سنڌو درياهه تي ڪئنال رٿا نه کپي
پروفيسر توصيف احمد
ڪراچي جو 85 سيڪڙو پاڻي ڌاٻيجي جي کوهن مان ايندو آهي. ڌاٻيجي ۾ پاڻي سنڌو درياهه مان ايندو آهي. جڏهن چولستان لاءِ ڪينال رٿا تي عمل ٿي ويندو ته ڪراچي ۾ پاڻي اڻلڀ ٿي ويندو. ساڳي صورتحال حيدرآباد ۽ سکر جي آهي. جيڪڏهن زراعت پاڻي جي کوٽ سبب تباهه ٿي وئي،وڏن شهرن ۾ خوراڪ، کير ۽ ڏھي جي اڻاٺ پيدا ٿي ويندي.
سنڌو درياهه تي تحقيق ڪندڙ سول سوسائٽي جي ميمبر نصير ميمڻ جو چوڻ آهي ته جڏهن درياهه جو صاف پاڻي سمنڊ ڇوڙ نھ ڪندو ته عربي سمنڊ جي ڪنارن تي بيٺل مينگرو ٻيلا ختم ٿي ويندا. پوءِ جڏهن عربي سمنڊ ۾ ٻوڏ ايندي ۽ سمنڊ ۾ سونامي جهڙو طوفان ايندو، ته ڪراچي جي حفاظت ڪندڙ مينگروز جا وڻ اتي موجود نه هوندا ۽ اھو طوفان اھڙي ريت ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيندو جھڙي ريت سوين سال اڳ سمنڊ جي پاڻي ڪراچي، ٺٽي ۽ آس پاس جي علائقن کي تباهه ڪيو هو. هن صورتحال ۾ ضروري آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ماڻهو سنڌو درياهه ۾ سوڪهڙي جو ادارڪ رکن.
چولستان ڪينال رٿا جي منظوري گذريل سال صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڏني وئي هئي. هن رٿا تحت، اهي 6 ڪينال بياس نديءَ جي ٻوڏ جي پاڻي کي استعمال ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويندا، اهڙي طرح ان خبر سنڌ ۾ هلچل مچائي ڇڏي. جڏهن ماهرن صدارتي محل ۾ ٿيل اجلاس جي ڪارروائي جو مطالعو ڪيو، جنھن سان خبر پئي ته تعمير ٿيندڙ ڪينال جي حيثيت تبديل ڪئي وئي آهي. هاڻي اھو ڪينال سڄو سال وھندو رهندو.
اڳوڻي صدر ايوب خان جي دور ۾ ھندستان سان ڪيل سنڌو طاس معاھدي تحت، اوڀرين درياھن راوي، بياس ۽ ستلج کي ھندستان جي ڪنٽرول ۾ ڏنو ويو ۽ ٽي اولهه وارا درياھ سنڌو، جهلم ۽ چناب جو ڪنٽرول پاڪستان کي ڏنو ويو ھو. ان معاهدي تحت هندستان کي ان ڳالھھ جو پابند ڪيو ويو ھو تھ راوي، بياس ۽ ستلج دريائن ۾ چاڙھ ٿيڻ يا ٻوڏ اچڻ جي صورت ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي. اهو ئي سبب آهي تھ جڏهن هندستان ۾ اونهاري جي مند ۾ ٻوڏ ايندي آهي ته انهن اوڀر جي دريائن ۾پاڻي ايندو آهي. جڏهن اتي سوڪهڙو هوندو هوندي آهي ته پاڪستان جي علائقي ۾ وهندڙ درياهه سڪل رھندا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اربين رپين جي رٿا کي صرف ٻوڏ جي پاڻي تي نٿو ڇڏي سگهجي. پوءِ اهو نڪتو به ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو ته چولستان پراجيڪٽ جي ڪينالن جي (اسٽيٽس)حيثيت تبديل ڪرڻ جو مطلب اھو آهي ته سنڌو درياهه جو پاڻي انهن شهرن کي سيراب ڪندو. سنڌو درياهه هن سال سوڪهڙي جو شڪار آهي. درياهه جي پاڻي کي مينيج ڪندڙ اداري ارسا، پاڻي جي تحفظ لاءِ سخت وارننگ جاري ڪئي آهي. ان بنياد تي ان رٿا جي خلاف راءِ عامھ ھموار ٿيڻ لڳي. شروعات ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت مسئلي جي سنگيني کي محسوس نه ڪيو، پر جڏهن احتجاج وڌندا ويا ته سنڌ حڪومت کي مسئلي جي سنگيني جو احساس ٿيو.
سنڌ حڪومت دريائي پاڻي جي ڪنٽرولنگ اٿارٽي ۾ اعتراض داخل ڪيو، پر ارسا جي بيوروڪريٽس سنڌ حڪومت جي احتجاج کي نظرانداز ڪندي ان رٿا جي عمل جوڳي ھئڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو. جڏهن اخبارن ۾ اھي خبرون ڇپيون ۽ سنڌ حڪومت اھو قانوني نڪتو اٿاريو ته ان رٿا جي منظوري لاءِ صوبن وچ ۾تڪرارن جو نبيرو ڪندڙ آئيني اداري گڏيل مفادن واري ڪائونسل، کڻي اچڻ گهرجي.
جڏھن کان ھاڻوڪي حڪومت اقتدار ۾ آئي آھي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو ئي نھ آهي. ميڊيا ان خبر کي وڏي پئماني تي ڪوريج ڏني ته پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چولستان ۾ ان رٿا جو افتتاح ڪيو. ان خبر سڄي سنڌ ۾ چولستان ڪينال رٿا خلاف تحريڪ کي تيز ڪري ڇڏيو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سان گڏوگڏ ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ احتجاج شروع ٿيا. جيئن احتجاج وڌيا تھ اهو سوال اهم ٿي ويو ته ان رٿا جي منظوري ايوان صدر ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڏني وئي.اھري ريت هاڻي پيپلز پارٽي به تنقيد جو نشانو بڻجڻ لڳي. اهو دٻاءُ هو جنهن صدر زرداري کي پارليامينٽ جي نئين سال جي شروعات ۾ پنهنجي تقرير ۾ منصوبي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ تي مجبور ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير ان ڳالهه جي ترديد ڪئي تھ ايوان صدر ۾ ٿيل اجلاس ۾ رٿا جي منظور ڏني وئي ھئي.
هن جو اهو به چوڻ آهي ته ان اجلاس جي منٽس کي تبديل ڪيو ويو آھي. پر سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ايوان صدر پاران ان بابت ڪو به ترديدي بيان جاري نه ڪيو ويو. اهو ئي سبب آهي جو سڄي سنڌ ۾ بي چيني وڌندي پئي وڃي ۽ پيپلز پارٽي کي به هن منصوبي کي ختم ڪرڻ واري تحريڪ ۾ شامل ٿيڻو پئجي ويو آهي. سنڌ ۾ هن مسئلي تي عوامي راءِ ايتري قدر جڙي وئي آھي عيد الفطر جي موقعي تي هر تعلقي ۾ جلوس ڪڍيا ويا. انهن جلوسن ۾ عورتن ۽ نوجوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. هڪ پاسي تھ پيپلز پارٽي ڦاٿي پئي آھي تھ پاسي، ڪراچي جي نمائندگي ڪندڙ جماعتن، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم، پڻ خاموشي اختيار ڪري ويٺيون آھن.جماعت اسلامي جا سنڌي اڳواڻ تھ احتجاجي تحريڪ ۾ شامل آهن، پر جماعت اسلامي جي قيادت جي خاموشي اھم آھي.جيڪا ڪراچي جي مفادن جي نمائندگي جي دعويٰ ڪري ٿي آهي. ايم ڪيو ايم جي قيادت پيپلز پارٽي سان اختلافن سبب ڪو موقف اختيار نه ڪري سگهي آھي.
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به 4 اپريل تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ پنهنجي تقرير ۾ واضح طور تي چيو ته ”شهباز شريف صاحب، سنڌ جي ماڻهن کي اھا رٿا قبول ناهي ۽ اسان سنڌ جي ماڻهن سان گڏ آهيون.” پر هن سنڌ ۾ هن منصوبي جي مخالفت ڪندڙ سياسي پارٽين کي “پاڪستان نه کپي” جو نعرو هڻڻ وارا قرار ڏنو. بلاول ڀٽو تي ان الزام سبب خاصي سخت تنقيد ٿي رھي آھي. سنڌ جي ليکڪا ۽ دانشور نورالهديٰ شاهه پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي لکيو آهي ته ڪينال رٿا جي مخالفت ڪندڙ غدار نه آهن. سمورن واقعن جي جائزي وٺڻ کان پوءِ اھا حقيقت واضح ٿي چڪي آهي ته هي رٿا فوري طور تي رد ٿيڻ گھرجي ۽ سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين کي هن منصوبي جي مخالفت ڪرڻ گهرجي
اپريل 12, 2025