سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ واڌ بابت اهم خبر اچي وئي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير ۽ سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي ڪا به تجويز غور هيٺ نه آهي.
قومي اسيمبلي اجلاس دوران ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب طرفان لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ هن واضح ڪيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي ڪا به تجويز موجود نه آهي، جڏهن ته الائونسز ۽ پي سڪيل جي نظرثاني جي به ڪا تجويز نه آهي.
محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ واڌ جي به ڪا تجويز غور هيٺ نه آهي، جڏهن ته ملازمن لاءِ هائيرنگ ۽ سيلنگ جي حد وڌائڻ تي غور ويچار ٿي رهيو آهي.
ان کانسواءِ اجلاس دوران ناڻي کاتي گذريل پنجن سالن دوران ورتل پرڏيهي قرض ۽ رهتن بابت تفصيل پڻ پيش ڪيا.
دستاويز موجب، جون 2023ع تائين پرڏيهي قرضن ۽ رهتن جي مجموعي رقم 126141 ملين ڊالر هئي، جيڪا پاڪستان جي جي ڊي پي جو 43.03 سيڪڙو آهي.
سينيٽر محمد اورنگزيب ٻڌايو ته مالي سال 2024ع ۾ پاڪستان 11475 ملين ڊالر پرڏيهي قرض واپس ڪيو.

مارچ 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو