ڀڳت سنگهه ۽ ھيمون ڪالاڻي جو ڏينھن
گل محمد منگي
جنھن تاريخ تي انگريز سامراج شھيد اعظم ڀڳت سنگهه کي ڦاسي ڏني ان ساڳي تاريخ يعني 23 مارچ تي ھڪ ٻئي وڏي انقلابي يعني ھيمون ڪالاڻي جي پيدائش ٿئي ٿي جنھن لاءِ شھيد ڀڳت سنگهه جي امڙ چيو ته “ڄيٺي! منھنجو پٽ ڀڳت سنگهه ته وري به عمر ۾ وڏو ھو، تنھنجو پٽ ھيمون ڪالاڻي ته شھادت ماڻن وقت منھنجي پٽ کان ننڍو ھو”ـ اھو خراج ئي ھيمون ڪالاڻي لاءِ وڏو اعزاز آھي ـ ڀڳت سنگهه 27-سيپٽمبر 1907ع تي موجوده پاڪستان جي فيصل آباد ضلعي جي تعلقي جڙانوالا جي ڳوٺ بونگا ۾ پيدا ٿيوـ جنھن ڏينھن ڀڳت سنگهه پيدا ٿيو ان ڏينھن ئي سندس والد ۽ چاچو برطانوي جيل مان آزاد ٿي گھر پھتا ھئاـ نوجوان ڀڳت سنگهه جي تربيت سياسي ماحول ۾ ٿي ۽ ھن کي سندس پيءَ ڪشن سنگهه کيس ننڍپڻ ۾ جليانوالا باغ ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويو ھو جتي انگريز سامراج خلاف مزاحمت ڪندڙ ھزارين سکن کي قتل ڪيو ويو ھوـ ظاھر آھي ته ڀڳت سنگهه تي انھن ڳالھين جو ڳوڙھو اثر پيوـ
ڀڳت سنگهه جي رڳ رڳ ۾ آزادي لاءِ تڙپ موجود ھئي ـ ھن کي پھريون ڀيرو لاھور مان گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس لاھور جي شاھي قلعي ۾ قيد ڪيو ويوـ اتان آزاد ٿيڻ بعد ھن ھندستان سوشلسٽ ريپبلڪن ايسوسي ايشن ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ان پليٽفارم تان آخر تائين جدوجھد ڪندو رھيو جنھن ۾ رامـپرساد بسمل، چندر شيکر آزاد، اشفاق الله خان ۽ ٻين ويڙهه ڪئي ۽ پنھنجي جانين جو نذرانو ڏنوـ
1928 ۾ سائيمن ڪميشن جي ھندستان آمد خلاف لاھور ۾ ھڪ زبردست احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن ۾ لٺبازي جي نتيجي ۾ آزادي پسند اڳواڻ لالا لجپت راءِ سخت زخمي ٿي پيو ۽ اسپتال ۾ فوت ٿي ويوـ ان جي خلاف ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين راج گرو ۽ سک ديو جي فائرنگ ۾ اسٽنٽ پوليس سپرنٽنڊنٽ جان سوندرس مارجي ويوـ گھڻي جاچ کان پوءِ پوليس کي حملو ڪندڙن جو پتو نه پئجي سگھيوـ ان کان پوءِ ڀڳت سنگهه جيڪو فرانس جي عظيم انارڪسٽ “آگسٽ ويلانت” کان گھڻو متاثر ھو جنھن فرانس جي پارليامينٽ ۾ بم اڇلايو ھو ۽ نتيجي ۾ ويلانت تي ڪيس ھلائي ان کي ڦاسي ڏني وئي ھئي ـ ڀڳت سنگهه ۽ ھن جي ساٿين به ساڳي طرح دھلي ۾ اسيمبلي ھال اندر ھڪ بم ڦٽو ڪيو ۽ نعرن جي گونج ۾ گرفتاري پيش ڪئي ـ ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي ـ
ان وچ ۾ جيڪي ماڻھون گرفتار ٿيا ھئا انھن مان ھڪ نوجوان انگريز تفتيشي آفيسرن کي جاچ دوران ٻڌايو ته جان سوندرس کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ ۾ ڀڳت سنگهه، راج گرو ۽ سک ديو ملوث آھن ـ جنھن بعد ان ڪيس ۾ انگريز عدالت ٽنھي ڄڻن ڀڳت سنگهه، راج گرو سک ديو مٿان ڪيس ھلايو ۽ کين ميانوالي جيل ۾ بند رکيو ويوـ ان ڪيس ۾ سندن وڪيل قائد اعظم محمد علي جناح ھوـ محمد علي جناح ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ساٿين لاءِ قانون ساز اسيمبلي ۾ به آواز اٿاريوـ البت موھن داس ڪرم چند گانڌي جو ڪردار سٺو نه رھيوـ گانڌي جيڪا وائيس راءِ کي رحم جي اپيل موڪلي اھا به ھڪ ڏينھن دير سان وائيسراءِ آفيس کي ملي جنھن جي ڪري ڪراچي ۾ رکيل ڪانگريس پارٽي جي جنرل ڪائونسل سيشن ۾ ڪانگريسي ڪارڪنن گانڌي تي پٿراءَ به ڪيو ھوـ ڦاسي وقت ڀڳت سنگهه ڦاسي جي ڦندي کي چميو ۽ ھن جو ضمير مطمئن ھو ۽ ھو آزادي جا نعرا ھڻي رھيو ھوـ ڀڳت سنگهه جي مقبوليت کان خوفزده فرنگي حڪومت جيل جي دروازي بجاءِ جيل جي ديوار ٽوڙي ڀڳت سنگهه جي لاش جو ڳجھ ڳوه ۾ ڪرياڪرم ڪيوـ
ڀڳت سنگهه کي ڦاسي ڏيڻ واري تاريخ 23-مارچ تي ھڪ وڏي انقلابي ھيمون ڪالاڻيءَ جنم ورتو جنھن اڳتي ھلي ننڍڙي ڄمار ۾ وڏي جدوجھد ڪئي ـ ھيمون ڪالاڻي سکر شھر ۾ 23-مارچ 1923ع تي پيسو مل ڪالاڻي ۽ جيٺي ٻائي جي گھر جنم ورتوـ نوجوان ھيمون ڪالاڻي بلوچستان ھٿيار ۽ فوجين کي کڻي ويندڙ ريل گاڏي کي پٽڙي تان ڪيرائڻ لاءِ ساٿين سان گڏجي ڪارروائي ڪري رھيو ھو ته ھڪ گارڊ کيس پڪڙي ورتو ۽ سندس ساٿي فرار ٿي وياـ ھيمون ڪالاڻي پنھنجي ساٿين جا نالا ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو جنھن ڪري ھن جي عمرقيد جي سزا کي بدلائي کيس ڦاسي جي سزا ڏني وئي ـ ھيمون ڪالاڻي سنڌ جو اھو جوڌو آھي جنھن پنھنجي جان ته قربان ڪئي پر سخت تشدد جي باوجود پنھنجي وڪيل عبدالستار پيرزادي، پنھنجي پيءَ ۽ امڙ جيٺي جي چوڻ جي باوجود ساٿين جا نالا پوليس کي نه ٻڌاياـ اڄ ڀڳت سنگهه ھيمون ڪالاڻي زنده جاويد آھن ۽ ھندوستان سرڪار پارليامينٽ آڏو ٻنھي جا مجسما لڳايا آھن ـ جڏھن ته غير مسلم ھجڻ سبب پاڪستان ۾ ڀڳت سنگهه ۽ ھيمون ڪالاڻي کي اھو مان نه ملي سگھيو آھي جنھن جا ھو حقدار آھن ـ ايندڙ دور ۾ يقين سان چئي سگھجي ٿو ته ڀڳت سنگهه ۽ ھيمون ڪالاڻي کي اھو مان ۽ مرتبو ضرور ملندو جنھن جا ھو حقدار آھن ـ
مارچ 23, 2025