پاڪ فوج ڪردار، جرئت ۽ قابليت کي برقرار رکيو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج هميشه ڪردار، جرئت ۽ صلاحيت جي ڀرپور خوبين کي برقرار رکيو آهي، جنهن جو مظاهرو اسان جي سپاهين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بهترين طريقي سان ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته پاڪستان فوج جي ميزباني هيٺ اٺين انٽرنيشنل ٽيم اسپرٽ مقابلا 14 کان 18 اپريل تائين کڙيال گيريزن ۾ ٿيا.
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير خاص مهمان طور پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، مشق ۾ پاڪستان آرمي جي 7 ٽيمن کان سواءِ پاڪستان نيوي جي هڪ ٽيم ۽ 15 دوست ملڪن جي فوجن جي ٽيمن حصو ورتو.
آرمي چيف چيو ته اهڙيون مشقون گڏيل سکيا لاءِ هڪ بهترين موقعو فراهم ڪن ٿيون ۽ انٽرنيشنل ٽيم اسپرٽ هڪ اثرائتو فورم آهي.
تقريب جي آخر ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير مشق ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٽيمن ۽ فردن کي انعام ڏنا.