نمبر ون ٽڪ ٽاڪر ڪراچي ۾، ماڻهن ڪهڙو ورتاءُ ڪيو؟
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مشهور ٽڪ ٽاڪر، اداڪارا، ماڊل۽ يوٽيوبر جنت مرزا ڪراچي گهمڻ ۾ رڌل آهي.
ٽڪٽاڪرز جي لسٽ ۾ پهرئين نمبر تي خوبصورت ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا اڄ ڪلهه ڪراچي ۾ موجود آهي ۽ سمنڊ ڪناري جي خوبصورتي مان مزا وٺي رهي آهي.
فلم تيري باجري دي راکي ۽ دل موڙ دي جي اداڪارا ڪراچي ۾ ڪنهن جي نجي تقريب ۾ شرڪت لاءِ آئي.
هن پنهنجون تصويرون شيئر ڪندي ٻڌايو ته ڪراچي جا ماڻهو ساڻس سٺو ورتاءُ ڪري رهيا آهن.
جُون 23, 2023