مسائلستان جو حل صرف سياست!

Spread the love

عاصمه شيرازي

ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو هوندو ته رياست جا 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو، شخصيتون، اهلڪار ۽ جوان دهشتگردي جو شڪار ٿي وڃن ۽ پوءِ به دهشتگردي جي خلاف بيانيو نه بڻجي سگهي. ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي ته جنازا کڻڻ وارا ڪلها جنازا کڻي کڻي جهڪي وڃن مگر مارڻ وارن جي خلاف نفرت پيدا نه ٿي سگهي، ڇا ته بدنصيبي آهي ته هر ڏھ سال بعد دهشتگردي روپ بدلي ڪري اچي وڃي ۽ امن جو وقفو مختصر کان مختصر ٿيندو وڃي.

جناب! دهشتگردن نفرت جو بيانيو ٺاهي ڇڏيو آهي پر اسان محبت جو بيانيو بڻائي ناهيون سگهيا، انتهاپسند ميڊيا کان وٺي سوشل ميڊيا تائين واضح پاليسي سان گڏ ليس آهن، اسين اڃا تائين دهشتگردن جا حامي ناهيون سڃاڻي سگهيا، فسادي عوام جي پذيرائي جي لاءِ ڪوڙ جو هر حربو آمائي رهيا آهن مگر اسين سچ ٻڌائڻ ۾ به ڪامياب نه پيا ٿي سگهون، ڪجھ ته آهي جنهن کي هاڻ ڳولڻو پوندو، پنهنجو پاڻ کي سچ چوڻو پوندو، انڪار جي ڪيفيت مان نڪرڻو پوندو.

اختيار ۽ اقتدار ڌڻي گذريل پاليسين تي طعنه زن ٿين ٿا ته انتشار پسند وري مورچا بند ٿين ٿا، هر پنجن سالن ۾ ڪيترائي آپريشن جنم وٺن ٿا ۽ سوال پوءِ به امن امان کي درپيش خطرن جي صورت ۾ ئي اڀرن ٿا، هر بدلجندڙ حڪومت ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي اهميت تي زور ڏنو وڃي ٿو پر هر ڀيري ان ايڪشن ۾ قوم کي شامل ڪرڻ جي اهميت منفي ٿي وڃي ٿي.

2014 ۾ نيشنل ايڪشن پلان ٺهيو جيڪو سڀني سياسي پارٽين جو متفقه هو ۽ نتيجو هڪ ڪامياب آپريشن جي صورت ٿيو جنهن جو نالو ضرب عضب هو، اهڙي طرح آپريشن راه حق جنهن تحت ٽن مهينن ۾ سوات کي دهشتگردن کان پاڪ ڪيو ويو ۽ اتان جي رهواسين مختصر ترين وقت ۾ گهرن ڏانهن واپس وريا، اهو آپريشن به اتان جي سياسي پارٽين جي شموليت ۽ رضامندي کان بغير ممڪن نه هو.

عوام ۾ پذيرائي رکندڙ سياسي تنظميون جن جون پاڙون عوام ۾ هجن انهن جي مدد کان بغير ڪنهن به قسم جي فوجي آزمائش يا مشق فقط غلطين ۽ سانحن کي جنم ڏين ٿا.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بلوچستان کان طورخم جي سرحد تائين رياست هڪ چئلينج کي منهن ڏيئي رهي آهي، صرف هڪ سال ۾ هڪ هزار 758 حملا ٿي چڪا آهن، سيڪيورٽي اهلڪار جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن جڏهن ته اسين هڪ حملي کان ٻي حملي جي وچ ۾ وقفي کي امن قرار ڏيون ٿا.

دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ واضح ”سافٽ اسٽيٽ“ يعني نرم رياست جي بيانيي جي ضرورت آهي ۽ پوءِ ”هارڊ اسٽيٽ“ يعني سخت گير رياست جي تڙڪي جي اهميت. پر پهرين ته اهيو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته اسين هڪ سافٽ رياست طور ڇو ناڪام آهيون؟ رياست کي هڪ ئي وقت ۾ مختلف مسئلا سامهون آهن، هڪ طرف بلوچستان جتي عليحدگي پسند سرگرم آهن ۽ هر ايندڙ ڏينهن بي گناھن جا قتل ڪندي نظر اچن ٿا ته ٻي طرف وري تحريڪ طالبان ۽ ان جهڙيون ڪيتريون ئي تنظيمون خيبر پختونخواھ ۾ دهشت ڦهلائي رهيون آهن.

خيبر پختونخواھ ۾ عوام دهشتگردن جي خلاف مزاحمت ڪندي نظر اچي ٿي، پختونخواھ جو بهادر عوام انتهاپسندي جو شڪار آهن ۽ پنهنجي سماجي ڍانچي جي بربادي جي سمجھ به رکن ٿا پر اتي اهڙي ماحول جي ضرورت آهي جنهن ۾ سياسي ۽ عوامي تنظيمون رياست سان بيٺل هجن. ڇا رياست تحريڪ انصاف سميت سمورين عوامي تنظيمن کي اعتماد ۾ وٺي اڳتي وڌي سگهي ٿي؟ ياد رهي ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير ڪنهن به آپريشن جو مخالف آهي پر انهن کي گڏ کڻي هلڻ جي صورت ۾ بهتر نتيجا نڪري سگهن ٿا، مگر ڇا عمران خان ان جي اجازت ڏيندو ۽ ڇا عمران خان دهشتگردن خلاف عوامي بيانيو ٺاهيندو؟ اهي سڀ سوال اهم آهن.

ٻئي طرف بلوچستان ۾ ڀڙڪندڙ باھ عليحدگي پسندن ۽ رياست جي وچ ۾ آهي، بلوچستان ۾ عوامي سياسي تنظيمن کي آهستي آهستي ختم ڪيو ويو، عوام ۽ رياست جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندڙ سياسي تنظيمن کي سياسي نظام مان ”مائنس“ ڪرڻ جو عمل ڪافي عرصي کان جاري هو ۽ آخري تابوت ۾ آخري ڪوڪو 2015 ۾ ڊاڪٽر مالڪ جي حڪومت برطرف ڪري ٺوڪيو ويو. هاڻ مصنوعي ۽ غير فطري سياسي ماحول ۾ اصل قيادت ڪيڏانهن ٻي پاسي هلي وئي آهي، ڳالھ تمام اڳتي نڪري وئي آهي ۽ هن دفعي ٿوري مان ڳالھ نه ٺهندي.

مون سنڌ ۾ ڪينالن واري مسئلي تي لکيو هو ته اهيو مسئلو حل نه ٿيو ته اهو به وفاق ۾ ڏار وجهي ڇڏيندو. پنجاب ۾ مذهبي نفرت ۽ انتهاپسندي ختم نه ٿي ته هڪ نئون بحران جنم وٺندو، ايندڙ ڏينهن ۾ پنجاب ۾ احمدين جي خلاف نفرت آميز قدمن ۽ انتهاپسند تنظيمن جي ڪارواين سان صوبي ۾ ديڳڙي پچي رهي آهي، انهن سڀني جو تدارڪ متفقه نيشنل ايڪشن پلان سان ٿي سگهي ٿو.

بلوچستان جي نوجوان کي سياسي ڌارا ۾ آڻڻو پوندو تڏهن ئي قومي ڌارا بڻجي سگهندي، ان جي لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم کان وڌيڪ ”آغاز حقوق بلوچستان“ جهڙي پيڪيج جي ضرورت آهي. رياست جنهن خطرناڪ موڙ تي بيٺل آهي اتي ان کي گهڻ رخن قدمن جي ضرورت آهي مگي انهن سڀني کان پهرين رياست کي انڪار جي ڪيفيت مان نڪرڻو پوندو، دلين ۽ ذهنن کي کٽڻ جي ڪا ترڪيب لڳائڻي پوندي ۽ اها ترڪيب صرف سياست جي رستي ئي نڪري سگهي ٿي.

(سنڌيڪار: شاهجهان خاصخيلي)

مارچ 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو