ڪوشش آهي ته صحافين کي وڌ ۾ وڌ سھولتون ڏيون: شرجيل انعام ميمڻ
ميرپورخاص (رپورٽ: خدابخش چوھاڻ )عمر ڪوٽ جي تمام صحافتي تنظيمن ۽ ادارن کي گھرجي ته ھو پنھنجي نمائندن کي پنهنجو جائز حق ڏين ته جيئن ھو پنھنجي ذميداريون سٺي نموني سان ادا ڪري سگهن حڪومت سنڌ ۽ سڌ سماءُ کاتي ۽ صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ جي اھائي ڪوشش رهي آهي
ته صحافين کي وڌ ۾ وڌ سھولتون فراھم ڪيون وڃن ته جيئن ھو پنھنجي ذميدارين کي بھتر انداز ۾ سر انجام ڏئي سگهن مسئلن جي نشاھندگي ۽ سرڪار پاران عوامي فلاح بهبود لاءِ ڪيل ڪمن جي بھتر تشريح ٿي سگهي ان ڳالھ جو اظھار ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غوث محمد پٹھان سڌ سماءُ سما کاتي حڪومت سنڌ پاران مالي مدد لاءِ ڏنل چيڪ ڏيڻ جي سادي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص غلام رضا کوسو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غوث محمد پٺاڻ سينئر صحافي غلام محمد ڪنڀر کي چيڪ ڏنو انھي کان علاوه ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غوث محمد پٺاڻ ، سينئر صحافي رسول بخش رحمداڻي، نارائڻ داس، غلام مصطفي، سيد اسد الله حسيني، رپورٽ: سيف الله مڱريو محمد اسلم مھر ۽ امتياز کوسو کي چيڪ ڏنا
ان موقع تي انھن وڌيڪ چيو ته سڌ سماءُ کاتي جو بنيادي مقصد حڪومت جي پاليسين/ ڪارڪردگي کي پرنٽ ۽ اليڪٽرنڪ ميڊيا جي ذريعي صحيع نموني سان تشھير ڪرڻ آهي ته جيئن سنڌ حڪومت پاران عوام جي لاءِ جيڪي قدم کنيا آھن يا کنيا پيا وڃن
اھي ماڻھن تائين پھچي سگھن انھن چيو ته سڌ سماءُ کاتي پاران صحافين لاءِ صحت ڪارڊ پروگرام، صحافين کي پلاٽ ڏيڻ لاءِ ڪم جاري آهي جڏھن ته غريب بيمار صحافين ۽ پريس ڪلبن جي مالي مدد لاءِ فنائنشل گرانٽ ڏني ويندي آهي جنھن جو ثبوت اڄ جي ھي تقريب آهي صحافين لاءِ ملڪي ۽ غير ملڪي مطالعي جا دورا ڪرايا ويندا آهن ٻاهر کان ايندڙ صحافين کي سھولتون فراھم ڪيون وينديون آهن
صحافين جي تحفظ لاءِ ضلعي سطح تي ڪميشن ٺاھيو ويو آهي شھيد ٿيندڙ صحافين جي وارثن جي مالي مدد جي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون آهن عمرڪوٽ جي صحافين جي مالي مدد لاءِ وارا رهيل چيڪ، عمرڪوٽ جي پريس ڪلب جي گرانٽ به جلد کان جلد ڏني ويندي صوبائي وزير اطلاعات ۽ سڌ سماءُ کاتي سنڌ جي ڪوشش آهي ته صحافين ۽ ادارن جي بھتري لاءِ وڌيڪ بھتر قدم کنيا وڃن ته جيئن صحافين جي مايوسي کي ختم ڪري سگهجي.
جُون 22, 2023