ڏوڪري: نادرا آفيس جي منتقلي واري عمل خلاف جسقم، سول سوسائٽي اڳواڻن  جو احتجاج

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) نادرا جي منتقلي واري عمل خلاف ڏوڪري ۾ جسقم، سول سوسائٽي جي اڳواڻن  احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. ڏوڪري مان نادرا جي آفيس شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ واري عمل خلاف جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، سول سوسائٽي جي ماڻهن امتياز ميراڻي، نادر قاضي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نادرا آفيس ڏوڪري شهر کان ٽي ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي چنا پل تي هڪ مقامي هوٽل ۾ منتقل ڪري رهيا آهن جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته نادرا آفيس شهر ۾ هجڻ سان عام ماڻهن کي سهولت آهي

 جيڪا سهولت ڏوڪري واسين کان کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته نادرا آفيس ۾ ايندڙ عام ماڻهو جي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهڻ بعد ملندڙ فارم تي 17 گريڊ جي آفيسر جي صحيح ڪرائڻ لاءِ ڪافي پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن، هنن چيو ته ڏوڪري جي غريب ماڻهن کان سڃاڻپ ڪارڊ جي سهولت کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، غريب مسڪين ماڻهو نادرا آفيس ۾ وڃڻ لاءِ ڪرايا ڀرڻ ۾ پورا هوندا پر ڪارڊ ٺهرائي نه سگهندا.

هنن چيو ته نادرا آفيس جي تعميراتي ڪم لاءِ ٽينڊر پڻ منظور ٿيل آهي نادرا آفيس جي مرمتي ڪم بدران مقامي هوٽل جي مالڪ کي پيسن جي ڏيتي ليتي ڪرڻ بعد منتقل ڪئي پئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير نادرا آفيس جي ڏوڪري شهر کان ٿيندڙ منتقلي روڪي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

جُون 21, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو