آءِ ايم ايف کان منظوري وٺي مالي سال 2025-26 جي بجيٽ جون جي پهرئين هفتي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين مالي سال 2025-26 لاءِ بجيٽ جون جي پهرئين هفتي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ناڻي وزارت جي ذريعن موجب، عيدالاضحيٰ کي نظر ۾ رکندي پارليامينٽ جو بجيٽ اجلاس وقت کان اڳ سڏائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين بجيٽ 5 جون کان اڳ پارليامينٽ ۾ پيش ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ان جي منظوري وارو عمل عيد جي موڪلن کان ترت پوءِ شروع ڪيو ويندو.
ناڻي وزارت جي ذريعن موجب، نئين مالي سال جي بجيٽ بابت آءِ ايم ايف سان مشاورت ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف جو وفد مئي جي ٻئي هفتي دوران پاڪستان پهچندو ۽ بجيٽ جا هدف آءِ ايم ايف کان منظوري وٺي طئي ڪيا ويندا.