گڏاپ ٽائون ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر راجا عبدالرزاق بلوچ ۽ چيئرمين طارق عزيز بلوچ جي اهم ملاقات

Spread the love

ملير (ڊر) گڏاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي آفيس ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ ضلع ملير جي صدر راجا عبدالرزاق بلوچ، گڊاپ ٽائون جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ سان خاص ملاقات ڪئي، جنهن دوران ترقياتي منصوبن بابت خيال ونڊيا ويا۔ چيئرمين طارق عزيز بلوچ چيو ته محدود وسيلن ۽ بيشمار مسئلن جي باوجود، گڏاپ ٽائون ۾ ترقياتي منصوبا ڪونسل جي ميمبرن جي صلاح مشوري سان زور شور سان جاري آهن۔

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڊاپ ٽائون ۾ بنيادي سهولتن جي بهتري، روڊن جي تعمير، صاف پاڻي جي فراهمي، سولر سسٽم جي لڳائڻ، نيڪال جي مسئلن ۽ تعليمي ادارن جي خراب حالت تي ڳالهيون ڪيون۔

ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر راجا عبدالرزاق بلوچ خاطري ڪرائي ته هو صوبي جي سطح تي گڏاپ ٽائون جي مسئلن کي اجاگر ڪندا ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندا۔ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور آهي ته عوام کي سندن گهرن تائين سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ۽ اسين هن مشن تي اڳتي وڌي رهيا آهيون۔

چيئرمين طارق عزيز بلوچ، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر راجا عبدالرزاق بلوچ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته صرف عوامي نمائندن جي گڏيل تعاون سان ئي علائقي جي ترقي ممڪن آهي۔ هن چيو ته ٽائون انتظاميا موجود وسيلن کي استعمال ڪندي علائقي جي مسئلن جي حل لاءِ پورو ڪردار ادا ڪندي۔

ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر احمد يار، ڊائريڪٽر ايڇ آر ايم همايون عمران خان، ڊائريڪٽر انفارميشن رضوان صابر، ڊائريڪٽر پراپرٽي سهيل يار خان، ڊائريڪٽر سوشيل ويلفيئر جلال حنيف، ڊائريڪٽر ايڊورٽائزمنٽ هدايت الله شيخ، ڪونسل ميمبر عيسيٰ بلوچ، ڪونسل ميمبر مرتضيٰ يار محمد بلوچ، علائقائي معزز ياسر بلوچ، غلام فريد بلوچ، اسطين بلوچ، پي ايس چيئرمين لعل جان نبي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

اپريل 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو