ايران جي سيستان ۾ 8 پاڪستانين جي قتل جي سخت مذمت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران سيستان ۾ 8 پاڪستانين جي قتل جي سخت مذمت ڪندي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو آهي.
پاڪستان ۾ ايراني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته 8 پاڪستانين جي قتل جو واقعو غير انساني ۽ بزدلاڻو فعل آهي، جنهن جي سخت مذمت ڪيون ٿا.
بيان ۾ چيو ويو ته دهشتگردي سڄي خطي ۾ پراڻو ۽ گڏيل خطرو آهي، غدار عنصر عالمي دهشتگردن سان گڏجي خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي نشانو بڻائين ٿا.
ايراني سفارتخاني طرفان واضح ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي مڪمل خاتمي لاءِ سڀني ملڪن کي گڏيل ڪوشش ڪرڻي پوندي.