انگلش بالر جا عثمان خواجا کي آئوٽ ڪرڻ بعد گٿا لفظ، سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل
ايشز سيريز جي پهرين ميچ ۾ آسٽريليا سخت مقابلي بعد انگلينڊ کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ سرسي حاصل ڪري ورتي آهي، پر پهرين ٽيسٽ ميچ دوران ئي ڪجهه اهڙا اڻوڻندڙ واقعا پيش آيا آهن، جنهن ڪرڪيٽ تجزيه نگار ۽ سوشل ميڊيا واهپيدار کي ڳڻتيءَ ۾ متبلا ڪري ڇڏيو آهي.
هونئن ته ايشز سيريز ۾ تڪرار ڪا نئين ڳالهه نه آهي پر هن واري پهرين ٽيسٽ دوران ئي اهڙا تڪرار سامهون آيا آهن جنهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ طرف آءِ سي سي طرفان انگلش آل رائونڊر معين علي مٿان هٿ خشڪ ڪرڻ لاءِ اسپري جي استعمال تي ڏنڊ مڙهيو ويو آهي ته ٻئي پاسي وري اولي روبنسن جو مخالف ٽيم جي بيٽر کي آئوٽ ڪرڻ بعد ملهايل جشن مهانگو پئجي سگهي ٿو.
جُون 21, 2023