في مڻ ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار رپيا مقرر ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪڻڪ جي في مڻ قيمت 4 هزار رپيا مقرر ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
درخواست چنيوٽ جي هڪ آبادگار ايڊووڪيٽ غلام عباس معرفت داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ پنجاب حڪومت، خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊي جي پاسڪو کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ زرعي سيڪٽر خوراڪ جي کوٽ پوري ڪندو آهي، في مڻ ڪڻڪ 2200 رپين ۾ خريد ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته في ايڪڙ تي خرچ ان کان وڌيڪ آهي، حڪومت آبادگارن کان ڪڻڪ جي خريداري به نه پئي ڪري، جيڪا آبادگارن سان زيادتي آهي.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ حڪومت کي في مڻ ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي.

اپريل 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو