اسپيشل ونٽر اولمپڪس: پاڪستان ٽيون گولڊ ميڊل کٽي ورتو

اٽلي ۾ جاري اسپيشل اولمپڪس ورلڊ ونٽر گيمز ۾ پاڪستان جي آفاق خان 100 ميٽر اسنو شوئنگ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي پهرين پوزيشن حاصل ڪري سونو ٻِلو پنهنجي نالي ڪري ورتو.
هي پاڪستان لاءِ جاري عالمي مقابلي ۾ ٽيون گولڊ ميڊل آهي، جڏهن ته گڏيل طور تي پاڪستان هن وقت تائين 4 ٻلا کٽي چڪو آهي.
ان کان اڳ، 50 ميٽر ڪراس ڪنٽري اسڪائينگ جي مقابلي ۾ پاڪستان جي منيب الرحمان گولڊ ميڊل کٽيو هو، جڏهن ته ساڳئي مقابلي جي وومينز فائنل ۾ پاڪستان جي روينه قربان چاندي جو ميڊيل حاصل ڪيو هو.
ان کانسواءِ معظم اقبال به 800 ميٽر اسنو شوئنگ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪيو.