سکر: سينيئر صحافي شاهد مهر شمسي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو جاري

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) روزاني ڪليم سکر جو ايڊيٽر ۽ ممتاز ۽ معروف سينيئر صحافي شاهد مهر شمسي گذاري ويو ، سکر جي صحافتي تنظيمن سميت سياسي ، سماجي ، مذهبي ، واپاري برادري ، سول سوسائٽي جي نمائندن پاران تعزيت ، مرحوم جي اعليٰ درجي جي لاءِ دعائون ، سوگوارن کان تعزيت جو سلسلو جاري آهي۔
ان سلسلي ۾ سکر مان شايع ٿيندڙ روزاني ڪليم سکر جو ايڊيٽر ۽ ممتاز ۽ معروف سينيئر صحافي شاهد مهر شمسي گذريل رات دير سان اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو ، مرحوم جي وفات تي سکر جي صحافتي تنظيمن سميت سياسي ، سماجي ، مذهبي ، واپاري برادري ، سول سوسائٽي جي نمائندن ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي نمائندن ، بلدياتي ميمبرن جي نمائندن ، شهرين۔ معزز ميمبرن سميت سکر جي واپار ۽ تجارت جي اڳواڻن پوئرن سان ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي مرحوم جي مغفرت لاء دعائون گهريون.
مارچ 15, 2025