عورت جو جسماني رمانڊ ڇو کپي؟ چيف جسٽس جو پڇاڻو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ڪارڪن صنم جاويد خلاف 9 مئي 2023 سان لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰٰ آفريدي سوال ڪيو آهي ته جڏهن جوابدار عورت آهي ته پوءِ سندس جسماني رمانڊ ڇو کپي ؟
سپريم ڪورٽ ۾ صنم جاويد خلاف ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته عورت جوابدار جي صورت ۾ جسماني رمانڊ ڇو گهربل آهي؟
ان موقعي تي اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي عدالت کي آگاهه ڪيو ته صنم جاويد طرفان جسماني رمانڊ خلاف داخل اپيل تي هاءِ ڪورٽ کيس ڪيس مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو آهي.
بعد ۾ سپريم ڪورٽ ٻڌڻي دوران صنم جاويد کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته صنم جاويد جسماني رمانڊ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي.