قرآن ڪريم ۽ صحيح البخاري جي روشني مان ليلتہ القدر جي وضاحت

Spread the love

مسعود احمد خاصخيلي

اللہ تعالي انسانن مٿان پنھنجي ڪرم ۽ ٻاجھ جا لاجواب مثال ڏئي، انھن مٿان ڪروڙين احسان ڪيا آھن. انسان کي زندگي گذارڻ جي لاء ھڪ سڌي راھہ عطا ڪيائين ۽ زندہ رھڻ خاطر هن جي لاء پڻ ڪيترائي وسيلا يا موقعا پيدا ڪيائين تہ جيئن ھو پنھنجي حقيقي مالڪ ۽ خالق جي ساراھ ڪندي پنھنجي حياتي، ھدايت واري رستي تي ھلي ان جي ھر ھڪ پھلوء جو جائز فائدو وٺي ۽ زندگي جي مقصد کي سولائي سان سمجھي سگھي. اسلام جي تاريخ، اھڙن کوڙ سارن اللہ تعالي طرفان ڪيل نوازشن ۽ رحمتن سان ڀريل آھي جن انساني وجود کي حقيقي مقصد ۾ آڻڻ لاء بھترين ذريعو ثابت ٿيون آھن.
اھڙي ريت، اسلام جي تاريخ ۾ اللہ سائين جي طرفان “ليلتہ القدر” جي رات پڻ ھڪ تاريخي اثر رکي ٿي، ھونئن تہ ھر ڏينهن توڙي رات جو پنھنجو پنھنجو شرف آھي پر ھن رات جي فضيلت سڀني راتين جي ڀيٽ ۾ اعلي آھي. ھن رات ۾ اللہ تعالي پنھنجي پياري حبيب حضرت محمد مصطفي صہ جن مٿان پنھنجو پاڪ ڪتاب قرآن ڪريم نازل ڪيو جيڪو انسانيت جي اوسر ۽ زندگي جي ھر پھلو جي سڀ کان بھترين عڪاسي ٿو ڪري. اللہ تعالي هن رات کي انسانن جي لاء ھڪ اھڙو واحد ذريعو بڻايو جنھن جي ذريعي ھو پنھنجي حقيقي مالڪ کي سڃاڻڻ ۽ زندگي جي تنگين کي ھڪ بھترين شڪل سان حل ڪري سگھن ٿا.
ليلتہ القدر جي رات اھا عظيم رات آھي، جنھن کي رب پاڪ پنھنجي ٻانھن جي لاء ھڪ بخشش جو وسيلو بڻايو آھي. ليلتہ القدر جي رات اھا عظيم رات آھي جنھن ۾ ڪو بہ شخص پنھنجي تڪليفن ۽ گهرجن يا ضرورتن جو اللہ جي بارگاھ ۾ اظھار ڪري انھن مان ڇوٽڪاري لاء دعا گھري سگهي ٿو. ھن رات ۾ ٻانھو پنھنجي پاڻ کي رب جي عبادت ۾ مشغول رکي، رب کي راضي ڪري سگھي ٿو ۽ پنهنجي رزق، روزي ۽ اولاد جي ڪشادگي ۽ سلامتي لاء رب کي ٻاڏائڻ جو بھترين وسيلو آھي.
قرآن شريف ۾ ليلتہ القدر جي رات جو ذڪر سورہ القدر جي آيتن ۾ آيو آھي، اللہ تعالي ليلتہ القدر جي باري ۾ ارشاد فرمايو آھي تہ: يقيننا! اسان ھن (قرآن) کي شب قدر ۾ نازل ڪيوسين. توکي ڪھڙي خبر تہ شب قدر ڇا آھي. شب قدر ھزار راتين کان بہ ڀلي رات آھي، ان ۾ ھر ڪم کي سرانجام ڏيڻ جي لاء فرشتا لاٿا ويندا آهن. ھي رات بلڪل سلامتي جي ھوندي آھي، جيڪا پرھہ ڦٽي تائين رھندي آھي.” قرآن ڪريم جي ھنن پاڪ آيتن منجهان اهو واضح ڪري سگهجي ٿو تہ ھن رات ۾ اللہ تعالي طرفان فرشتا انسان جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ خاطر نازل ڪيا ويندا آھن جيڪي سموري رات ٻانھن جي لاء بخشش ۽ روزگار جو وسيلو بڻجندا آھن. ھن ڀلاري رات ۾ اللہ سائين ظاھر ڪري ڇڏيندو آهي تہ، آھي ڪو اوھان مان گناھ گار جيڪو پنھنجي گناھن جي بخشش گھري ۽ مان ھن کي معاف ڪري ڇڏيان. آھي ڪو بيروزگار شخص جيڪو ھن رات ۾ روزگار جي لاء دعا گھري ۽ مان ھن کي روزگار عطا ڪيان. آھي ڪو اھڙو شخص جيڪو اولاد گھري ۽ مان ان کي اولاد عطا ڪريان. آھي ڪو اھڙو وياجي شخص جيڪو وياج کان پناھ لاء مون کان دعا گھري ۽ مان هن کي معاف ڪري ڇڏيان. آھي ڪو اھڙو شرابي جيڪو شراب کان توبہ تائب ٿئي ۽ مان هن کي ان شراب کان آزاد ڪري ھن جي مغفرت ڪري ڇڏيان. مطلب تہ اللہ پاڪ ھر قسم جي آزادي ڏئي ڇڏيندو آھي تہ جنھن کي جنھن شي جي ضرورت ھجي تہ مان ان کي اھا پنھنجي خزاني مان عطا ڪيان. انسان ھن رات ۾ روئي پنھنجي ڪيل گناھہ يا ڏوھن جي بخشش لاء رب کي راضي ڪري سگھي ٿو. ڇو تہ ھي اھا رات آھي، جنھن رب پاڪ حضرت جبرائيل عہ جي وسيلي پنهنجي حبيب محمد صہ تي پھرين وحي نازل ڪئي ھئي. ان جي نسبت سان ھي رات انتھائي اھميت ۽ شرف رکندڙ آھي.
هن رات جي سڀ کان وڏي فضيلت اها آهي ته هن ۾ الله تعاليٰ جي رحمت جا دروازا کوليا وڃن ٿا، ۽ مغفرت جا موقعا ميسر ٿين ٿا. حديثن موجب، نبي پاڪ ﷺ فرمايو: “جنهن شخص ايمان سان ۽ ثواب جي نيت سان ليلة القدر ۾ عبادت ڪئي، ان جا اڳيان سمورا گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا.” (بخاري، مسلم). ٻئي حديث ۾ اچي ٿو ته ليلة القدر ۾ زمين تي فرشتا لهن ٿا ۽ رحمتن جي برسات ٿيندي آهي. سورة القدر ۾ به ذڪر ٿيل آهي: “تنزل الملائكة والروح فيها بإذن ربهم من كل أمر” (القدر: 4)
“هن رات فرشتا ۽ روح (جبرائيل) پنهنجي رب جي حڪم سان هر معاملي لاءِ نازل ٿين ٿا.” هن مان ثابت ٿئي ٿو ته ليلة القدر ۾ الله تعاليٰ جي رحمتون نازل ٿينديون آهن، ۽ فرشتا مومنن لاءِ دعاگو ٿين ٿا.
ھاڻي سوال اھو اڀري ٿو تہ آخر اسان ليلتہ القدر جي رات کي ڪيئن تلاش ڪري سگھون ٿا؟ ان لاء پڻ صحيح البخاري جي ڪتاب ۾ رسول اللہ صہ اسان کي ڪجھ ترڪيبوين ڏنيون آھن. رسول اللہ صہ صحيح البخاري ۾ ارشاد فرمايو تہ، اوھين ليلتہ القدر جي رات کي رمضان المبارڪ جي اڪي راتين ۾ تلاش ڪريو جيئن ايڪيھين، ٽيويھين، پنجويھين، ستاويھين، ۽ اوڻٽيھين راتين ۾ تلاش ڪيو ۽ ان ۾ قيام ڪريو.
صحيح البخاري جي ھڪ ٻي حديث نمبر 2020 ۾ ارشاد اچي ٿو تہ رسول اللہ صہ جن رمضان المبارڪ جي آخري عشري ۾ اعتڪاف ڪندا ھئا ۽ شب قدر کي انھن اڪي عدد راتين ۾ تلاش ڪرڻ جي ھدايت ڪندا ھئا. صحيح البخاري جھڙي عظيم ڪتاب ۾ ليلتہ القدر کي ھڪ بابرڪت رات قرار ڏنو ويو آھي، جنھن ۾ پڻ رسول اللہ صہ خود پاڻ، پنھنجي گھر وارن ۽ اصحاب سڳورن کي جاڳي عبادت ڪرڻ جي تلقين ڪندا ھئا. رسول اللہ صہ، صحيح البخاري ۽ پڻ ٻين ڪيترن ئي حديث جي مشهور ڪتابن جي صحيح حديثن ۾ بخشش ۽ ڇوٽڪاري ۽ رحمتن جي رات سڏيو ويو آھي ڪجھ عالم سڳورا ھن رات کي سڀني راتين جي ماء سڏيو آھي ڇو تہ ھن رات ۾ نبي پاڪ صہ جن تي جبل احد جي ھڪ غار، “غار حرا” ۾ پھرين وحي نازل ٿي، ۽ قرآن پاڪ جي نزول جي سلسلو شروع ٿيو.هيءَ وحي اسلامي هدايت ۽ رسالت جي شروعات هئي، جنهن بعد اسلامي تعليمات جو نئون دور شروع ٿيو. ان ڪري، ليلة القدر کي “قرآن جي رات” به سڏيو ويندو آهي.
نبي ڪريم ﷺ ليلة القدر جي فضيلت بابت پنهنجي صحابن کي ڪيترائي حديثون بيان ڪيون. حضور ﷺ فرمايو ته ليلة القدر رمضان جي آخري ڏهن راتين مان ڪنهن هڪ طاق رات ۾ اچي ٿي، خاص طور تي 21هين، 23هين، 25هين، 27هين يا 29هين رات ۾ ان کي ڳولهڻ گھرجي. حديث شريف موجب، جيڪو شخص ايمان سان ۽ ثواب جي نيت سان هن رات عبادت ڪندو، ان جا سڀئي اڳيان گناهه معاف ڪيا ويندا. نبي ﷺ فرمايو ته هن رات فرشتا ۽ جبرائيل عليه السلام زمين تي لهندا آهن، ۽ هر طرف رحمتون نازل ٿينديون آهن. نبي ڪريم ﷺ پنهنجي امت کي تلقين ڪئي ته هن رات خاص طور تي دعا پڙهي: “اللهم إنك عفو كريم تحب العفو فاعف عني” (اي الله! تون معاف ڪندڙ آهين، معافي کي پسند ڪندو آهين، مون کي به معاف ڪر). نبي ﷺ ليلة القدر کي ڳولڻ ۽ ان رات عبادت ڪرڻ جي تلقين ڪئي، ڇو ته هن رات ۾ لکين گناهن جي معافي، تقدير ۾ بهتري، ۽ بيشمار برڪتون موجود آهن.
ليلة القدر اسلامي تاريخ ۾ ڪيترن ئي اهم واقعن سان ڳنڍيل رهي آهي. هن رات جي برڪتن جي ڪري مسلمانن جي زندگي ۾ اهم تبديليون آيون. قرآن جو نزول اسلامي معاشري کي علم، عدل ۽ تقويٰ جو سبق ڏنو. مسلمانن جي روايتن مطابق، ڪيترائي اهم اسلامي فتحون ۽ واقعن جو ذڪر به هن مقدس رات سان لاڳاپيل آهي.ليلة القدر اسلامي عقيدي ۾ سڀ کان بابرڪت راتن مان هڪ آهي، جنهن ۾ عبادت ڪرڻ جو اجر عام ڏينهن کان هزارين دفعا وڌيڪ آهي. مسلمانن لاءِ هيءَ رات خاص اهميت رکندي آهي، ڇو ته ان ۾ قرآن نازل ٿيو، فرشتا زمين تي لهندا آهن، ۽ الله تعاليٰ جي رحمتن جو نزول ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري، مسلمانن کي گهرجي ته هو هن رات کي ضايع ڪرڻ بدران، پنهنجي رب جي قرب حاصل ڪرڻ لاءِ عبادت، استغفار، ۽ نيڪ عملن ۾ گذارين. مسلمان هن رات خاص عبادتون ڪن ٿا، جهڙوڪ تهجد، نفل نمازون، قرآن پاڪ جي تلاوت، دعا، ۽ استغفار. نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته جيڪو شخص ايمان سان ۽ ثواب جي نيت سان هن رات جاڳي، الله تعاليٰ سندس سڀئي پويان گناهه معاف ڪري ڇڏيندو. ليلة القدر اسان کي تعليم ڏئي ٿي ته اسين پنهنجي زندگين ۾ روحاني سڌارو آڻيون، الله تعاليٰ سان ويجهڙائپ پيدا ڪريون، ۽ نيڪ عملن تي هلڻ جي ڪوشش ڪريون.

مارچ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو