نوڪرشاھي جي ترقي ۾ نظرانداز ٿيلن جا دکڙا
سهيل وڙائچ
تضادستان جڏھن کان ٺھيو آھي. ان ۾ يا تھ نوڪرشاھي سياست ڪندي رھي آھي يا وري خود نوڪرشاھي وٽان سياست ٿيندي رھي آهي.هي ملڪ ٺهندي ئي چوڌري محمد علي، غلام محمد ملڪ، سڪندر مرزا ۽ انهن جي چمچاگيري ڪندڙ آفيسرن اهم فيصلا پنهنجي هٿن ۾ ڪري ورتا. 1954کان پوءِ پھرين آھستي آھستي ۽ 1958 جي مارشل لا کانپوءِ تيزي سان اقتدار سول آفيسرن کان فوجي آفيسرن ڏانهن منتقل ٿي ويو، پر تڏهن به قدرت الله شهاب ۽ الطاف گوهر جهڙا آفيسر فيصلن ۾ اهم حيثيت رکندا ھئا.جيتوڻيڪ نوڪرشاھي اڄ جي هائبرڊ نظام ۾ گھڻو ڪمزور ٿي چڪي آهي، پر شهباز شريف ۽ مريم نواز جي گورننس انداز ۾ نوڪرشاھي جو ڪردار سڀ کان اهم آهي، ڇاڪاڻ ته شريف خاندان پنهنجي سياسي ۽ عوامي فيصلن تي عمل پنهنجي پسند جي نوڪرشاھي ذريعي ئي ڪرائڻ جو عادي آهي.
تازو ئي گريڊ 21 ۽ 22 جا جيڪي نوڪرشاھي جا اعليٰ درجا آھن انھن جون ترقيون ٿيون آھن، جنھن تي ھڪ پاسي انھن لاءِ مبارڪن جو سلسلو جاري آھي تھ ٻئي پاسي رد ٿيل آفيسرن جي گهرن تي سوڳ ڇائينل آهي. ڏسڻو اهو آهي ته تازين ترقين ۾ ڪيتري سياست ۽ ڪيتري اھليت ھلي آهي؟ وزيراعظم شھبازشريف سان گڏ سينئر بيوروڪريٽ توقير شاهه هڪ ڊگهي عرصي تائين تدبير واري صلاحڪار طور ڪم ڪيو آهي. تازو ئي کيس باقاعده صلاحڪار بڻائي وزيراعظم جي نوڪر شاھي ۽ ان لاءِ آفيس سندس حوالي ڪئي وئي آهي، يعني تھ هاڻي پرنسپل سيڪريٽري جو ڪم به اھو ئي ڪندو ۽ بيوروڪريسي ۽ سياست بابت صلاح مشورا به ڏيندو.هي هڪ وڻندڙ تبديلي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي وزيرن کي وزيراعظم آفيس ۾ انهن جي ننڍن ننڍن ڪمن ڦاٿل ھجڻ جي شڪايت ھئي.سو توقيرشاھ جي غيرموجودگي ۾ شھبازشريف بيوروڪريسي جي معاملن ۾ احد چيما تي وڌيڪ ڀاڙيندو ھو . توقير شاهه ۽ احد چيما ٻئي ڊگهي عرصي کان شهباز شريف جا وفادار رهيا آهن. ٻنهي (نون) جون ٿڌيون ۽ گرم موسمون ڏٺيون آهن ۽ چيما تھ باقاعدگي سان جيل ۾ به رهي چڪو آهي. پر توقير شاهه جو تجربو گھڻو ڊگهو آهي. هو سياست جي بھ سمجهھ رکي ٿو ۽ نوڪرشاھي ۽ سياسي سوچ ٻنهي کان واقفيت رکي ٿو. احد چيما، توقير شاهه جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سخت گرفت جو قائل آهي. ناپسنديده آفيسرن کي جلد معاف ڪرڻ ۾ جلدي تيار نه ٿو ٿئي .سندس پسنديدگي ۽ ناپسنديدگي جي فيصلن ۾ اهم ڪردار ھوندو آھي توقع ڪئي پئي وڃي تھ توقير شاهه جهڙي تجربيڪار صلاحڪار جي اچڻ سان وزيراعظم دفتر جي سياست ۽ گورننس جي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتر ٿيندي.اسان جھڙن ڪنڊ وٺي ويٺلن کي هڪ ڏينهن وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري سميت ڪيترن ئي آفيسرن جي گريڊ 22 ۾ ترقي جي خبر ملي. پر حيراني ان وقت ٿي جڏهن پرنسپل سيڪريٽري اسد گيلاني اڃان پنھنجي ترقي جون دعوتون کائي رھيون ھو تھ کيس آفيسر شاھي جي سڀ کان اھم پوسٽ يعني پرنسپل سيڪريٽري تان هٽائي ڪري، قومي ورثي جي غير اهم وزارت جو سيڪريٽري بڻايو ويو. هاڻي، يا ته ھن جي ٻه ڏينهن اڳ گريڊ 22 ۾ سندس ترقي جو جشن ملهايو يا ٻن ڏينهن بعد هن حڪومت جي فيصلي تي افسوس ڪيون. ڪو ٻڌائي تھ ھن چٽي تضاد ۽ آفيسر شاھي ۾ کليل تضاد جي اندروني ڪھاڻي ڪھڙي آھي ؟ ڳالھه اتي بس نھ ٿي ٿئي. جيڪڏهن ڪنهن آفيسر پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڪا اهم پوسٽنگ ورتي آهي، ته ان جي اعليٰ ڪارڪردگي جي باوجود ترقي جي عمل ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي.
نوڪرشاھي ڪيتري بھ فرعون بڻجي، چاھي عام ماڻھن سان اڌ ھٿ ملائي پوءِ بھ ان جي ساھ صرف ٻن پيز (Ps) ۾ ھوندوآهي، يعني پوسٽنگ ۽ پروموشن.جنھن ترقي ۽ تبديلي چوندا آھن، اھي ئي سندن نوڪري جو مرڪز ۽ محور ھوندا آهن، حڪومت ڪنھن جي بھ ھجي اھي رڳو چاھيندا آھن تھ کين سٺي پوسٽنگ ملي ۽ جڏهن موقعو اچي تھ ترقي پروموشن بھ ملي. هن ڀيري ڪيترن ئي آفيسرن جو خيال آهي ته انهن کي نوڪرشاھي جي اندروني سياست جي ڪري ترقي ناھي ملي ۽ موجوده حڪومت ۾ بيوروڪريسي جي پسنديده ۽ سفارشين کي به ترقيون مليون ويون آهن جن جي اھليت انهن جي مقابلي ۾ ڪا بھ نھ آهي.خوشي ٿي تھ آءِ جي عثمان انور کي گريڊ 22 مليو، ڇاڪاڻ ته هن عورتن، ٽرانس جينڊر ۽ محروم طبقن جي ڀلائي سان گڏ پوليس لاءِ به گھڻو ڪجھه ڪيو .پوليس ملازمن کي ايتري قدر ترقيون ڏنيون جو ماضي ۾ ان جو مثال نھ ٿو ملي. پوليس ٿاڻن کي ڊرائنگ روم بڻائي ڇڏيو ۽ ايتري فنڊنگ آندي جو بک تي پاھ ٿيندڙ پوليس اڄ ڪلهھ امير ترين فورس لڳي رھي آھي.
افسوس ٿيو ته شھبازشريف جي خود مقرر ڪيل آءِ جي عامر ذوالفقار کي ترقي نھ ملي. عمران ڪشور احمد مڪرم ۽ عامر ذوالفقار زبير هاشمي کان به ويل ھو ڇا ؟ زبير هاشمي تھ چئن مهينن ۾ رٽائر ٿيڻ وارو هو. عامر ذوالفقار آءِ جي موٽر وي اسلام آباد بھ رھي چڪو آھي.ان کي بھ چيو ويو ھو تھ رانا ثناءُالله خلاف منشيات جو ڪيس ٺاھي، پر هو تيار نه هو.رڳو عامر ذوالفقار ئي نھ ھر اھو آفيسر جنھن سان زيادتيءَ ٿي ھي ان کي حق ڏيڻ لاءِ نظرثاني بورڊ قائم ٿيڻ گھرجي تھ جيئن اھا روايت سڀاڻي ڪنھن جي خلاف استعمال نھ ٿئي.جاچ ڪرڻ تي خبر پئي تھ جن آفيسرن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، رد ڪيو ويو آهي يا في الحال التوا ۾ رکيو ويو آهي انهن جو سبب انٽيليجنس بيورو جون اڻ تصديق ٿيل رپورٽن تي سئو سيڪڙو ڀروسو ڪري ڪنهن جي ڪيريئر جو ٻيڙو ٻڏي ٿو وڃي.جيتوڻيڪ اهي ُٻڌ ُسڌ جون ڳالهيون ھونديون آهن ۽ انهن جي اصل کان ڪا تصديق ناهي ھوندي. اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر لاهور ۽ ڊي جي فوڊ اٿارٽي، جيڪو هن وقت ڊي جي وائلڊ لائف آهي. ان جو معاملو بھ ساڳيو آھي.مدثر رياض ملڪ، نورالامين مينگل وانگر، لاهور ۾ خوشگوار احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر کيس احمد عزيز تارڙ، آسيا گل، جاويد اختر محمود، سقراط امان رانا، ڊاڪٽر بلال حيدر، شاهد زمان، ڊاڪٽر فيصل ظهور، قانون سيڪريٽري آصف بلال لوڌي، شاڪر دائود ۽ علي عباس وانگر نظرانداز ڪيو ويو آهي.ضرورت آھي تھ هن سڄي عمل جي شفافيت جو جائزو ورتو وڃي ۽ حڪومتي ڍانچي کي ماضي،حال ۽ مستقبل ۾ هلائيندڙ انھن آفيسرن سان انصاف ڪيو وڃي.نوڪرشاھي کي هاڻي حڪمراني نھ پر عوام جي خدمت ڪرڻ جو انداز اختيار ڪرڻ گهرجي.ڪاش! آفيسرن جي ترقي ۾ عوامي راءِ بھ ورتي وڃي ته اهي وقت جا فرعون آهن يا ماڻهن جا خادم! پر افسوس آفيسرن جي ترقي جو فيصلو عوام نه پر انهن کان بھ وڏا آفيسر ڪندا آھن.
مارچ 26, 2025