هُن سان ملڻ لاءِ پهتيس ته… ڀارتي ادڪارا جا سلمان خان تي سنگين الزام
ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا هيما شرما، سلمان خان تي سنگين نوعيت جا الزام لڳايا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ انٽرويو دوران اداڪارا چيو ته کيس سلمان خان سان ملڻ جي تمام گهڻي خواهش هئي ۽ پنجاهه ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري نيٺ ساڻس ملڻ پهتيس ته سيٽ تي تذليل ڪئي ۽ کيس ڪتي وانگر ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو.
اِهو واقعو 2019 ۾ پيش آيو جنهن کي بيان ڪندي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ هيما شرما جذباتي ٿي وئي ۽ چيو ته ان واقعي کانپوءِ سلمان خان سان ملڻ جي خواهش ختم ٿي وئي.
وڊيو ۾ هيما قريشي سلمان خان کي مخاطب ڪندي چيو ته ” سلمان خان اوهان سُپر اسٽار آهيو، انڪري ماڻهو اوهان سان تصويرون ڪڍائڻ چاهيندا آهن ۽ اِهو چوڻ ته ڇوڪرين جي عزت ڪريو، هِي ڪريو، هُو ڪريو، اوهان جهڙو رويو اختيار ڪيوته ان مان پتو لڳي ويندوآهي ته اوهان ڇوڪرين جي ڪيتري عزت ڪندا آهيو.
اداڪارا چيو ته اڄ مون کي ٽي سال ٿي ويا آهن، 2019ع ۾ منهنجي بي عزتي ڪئي وئي هئي ۽ ان ڏينهن کان پوءِ اڄ تائين مان ڪڏهن سوچيو به ناهي ته سلمان سان ملڻو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مان رڳو سلمان سان تصوير ڪڍائڻ پئي چاهي، ان واقعي کانپوءِ مان ڪيئي راتيون جاڳي گذاريون آهن.
