پاڻي جون پاليسيون، عمل ۽ عالمي موسمي حقيقتون
نصير ميمڻ ۽ محمد احسان لغاري
گڏيل قومن جي تازو جاري ڪيل ”پاڻي جي ترقي واري عالمي رپورٽ 2025“ سنڌو طاس جي پاڻيءَ جي مستقبل بابت خدشا وڌائي ڇڏيا آهن۔ رپورٽ سُڪندڙ گليشيئرز جي هڪ خوفناڪ تصوير پيش ڪري ٿي، جن لڳ ڀڳ ٻن ارب ماڻهن جي مستقبل کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي جيڪي گليشيئرز جي رجڻ جي ڪري درياهي پاڻي حاصل ڪن ٿا۔ اهو ظاهر ڪري ٿو ته هندوڪش-هماليه (ايڇ ڪي ايڇ) علائقي ۾ گليشيئرز جو گھٽ ٿيڻ انتھائي ڳڻتي جوڳو آهي — 2011-2020 واري ڏھاڪي ۾ ان کانپوءِواري ڏهاڪي2000-2010 جي مقابلي ۾ 65 سيڪڙو تڪڙي گھٽتائي آئي۔ اهي عالمي سراسري کان وڌيڪ تيزيءَ سان رجي رهيا آهن۔
ايڇ ڪي ايڇ علائقو، جيڪو 3,500 ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي، اتان 10 وڏن ايشيائي ندين جي سر شتن لاءِ، جنهن ۾ سنڌو ندي به شامل آهي، کي پاڻيءَ جي ذخيري طور سڃاتو وڃي ٿو۔ انهن ندين جا طاس 1.9 ارب ماڻهن کي پاڻي ڏين ٿا! يعني دنيا جي آباديءَ جو لڳ ڀڳ چوٿون حصو انھن درياهن تي انحصار ڪري ٿو۔ اھي رجندڙ گليشيئر ايندڙ ڏھاڪن ۾ گھٽيل پاڻيءَ جي وهڪرن جي ڪري ڏڪار ۽ سوڪھڙي جو ڪارڻ ٿي سگھن ٿا. ان جي نتيجي ۾ ھن وسيع علائقي ۽ آبادي لاءِ کاڌي، پاڻي، توانائي ۽ روزگار جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي سگھن ٿا۔
تازو ئي موسميات کاتي ملڪ ۾ سوڪھڙي جي خبرداري/وارننگ جاري ڪئي آهي۔ اسان ڏٺو آھي ته پوئين ڊگھي عرصي کان پاڻي جو گھٽ اچڻ خالي ڊيمن ۽ بيراجن تي گھٽجندڙ وهڪرن جي صورت ۾ پاڻي جي اڻاٺ کي ظاھر ڪري رھيو آھي۔ موسمياتي کاتي جي ان خبرداري ۾ چيو ويو آهي ته اھي سوڪھڙي واريون حالتون سنڌ، بلوچستان جي ڏاکڻي حصن ۽ پنجاب جي هيٺين اوڀر جي ميدانن ۾ برقرار آهن۔ مجموعي طور، ملڪ ۾ 40 سيڪڙو گھٽ مينهن پيو آهي۔ سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، جتي سيپٽمبر 2024 کان اڄ تائين 62 سيڪڙو عام حالتن کان گھٽ مينهن رڪارڊ ڪيو ويو آهي۔ هڪ ڳڻتي ڏياريندڙ اڳڪٿي ڪندي چيو ويو آهي ته لڳاتار مينهن جي گھٽ پوڻ ۽ وڌندڙ گرمي پد جي ڪري، ايندڙ مهينن ۾ فليش/تڪڙو سوڪھڙو اچي سگھي ٿو ۔(فليش ڊرائوٽ/ تڪڙو سوڪھڙو اھي ڏڪاري حالتون آھن جيڪي تمام گھٽ وقت/ڪجھه ھفتن ۾ پيدا ٿين)
تربيلا ۽ چشما ذخيرا خالي ٿي ويا آهن، ۽ سنڌو نديءَ ۾ گهٽ وهڪرا آهن۔ پوئين مهيني عالمي پاڻيءَ جي ڏينهن تي، سنڌ پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ 51 سيڪڙو کوٽ کي منھن ڏئي رهيو هو۔ ڪجهه واھ گهربل وهڪرن کان 70 سيڪڙو گهٽ پاڻي کڻي رھيا ھئا۔ آبپاشيءَ جا عملدار آبادگارن کي منٿون ڪري رهيا هئا ته هو پوکڻ کان پاسو ڪن، ڇو ته واٽر ڪورسز ۾ بس ٿورو ئي پيئڻ جو پاڻي ڇڏيو پيو وڃي۔ اڄ به سنڌ ۾ مجموعي طور تي 65 سيڪڙو کوٽ آھي . سنڌ ۾ خريف جلد شروع ٿئي ٿو، ۽ اپريل جي شروعات تائين پاڻيءَ جي گهرج 40,000 ڪيوسڪ تائين پهچي ٿي، جڏهن ته صوبو 20,000 ڪيوسڪ کان گهٽ وصول ڪري رهيو آهي۔ موسمي اڳڪٿي پريشانيءَ ۾ واڌارو ڪري رهي آهي، ڇو ته فليش/تڪڙي سوڪھڙي بابت اڳ ۾ ئي خبردار ڪيو ويو آهي۔ سنڌ ۾ اپريل اچڻ سان ئي گرمي تيزيءَ سان وڌي ٿي، جيڪا ٻنين مان باقي رهيل مٽيءَ جي ھلڪي آلاڻ ختم ڪندي ٺوٺ ڪيو ڇڏي ۔ جيڪڏهن وهڪرا اپريل جي وچ تائين بهتر نه ٿيا ته سنڌ ۾ خريف جي فصلن ڪپهه، ڪمند، انب، ڪيلن ۽ سبزين جي پيداوار تي ناڪاري اثر پوندا۔
انڊس رور سسٽم اٿارٽي اپريل دوران پاڻيءَ ۾ 43 سيڪڙو کوٽ جو اعلان ڪيو آهي۔ اڀرندڙ صورتحال تشويشناڪ آهي، ڇو ته پوين ڪجهھ سالن کان آڳاٽي خريف لاءِ پاڻي جا وھڪرا نه ھئڻ جي برابر رھيا آھن۔ پوئين 10 سالن مان پنجن ۾، تربيلا ڊيم مارچ جي ٽئين هفتي تائين خالي/ استعمال ۾ نه اچي سگھندڙ سطح تي پهچي ويو۔ منگلا ڊيم ساڳي عرصي ۾ نسبتاً بهتر ذخيرو ڏيکاري ٿو ( ڇو جو جھلم ندي تاريخي طور جلد وھڪرا آڻيندي آھي ان کي ارلي رائزر پڻ چوندا آھن)۔ پر، اهڙي نازڪ مرحلي تي، سنڌ کي ورلي ڪو پاڻي منگلا مان ملندو آھي، ڇو ته پنجاب پنهنجي خريف جي ضرورتن لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو۔ سنڌ ان عمل تي ناراضگي جو اظهار ڪندو رهيو آهي۔
سنڌو طاس ۾ پاڻيءَ جي دستيابي هن صديءَ جي پهرين پنجويھن سالن ۾ گھٽجي وئي آهي۔ اوڀر ۽ اولهه جي ندين ۾ وهڪرا قدرتي ۽ انساني سرگرمين جي ڪري گھٽجي ويا آهن۔ رِم اسٽيشنز تي وهڪرن جو ڊيٽا ظاهر ڪري ٿو ته اولهه واري ندين (سنڌو، جهلم ۽ چناب) جي رِم اسٽيشنز تي سراسري وھڪرا1976-1998 دوران 135.82 ملين ايڪڙ فٽ هئا پر 1999-2023 دوران واضح طور تي گھٽجي 120.79 ملين ايڪڙ فٽ ٿي ويا۔ ساڳيءَ طرح، اوڀر جي ندين (راوي، ستلج ۽ بياس) ۾ ساڳئي عرصي دوران 9.35 ملين ايڪڙ فٽ کان 2.96 ملين ايڪڙ فٽ تائين گھٽتائي ڏٺي وئي آهي۔
هن پسمنظر ۾، سنڌ ۾ نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي سختيءَ سان مذمت ڪئي پئي وڃي۔ صوبو لڳاتار احتجاجن جي ڪري سماجي تحرڪ ۾ آيل آهي، جيڪي چولستان علائقي ۾ ڪئنالن جي تعمير ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ اسڪيم جي شديد مذمت ڪري رهيا آهن۔
سنڌو درياهي سرشتي ۾ 2010 کانپوءِ ڪا به وڏي ٻوڏ نه آئي آهي۔ 2022 ۾ پوئين تباهه ڪندڙ ٻوڏ غير معمولي مينهن ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد تي موجود جبلن جي سلسلن مان تيز وهڪرن جي ڪري آئي هئي۔ پوين ڪجهھ سالن کان وهڪرن ۾ مجموعي طور گھٽجندڙ رجحان وڌيڪ چٽو ٿي ويو آهي۔ جيتوڻيڪ موسم جون بي ترتيبيون وڏيون ٻوڏون آڻي سگھن ٿيون، پر ايندڙ ڏهاڪن ۾ سوڪھڙو/ پاڻي جا گھٽجندڙ وھڪرا وڌيڪ امڪاني نظر اچن ٿا۔ جيئن سراسري گرمي جو پد وڌي ٿو ۽ مينهن گھٽ ٿئي ٿو، تيئن ڊگهي عرصي لاءِ پاڻي جون مقداري حالتون وڌيڪ غير يقيني واريون ٿي وڃن ٿيون۔
ويجهڙائي ۽ ڊگهي مدت جا منظر نئين ڪمانڊ ايرياز کي ترقي ڏيڻ يا وڏي پيماني تي فارمنگ اسڪيمن تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪنھن به حالت ۾ عقلي فيصلو ناھي! — خاص طور تي جيڪڏھن ان تي عالمي جنسي/فصلن جي واپار ڪرڻ جو خيال آھي! ان کان سماجي، اقتصادي، مالياتي، ماحولياتي ۽ قانوني طور +اھو گھڻو بھتر آھي ته جيڪا ڪمانڊ اڳ ئي جڙيل آھي ۽ ان تي پاڻي به مليل آھي ان تي ڪم ڪيو وڃي. پاڪستان جي في ايڪڙ زرعي پيداوار ڏکڻ ايشيا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آھي، ان ۾ صرف ڏھ سيڪڙو اضافو ڪرڻ سان ان کان وڌيڪ اپت وڌائي سگھون ٿا جيڪا سٺ لک ايڪڙ نئين زمين کي آباد ڪرڻ سان ڪجي! ان تي خرچ صرف ڏھ کان پنڌھرن سيڪڙو ايندو جيڪو نئين ڪمانڊ لاءِ ڪرڻو پوندو؛ ان جا سماجي ۽ ماحولياتي فائدا ان کانسواءِ آھن. دنيا جو ڪو به اقتصادي ماڊل اھو نه ڪرڻ جو ٻڌائي ٿو جيڪو نون ڪئنالن ذريعي ڪيو پيو وڃي! بھتر آھي ته زرعي ۽ آبپاشي جي اڏاوتي نظام ۾ جدت، سماجي سرمايو ۽ صلاحيت، زمينن جي سنوت،ٻج ڀاڻ جو بھتر معياري نظام، زرعي ۽ پاڻي تي تحقيق ۽ ھڪ فعال طرز حڪمراني لاءِ ڪوششون ڪجن؛ ۽ بهتر پاڻيءَ جي انتظام ڏانهن قدم وڌائجن۔
پاڻي جي گھٽجندڙ مقدار ۽ ڪرندڙ معيار کي ڏسندي قومي سوڪھڙي واري ايمرجنسي جو اعلان ڪيو وڃي ته جيئن ڊگهي عرصي جو پاڻي جي اڻاٺ کي منھن ڏيڻ ۽ ڏڪاري حالتن جي ناڪاري اثرن گھٽائڻ جو منصوبو تيار ڪيو وڃي ۽ زمين ۽ پاڻيءَ جي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ واريون پاليسيون ترتيب ڏنيون وڃن۔
اپريل 7, 2025