صائم ايوب سعيد انور سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي

Spread the love

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان اوپننگ بيٽر صائم ايوب ليجنڊري سعيد انور سان ملاقات جي اندورني ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏيو.
صائم ايوب ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پروفيشنل ۽ ذاتي زندگي بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
پوڊ ڪاسٽ دوران ميزبان اوپنر کان سوال ڪيو ته ڪو اهڙو ڪرڪيٽر آهي جنهن کي ڏسي توهان چوندا هجو ان جيان کيڏڻو آهي؟
جنهن جي جواب ۾ ننڍپڻ کان پاڪستاني ٽيم جون ميچون ڏسي رهيون آهيان، ڪيئي سپر اسٽارز هئا جن ملڪ جو نالو روشن ڪيو، پر سعيد انور، برائن لارا، سچن ٽنڊلوڪر ايڊم گلڪرسٽ پسند آهن، جڏهن سعيد انور سان ملاقات جو موقعو پڻ مليو.
اپنر چيو ته سعيد انور سان ڪا خاص ڳالهه ٻولهه نه ٿي هئي، ساڻس مسجد ۾ ملاقات ٿي هئي، پر ڪرڪيٽ بابت گفتگو نه ٿي هئي، ان وقت مان پاڪستان لاءِ ڊيبيو نه ڪيو .
صائم ايوب چيو ته جيڪڏهن هاڻي سعيد انور سان ملاقات ٿي ته هن سان ڪرڪيٽ بابت ضرور گفتگو ڪندس.

اپريل 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو