پنجاب جي وزير اعليٰ عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب پهچي وئي

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب پهچي وئي.
مريم نواز عمرو ادا ڪرڻ لاءِ جاتي امرا مان رواني ٿي، ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف کيس ڀاڪر پائي دعائن سان رخصت ڪيو.
نواز شريف مريم نواز ۽ وفد جي خيريت ۽ عمري جي قبوليت لاءِ دعا ڪئي.
ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف به 4 ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب ويو آهي، جتي هن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي.

مارچ 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو