شهيد ۽ غازي قوم جو فخر آهن، آزادي ۽ امن بهادرجوانن جي قربانين جو نتيجو آهي: آرمي چيف

Spread the love

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته شهيدن جو احترام هر پاڪستاني لاءِ مقدس آهي ۽ اڄ جو امن ۽ آزادي سندن قربانين جو نتيجو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ايڇ ڪيو ۾ اعزاز ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي آفيسرن ۽ جوانن کي ستاره امتياز ملٽري ۽ تمغه بسالت سان نوازيو ويو.
تقريب دوران خطاب ڪندي جنرل عاصم منير چيو ته شهيد ۽ غازي اسان جو فخر آهن، سندن وطن لاءِ ڏنل بي مثال قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن.
هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ جيڪو به امن ۽ استحڪام آهي، اهو شهيدن جي قربانين جي ڪري ئي حاصل ٿيو آهي.

اپريل 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو