پاڪستاني ٽيم جا بُرا نتيجا پي ايس ايل کي متاثر ڪندا : حسن علي

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز جي فاسٽ بالر حسن علي چيو آهي ته جيڪڏهن قومي ٽيم ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاريندي ته ان جو اثر پي ايس ايل تي به پوندو، جڏهن ٽيم سٺو کيڏندي ته پي ايس ايل جو گراف به مٿي ويندو.
ڪراچي ۾ پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن جي شروعات کان اڳ ڪراچي ڪنگز جي پهرين پريڪٽس سيشن جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حسن علي چيو ته جڏهن قومي ٽيم پرفارم ناهي ڪندي ته ان جو اثر فرنچائز ليگ تي پوندو آهي.
هن پاڪستاني ٽيم جي حمايت ڪندي چيو ته جيتوڻيڪ قومي ٽيم جا موجودا نتيجا سٺا نه آهن پر اِها به حقيقت آهي ته ٽيم ۾ نوان رانديگر آهن ۽ جڏهن نوان چهرا هوندا آهن ته انهن کي وقت ڏيڻو پوندو آهي، رانديگرن کي اندازو آهي ته ڪهڙيون غلطيون ٿيون ۽ ڪيئن بهتري آڻڻي آهي.

اپريل 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو