ايران ۾ قتل ڪيل پاڪستانين جي فهرست جاري

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ مارجي ويل پاڪستانين جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي.
ايران ۾ پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو ٻن ڏينهن اڳ دهشتگرد حملي ۾ قتل ٿيل اٺ پاڪستاني شهرين جا نالا ظاهر ڪري ڇڏيا.
سفير موجب، اهي سڀ پورهيت هئا، جن کي ايران جي شهر مهرسان ۾ نشانو بڻايو ويو.
پاڪستاني سفير موجب، مارجي ويلن ۾ محمد عامر، محمد دلشاد، محمد ناصر، ملڪ جمشيد، محمد دانش، محمد نعيم، غلام جعفر ۽ محمد خالد شامل آهن، جيڪي سڀئي بهاولپور سان واسطو رکندڙ هئا.
مدثر ٽيپو جو چوڻ آهي ته پاڪستاني سفارتخانو ايراني عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ قتل ٿيل پاڪستانين جا مڙهه وطن واپس آڻڻ جا انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن.
وزيراعظم ۽ ڊپٽي وزيراعظم جي هدايت تي مڙهه جلد پاڪستان اماڻيا ويندا.
پاڪستاني سفير وڌيڪ چيو ته ايران سان انصاف لاءِ سهڪار جاري آهي، فوري ۽ شفاف جاچ لاءِ ايراني اختيارين سان لاڳاپو قائم آهي، جڏهن ته ايراني حڪومت مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايران جي صوبي سيستان ۾ هڪ ورڪشاپ تي دهشتگردن فائرنگ ڪري اٺ پاڪستاني پورهيتن کي قتل ڪري ڇڏيو هو، مقتولن جو تعلق پنجاب سان هو۔

اپريل 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو