صاحب راءِ ۽ شڪتي وان اديب رکيل مورائي

Spread the love

نصير سومرو

ادب جون پاڙون اندر کان ٻاھر طرف ڦھلجڻ جو لاڙو رکن ٿيون، پر ڌيري ڌيري! ڇاڪاڻ  ته ارتقا ۾ ڦھلاءُ يا آيل تبديلي ڌيرج سان مڪملتا جا مرحلا پنھنجي سمي طئي ڪري ٿي  ته جٽاءُ برقرار رھي ٿو۔ جٽاءُ ئي ٻڌائي ٿو  ته پاڙون ڪيتري قدر پڪيون ۽ پختي ھونديون۔

رکيل جنھن ريت لکي ٿو، ڀلوڙ! ادب تي ڳالھائي ٿو، ڀلوڙ!۔ عوامي ادبي انجمن جي ماھوار گڏجاڻي ۾ گڏ ھئاسين، تنقيدي راءِ  ڏيندي، ھڪ جملو چيائين  ته ”اردو آھي ئي شاعري جي زبان۔۔“ اردو جي نامياري شاعر عرفان غالب کي سندس راءِ و ڏاڍي وڻي۔ اردو مشاعرن جي روايت سگھاري رھي آھي۔ مان سنڌي ۾ شاعر پڙھندو ھيس  ته آڊيئنس جي خواھش تي بروقت ترجمو ڪرڻو پوندو ھو۔ غالب عرفان ۽ رفيع الدين راز، منھنجي آزاد ترجمي پسند ڪندي اردو ۾ شعر چوڻ تي ھمٿايوم۔ رکيل جي راءِ سمجھه ۾ آئي ۽ اردو ۾ شاعري شروع ڪيم۔ اردو ۾  ته ”وسعتِ داماں“ جو پھريون ڇاپو ٢٠٢٠ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو سنوار سڌار ۽ وڌيڪ تخليقن وارو ڇاپو ٢٠٢٥ع ۾ نقش پبليڪيشن  طرفان شايع ٿيو۔

رکيل جي پڪي وھي، مشق سخن ۽ وسيع مطالعي، خاص ڪري سرحد پار ڇپجندڙ شھري ادب (urban literature) جي اڀياس سبب سوانح نويسي، مھاڳ، تاثرات ۽ تبصرن ۾ اظھاريل راءِ کي قبوليت جو درجو  ته برابر ملي ٿو، البته تخليقي ادب ۾ symmetry جو ورجائڪ انداز status- que کي ٽوڙڻ ۽ اڳتي قدم کڻڻ ۾ رنڊڪ بڻجي ٿو۔ ادب ۾ تخليقي نواڻ ۽ نئين تجربي سان اچي ٿي۔ نئون پڙھڻ ۽ گھڻين ٻولين جي ادب جي روايت شڪن تجربن جي سڌ ٻڌ سان اسلوب ۾ جدت ۽ ندي جي روان دوان وھڪري واري تازگي آڻي نئين روايت قائم ڪرڻ ئي ”تجربو“ ھوندو آھي۔

به ھر ڪيف سرحد جي ٻنھي  طرفن جي اديبن سان رکيل جي ديرينه سڃاڻپ، لھه چڙھ ۾ رھڻ ۽ ڪتابن جي ڏي وٺ ڪارڻ کيس اپڊيٽ رھڻ ۾ لائيف لائين ملندي رھي ٿي۔ڦھلاءَ اٽل آھي۔ ڦوڪڻو ڦولجي ٿو  ته سڄو سارو ڦھلجي ٿو۔ حالتن ۾ آيل ڦيري جو اثر شخصي ڪيفيت کي به ڦيرائي ڇڏي ٿو۔ ڪيفيت جي حالتن سان مطابقت (conformity) مان vision جي جيڪا شڪتي ملي ٿي اھا پنھنجي رستي ھلڻ ۽ مستقل مزاجي ماڻڻ ۾ بنياد مھيا ڪري ٿي۔ رکيل ان ڏس ۾ شڪتي وان اديب آھي۔ شڪتي وان اديب جنھن ڊپ جي گھوڙي کي لغام وجھڻ جي جرئت ڪئي  ته ھو پنھنجي راءِ کي بيانيه بڻائي ھلچل مچائي سگھي ٿو، پر اھو آھي ايڊوينچر۔

ڦھلاءُ  (expansion)، جنھن جو ضد سوس (contraction) آھي، جو اصول سمورين شين (جاندار ھجن/غير جاندار) تي لاڳو ٿئي ٿو۔ اديب پنھنجي ذات ۾ ھڪ ڪائنات وانگر آھي۔ ڪائنات جو لاڳيتو ڦھلجڻ، ڪائنات جو خاصو آھي، جيڪو انڪشاف ١٩٢٠ع ڌاري جڳ مشھور سائنسدان حبل ڪيو ھو۔

رکيل سان پھريون تعارف شاعراڻو ٿيو ھو۔ ھاڻي ھُو صاحبِ راءِ اديب آھي ۽ صاحبِ راءِ ئي سوانح نگار ٿئي ٿو۔  شيخ اياز پاران شاعري جي چوٽي سَر ڪرڻ کانپوءِ نثر ڏانھن لڙيو۔ ڏيھه پرڏيھه جي ڏاھپ کي سنڌي ۾ ارپڻ ۾ پاڻ ملھايائين۔

نثراڻو ڦھلاءُ کيس ھمعصر شاعرن کان ممتاز به بڻائي ٿو ۽ سنڌي ادب کي گھڻو ڪجهھ ڏئي، ٻين ٻولين جي ادب سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي ھمسر به ڪري ٿو۔ نثر جي باري ۾ شمس الدين عرسائي جو چوڻ آھي  ته ”ٽوپلو ٽنگڻ لاءِ ھڪ ڪِلي به ڪافي ھوندي آھي۔“

احمد سولنگي کي ڀاڳوند چئجي، يا بااثر، رکيل جي صورت ۾ شارح ۽ سوانح نگار مليس ۽ ڇپائي ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان سھڪار پڻ۔ رکيل سکر جي سياستدان خورشيد شاھ ۽ نور الدين سرڪي کان علاوه محمد خان ابڙي جي سوانح به مرتب ڪئي آھي۔ ادب جي تجزياتي اڀياس ۾ اديب جو تذڪرو ضرور ڪرڻو پئي ٿو۔ ڇاڪاڻ، جو ”وقت“ سان گڏ ڪجھه وڌارا، وضاحتون، تائيدون، ترديدون گھربل رھن ٿيون، جيئن ماضي ۽ حال جي ڀيٽ ذريعي سوانح ڪوائف، يا سُوچنا ۾ آيل ڦيري مان تجديد جو جائزو وٺي سگھجي۔ لکت جا موضوع، مونجھارا ساڳئي وقت وقتي ۽ نوان آهن  ته دائمي ۽ پراڻا پڻ.

ڪتابن تي تبصرا، ساروڻين ۽ سنڀارن جا سانگا، جيئن جيئن گھرج ڪر کڻي ٿي  ته رکيل لکي ٿو۔ شاعراڻي سڃاڻپ انشائيه ۽ سوانح نگاري سبب ثانوي ٿي ويس۔ شاعري ۾ داخلي تسڪين ۽ سوانح نگاري ۾ خارجي گھرجن سان ھمڪنار ٿيڻو پئي ٿو۔ رکيل تي ھڪ مضمون ”شاعراڻا ويچار“ ۾ لکيو ھو ۽ ٻيو سالگرھ جي مناسبت سان روزاني عوامي آواز ۾ لکيو ھيم۔ ھي ٻه اکر به مٿس سالگرھ حوالي سان لکي رھيو آھيان۔ دوست کي ياد ڪرڻ دراصل دوستي کي پاڻي ڏيڻ آھي۔ پاڻي ڏيڻ، يا آبياري سان رابطي جا ڦول تر ۽ تازا رھن ٿا۔ ٻين لفظن ۾ سڪ جو سافٽ ويئر اپڊيٽ رھي ٿو ۽ بس!

اپريل 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو