عدالت قرار ڏنو ته رڳو خلع وٺڻ جي بنياد تي عورت کي حق مهر جي رقم کان محروم نٿو ڪري سگهجي، حق مهر جي رقم عورت لاءِ سيڪيورٽي تصور ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن مڙس جو رويو عورت کي خلع وٺڻ تي مجبور ڪري ته هوءَ حق مهر وٺڻ جي مڪمل حقدار آهي.

اپريل 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو