بلوچستان بابت ڪير ڄاڻڻ به چاھي ٿو يا نه ؟
نصرت جاويد
21 مارچ واري شام کان بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ امن امان جي صورتحال تسلي بخش نھ آھي. حڪومت مقابلو ڪري رھي آھي بلوچ يڪجھتي ڪائونسل پاران برپا ڪيل احتجاجن جو. ذڪر ڪيل تنظيم جي سڃاڻپ ماھ رنگ بلوچ آهي.”مسنگ پرسنز“ جي معاملي کي ڪيترن ئي سالن کان کڻڻ جي ڪري ھي نياڻي بلوچ نوجوانن جي خاصي وڏي حلقي ۾ مقبول کان مقبول تر ٿي چڪي آهي. آخري خبر اچڻ تائين ھن کي گرفتارڪيو ويو ھو.تازي احتجاج جو سبب جعفر ايڪسپريس جي اغوا بعد ٿيڻ بعد ڪيل ڪارروائي دوران انھن دھشتگردن جو مارجڻ ٻڌايو وڃي ٿو، جن جي لاشن جا وارث تھ سامھون نھ آيا پر بلوچ يڪجھتي ڪائونسل انھن جي”وارث“ طور لاش وصول ڪري بظاھر اھي سندن وارثن حوالي ڪرڻ چاھي رھي آھي.حڪومت ان لاءِ تيار نھ آھي. ان کي خدشو آھي تھ ھوءِ ٽرين جي اغوا ۾ ملوث مبينا دھشتگردن جي لاشن کي وصول ڪرڻ بعد انھن کي احتجاج ڀڙڪائڻ جي لاءِ استعمال ڪندي.
جيڪي ‘حقيقتون’ بيان ڪيون آهن، اهي ٽي وي اسڪرينن يا سوشل ميڊيا تي مختلف ڌرين پاران پوسٽ ڪيل پيغامن جي ذريعي مون تائين پهتيون آهن. تفصيل سان ڄاڻڻ لاءِ مون کي ڪنهن ‘صحافي’ سان ڳالهائڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي.اصل “خبر“ جي کوج لڳائڻ لاءِ دل رڳو رٽائرمينٽ ٿيڻ جي ئي ڪري نھ لڇيو.سڄي عمر صحافت جي نذر ڪرڻ ڪري دل تھ ٻن ڏينھن کان اھو بھ ڄاڻڻ لاءِ بي چين آھي تھ ترڪيھ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي.اتي ‘سلطان اردگان’ جي مخالفن جو وڏو تعداد رستن تي ڇو نڪري آيو آھي؟ ترڪيھ سان گڏوگڏ طالبان جي آمريڪا مان آيل ‘سرڪاري وفد’ جي ملاقاتن تي پڻ ڪافي ڌيان ڏنو آهي. بلوچستان تھ اڳي ئي 1970 جي ڏهاڪي کان منهنجي دل جي تمام ويجهو رهيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته، اتي جي تازن واقعن کي مستَند ذريعن کان معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي ؟
منهنجي لاتعلقي جو بنيادي سبب اها حقيقت آهي ته گذريل ڪجهه سالن کان، اسان جي ‘آزاد’ صحافت وٽ بلوچستان جي حقيقتن بيان ڪرڻ جي حوالي سان صرف ٻه رستا بچيا آهن: پهريون اهو ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمرانن کي اتي جي سڀني مسئلن جو ئي واحد ذميوار قرار ڏنو وڃي. ٻيو رستو ان ڳالھھ تي اصرار ڪندو رھڻ آھي تھ پاڪستان ۾مخالف قوتون، جن ۾ ڪجهه طاقتور ملڪ به شامل آهن، معدني وسلين سان مالا مال پاڪستان جي علائقي جي اعتبار کان سڀ کان وڏي صوبي،کي ُپرامن ۽ خوشحال ڏسڻ نٿيون چاھين.طالبان جي فاتح طور ڪابل واپسي کان وٺي، ان صوبي جي پشتون علائقن ۾ مذهبي انتها پسند “خلافت” کي بحال ڪرڻ لاءِ بيچين آهن. پشتون علائقن جي ابتڙ بلوچستان جي اڪثريتي علائقن ۾ عليحدگي پسند تنظيمن پاران دهشتگردي جون وارداتون ٿي رهيون آهن.
اٽڪل روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن کي اسين بطور’خبر’ رپورٽ ڪرڻ جا عادي نه رهيا آهيون. ‘صحافي’ پاڪستان ۽ دنيا جون اخبارون پڙهندڙن، ٽي وي ڏسندڙن، يا سوشل ميڊيا صارفين کي اهو ٻڌائڻ ۾ شرم جوڳي حد تائين ناڪام رھيا آهن ته جعفر ايڪسپريس جو روٽ ڪھڙو آهي.ان کي ڪھڙي ھنڌ تي اغوا ڪيو ويو هو؟ اھو ھنڌ جتي ٽرين اغوا ڪئي وئي هئي، ان جي تاريخ ۽ جاگرافي ڇا آهي؟ سنڌ کان ان ٽرين کي سبي رستي بلوچستان وٺي وڃڻ جو اصل سبب ڪھڙو ھو؟ برطانوي دور ۾ ان کي تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪھڙن سببن ۽ ڪهڙي سال ۾ ٿيو ھو؟ ڪراچي، اسلام آباد يا لاهور مان صحافين جا گروپ 10 کان 15 ڪلاڪن جي وچ ۾ واقعي واري هنڌ پهچي سگهيا پئي.ھٿ ٺوڪين ‘اسٽار’ بڻيل صحافين به ‘ واقعي واري ھنڌ ‘ تائين پهچڻ جي ڪوشش نه ڪئي. شايد ان خوف کان مفلوج رھيا تھ اغوا ڪيل ٽرين کي بازياب ڪرائڻ ۾ مصورف ادارا کين اتي گڏ ٿيڻ نه ڏيندا.
اسان جي مقابلي ۾ هندستاني ميڊيا وادي بولان ۾ اغوا ٿيل ٽرين کان فورن بعد ان جي باري ۾ ‘لائيو’ نشريات شروع ڪري ڇڏي.انھن کي واقعي واري ھنڌان اغوا ڪندڙ سيٽلائيٽ فونن ذريعي تصويرون ۽ پيغام موڪليندا رهيا. ان کان علاوه اڄڪلھه پاڪستان ڇڏي ڪري آمريڪا وغيره ۾ رھندڙ ڪئين ‘جيدار صحافي’ پڻ هندستاني ميڊيا جي مهرباني سان بلوچ عوام جي ‘حقيقي خواهشن’ کي دنيا اڳيان رکندا رھيا. عام طور تي، اهي صحافي پنهنجي يوٽيوبرز ذريعي تحريڪ انصاف جا ‘دکڙا’ بيان ڪندا آهن.
جعفر ايڪسپريس جي اغوا کان پوءِ، بلوچستان جي حوالي سان ھندستاني ميڊيا جي معرفت ”بيانيئو“ وڪامجي ويو تھ اسان جي سرڪار کي مس هوش آيو. جوابي بيانيئي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڪمان سنڀالي.حقيقت کي بيان ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ بدران، هو پنجاب ۾ موجود انھن ‘دانشورن’ کي لتاڙيندو رھيو، جيڪي سندس سمجھھ مطابق بلوچستان کان صفا اڻ واقف هئڻ باوجود، اتي جي ‘ محرومي جي احساس’ جا مرثيھ پڙھندي ماڻهن کي گمراهه ڪن ٿا. پنجابي دانشورن جي بلوچستان جي باري ۾ ‘جھالت ‘ کان بيزار ٿي ڪري هن اهو به فيصلو ڪري ورتو ته پنجابي پنهنجن قاتلن سان محبت ڪن ٿا.
بلوچستان جي وڏي وزير پنجابين کي پنهنجن قاتلن سان محبت لاءِ ذميوار قرار ڏنو تھ مون، بدنصيب کي احساس ٿيو تھ بلوچ علائقن ۾ دهشتگرد بسن کي روڪي ڪري مسافرن جي سڃاڻپ پڇندا آهن. پنجاب جي مختلف علائقن مان اتي ويل غريب ڏھاڙي پورھيتن کي الڳ ڪري ماري ڇڏين ٿا.مان پنجابي آهيان ۽ مون کي پنهنجي ان سڃاڻپ تي ڪا به شرمندگي نه آهي. ان جي باوجود، بلوچستان جي ‘محرومي جي احساس’ کي ان صوبي جي پري پري جي علائقن ۾ ڪڏھن ڪڏھن گھڻي خراب صورتحال ۾ زمين تي وڃي ڪري ان کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آھي.مون کي يقين آهي ته هاڻي جيڪڏهن مان ڪنھن گاڏي يا بس ۾ سفر ڪندي اتي پهچندس ۽ ڪنهن ھنڌ دهشتگردن جي هٿ لڳي ويندس تھ منهنجي پنجابي سڃاڻپ موت جو پروانو بڻجي ويندي. ”پنھنجا بھ بيزار ۽ باقي بھ تنگ آھن مون منجھان “مان اهڙين حالتن ۾ سچ بيان ڪريان تھ ڪئين ڪريان ؟ نفرت اسان جي ذهنن کي بند ڪري ڇڏيو آهي. پري پري تائين ان ڳالھه جو ڪو امڪان نظر نھ پيو اچي تھ ڪي معتبر ماڻھو اڳيان وڌن ۽ بلوچستان جي حقيقي مسئلن جي حل ڪرڻ جي لاءِ نيڪ نيتي سان بيان ڪرڻ جو رستو ڳولين. 1975 کان پنھنجي زندگي جو هر لمحو ‘خبر’ جي ڳولا ۾ گذارڻ جي باوجود مان پڻ عمر جي ھن آخري حصي ۾ توهان کي تفصيل سان اھو ٻڌائڻ جي قابل نھ رهيو آهيان. تھ ڪوئيٽا ۾ جمعي واري ڏينھن کان ڇا ٿي رهيو آهي، سوال بھرحال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڪو ان بابت ڄاڻڻ به چاهي ٿو يا نه ؟ جان جي اَمان گھرندي عرض ڪريان ٿو تھ سوشل ميڊيا تي رڳو اهو بحث هلي رهيو آهي ته ماه رنگ بلوچ آهي يا لانگو ۽ لانگو ڪير آهن ؟
جعفر ايڪسپريس جي اغوا کان پوءِ، بلوچستان جي حوالي سان ھندستاني ميڊيا جي معرفت ”بيانيئو“ وڪامجي ويو تھ اسان جي سرڪار کي مس هوش آيو. جوابي بيانيئي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڪمان سنڀالي.حقيقت کي بيان ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ بدران، هو پنجاب ۾ موجود انھن ‘دانشورن’ کي لتاڙيندو رھيو، جيڪي سندس سمجھھ مطابق بلوچستان کان صفا اڻ واقف هئڻ باوجود، اتي جي ‘ محرومي جي احساس’ جا مرثيھ پڙھندي ماڻهن کي گمراهه ڪن ٿا. پنجابي دانشورن جي بلوچستان جي باري ۾ ‘جھالت ‘ کان بيزار ٿي ڪري هن اهو به فيصلو ڪري ورتو ته پنجابي پنهنجن قاتلن سان محبت ڪن ٿا.
مارچ 28, 2025