ملير: عوامي پريس ڪلب ملير ويلفيئر آرگنائزيشن جي نون چونڊجي آيل عهديدارن کي مبارڪباد

Spread the love

ملير (ڊر) ملير جي معزز مسلم ليگ ن جي اڳواڻ پير حفيظ الله جان سرهندي عوامي پريس ڪلب ملير ويلفيئر آرگنائزيشن جي نون چونڊجي آيل عهديدارن صدر عبدالقادر درس قاضي لطيف بلوچ  غني ميمڻ عنايت عثماني مقصود ڄاموٽ ۽ ٻين کي اجرڪون جا تحفا پيش ڪيا ۽ گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون نيڪ خواهشن جو اظھار ڪيو ان موقعي تي

 پير حفيظ الله جان سرهندي پريس ڪلب ۾ موجود صحافين  سان ڳالهائيندي چيو ته عوامي پريس ڪلب ملير ويلفيئر آرگنائزيشن ملير جي مفادن لاء ڪم ڪيو آھي ملير جي سماجي مسئلن کي ايوانن تائين پهچائي مسئلا حل ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي ملير واسين جي اميدن تي پورو لٿا آھن

 اسين نون عهديدارن مان پراميد آھيون ته ملير جي مائروڙن لاء ڪم ڪندا رهندا آيل مهمانن کي سرپرست اعلي قاضي لطيف ۽ صدر عبدالقادر درس ۽ ٻين آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته عوامي پريس ڪلب ملير پنهنجي روايت برقرار رکندو عوامي اميدن تي پورو لهندو پنهنجيون صحافتي فرائض سرانجام ايمانداري سان نبائيندو رهندو

اپريل 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو