هولي: سنڌو ماٿريءَ جو اصلوڪو جشن
ياسر قاضي
ٽي ڏينهن بعد 14 مارچ تي هند سنڌ ۾ رنگن جو عالمي جشن ”هولي“ ملهايو ويندو. نه رڳو جاگرافيائي لحاظ کان هند سنڌ ۾ بلڪه پوريءَ دنيا ۾ جتي جتي سنڌوءَ جي ديس جا رهواسي وسن ٿا، اهو رنگن جو جشن ملهائن ٿا ۽ هڪٻئي کي رنگَ هڻي خوشين جو اظهار ڪن ٿا. پوريءَ دنيا ۾ لڳ ڀڳ جيڪي به تهوار ۽ جشن ملهايا ويندا آهن، انهن مان گھڻا تڻا جشنَ ’سماجي تهوار‘ آهن، نه ڪه مذهبي! ڇاڪاڻ ته سماجَ پهريان جُڙيا… مذهبَ بعد ۾ آيا.
اسان جي قديم سنڌو ماٿري تهذيب ۾ به مروّج وڏا جشن توڙي خوشين جي موقعن تي ادا ٿيندڙ رسمون ۽ ساٺ سنوڻَ، مذهبن کان گھڻو اڳ جا آهن، جن مان گھڻن سان بعد ۾ مختلف مذهبن واري واري سان پنهنجيون ڪهاڻيون سلهاڙي، انهن کي مذهبي رسمون يا ڏِڻَ وارَ بڻائي ڇڏيو. سنڌو ماٿري تهذيب جڏهن پنهنجي اؤجَ تي هئي، ته اها اڄ کان لڳ ڀڳ ڪي 7 کان 8 هزار سال پراڻي ڪهاڻي آهي. (جيتوڻيڪ ان کي آباد ٿيڻ ۽ ان اؤجَ تائين پهچڻ ۾ به ايترو ئي عرصو لڳو هوندو) ان سماج لاءِ مشهور آهي ته اتان جي رهواسين ۾ فنونِ لطيفه سان چاهه جا آثار ته مليا آهن. بوڻينڊي جهڙا سازَ، رانديڪا، سمبارا، ’پرِيسٽ‘ بادشاهه ۽ ’مڌرگاڊيس‘ جهڙا مُجسما، دندان سازيءَ جا اوزارَ توڙي آثارَ، جديد لُوڊو (راند) واري ’ڇَڪي‘ (ڊائيس) وغيره جهڙا وندرَ، راندين توڙي فائين آرٽس جا اوزارَ، آثار توڙي اهڃاڻ ته مليا آهن، پر اتان جھيڙي، فساد، جنگ، جدل ۽ خونريزيءَ جا آثار يا اوزار دريافت ناهن ٿيا.
سنڌ جو عالمي سطح جو ڏاهو تاريخدان يوسف شاهين صاحب ان ڳالهه جو سبب اهو ٿو ٻڌائي ته ”اهو سماج هٿيارن کان پاڪ انڪري هو، جو اهو عبادت کان آجو سماج هو ۽ اڃا انسانذات وٽ مذهبَ متعارف ڪونه ٿيا هئا.“ يعني دنيا جو قديم ترين مذهب ”هندُتوَ“ (هندُو مَت) به ان کانپوءِ متعارف ٿيو ۽ اپنايو ويو. جيتوڻيڪ شاهين صاحب ان خيال جو ضرور آهي ته دنيا کي ڦيٿو ٺاهي ڏيندڙ، زراعت سيکاريندڙ ۽ ’ڊينٽسٽريءَ‘ جهڙي ڪلا ڏيندڙ اسانجي سنڌو ماٿري سماج جا ماڻهو ”هڪ خالق“ جي تصوّر جا مڃيندڙ ضرور هئا. مطلب ته انهن جي اجتماعي عقل اهو ضرور ٿي مڃيو ته هن هيڏي ساري سرشٽيءَ کي هلائيندڙ ڪا هڪ طاقت آهي، جيڪا ان جو ڪار وهنوار هلائي ٿي، البته ان خالق جا مختلف مذهبن پاران ڏنل نالا ۽ ان جي پرستش ۽ عبادت جا انداز ان کان گھڻو پوءِ سماجَن سکيا ۽ پوءِ ته دنيا ڏٺو ته اهو ئي سنڌوءَ ــ جلُ خود پرستش جو محور بڻيو. هتي ’سنڌوءَ ــ جلَ پنٿيُن‘ جنم ورتو. انهن ان جلَ جي به پُوڄا ڪئي ۽ ان جي ڪنارن تي ويهي ويدَ ۽ پراڻ به لکيا.
سنڌوءَ جي جيون بخشيندڙ جلَ جي ڪپن تي آباد ان زرعي معاشري وٽ ٻين جذبن جيان خوشيءَ توڙي غم جي اظهار جا به پنهنجا تور طريقا هوندا (هئا)، جن مان گھڻن بابت ڄاڻَ، ’انڊس‘ جي اڌ کان وڌيڪ قديم ماڳن بابت اڃا تائين اڻ ڄاڻائيءَ جي دزَ ۽ کوٽائي ٿيل ماڳن جي اڻ کوٽيل حصن ساڻ اڃا ڌرتيءَ هيٺ دٻيل آهي. مثال طور هن وسيع ۽ عريض ماٿريءَ جِي رڳو هڪ ’سائِيٽ‘ (ماڳ) مهين جي دڙي کي ئي ڏسو! ته ان جي 82 سيڪڙو کوٽائي اڃا رهيل آهي ۽ اسان ان بابت اڄ تائين جيڪو ڪجھه ڄاڻون ٿا، اهو هڪ صدي اڳ ان جي کوٽيل رڳو 18 سيڪڙو جي آڌار تي ئي ڄاڻون ٿا. اهي باقي رهيل حصا کوٽجن يا سنڌو ماٿريءَ جون اڃا تائين معلوم نه ٿيل ۽ ڳولي نه سگھيل سائيٽس (جن مٿان مبادا هن وقت جديد شهرَ آباد هجن) لڀن، ته هوند! هن ڌرتيءَ تي صديون اڳ کِلندڙ کائيندڙ اسانجي بزرگن جون لڳ ڀڳ سموريون عادتون، خصلتون ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻيءَ جا انداز اسانکي پوريءَ ريت سمجھه ۾ اچي وڃن. ايترو ته پوءِ به مضبوط روايتن رستي تاريخ جي سپُورنجن ٻڌايو ئي آهي ته هن ڌرتيءَ تي جڏهن سال جا ٻه مُک فصلَ (ربيع ۽ خريف) لهندا هئا، ته اُن مال جي فراوانيءَ واريءَ مند ۾ اڄ جيان ان دؤر جي آبادگار جا به سڀ ڏُکَ ڏولاوا ڏُور ٿي ويندا هئا ۽ هو پنهنجي پوري اڌ سال جُون سانڍي رکيل خواهشون ۽ منصوبه بنديون انهن ٻن موقعن تي پوريون ڪندا هئا. نه رڳو اهو پر ان خوشيءَ جي اظهار طور اسانجا سنڌو نگريءَ واسي وڏڙا انهن ٻنهي وڏن موقعن تي ڪجھه ڏينهَن جشن به ملهائيندا هئا. سياري جي اختتام ۽ بهار جي آمد ويل جڏهن ربيع جا لابارا ٿيندا هئا، تڏهن به هو پنهنجي آسپاس جي مٽن مائٽن، برادر، سنگتين دوستن سان ملي جھمريون پائي، ڳيچ ڳائي، کائڻ پيئڻ ۽ ان جي ونڊڻ ورهائڻ جا انتظام ڪري پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪندا هئا ته اونهاري جي پُڄاڻيءَ تي ۽ سياري جي آمد کان اڳ جڏهن خريف جو فصل تيار ٿي ويندو هو ۽ گُنديون ڀَربيون هيون، تڏهن به ساڳئي ئي خوشيءَ جو اظهار ڪري هنبوشيون هڻندا هئا ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ان نئين آيل زرَ جي فراوانيءَ سبب معمول کان وڌيڪ کائي، پِي، ونڊي، ورهائي خوشيءَ توڙي تشڪر جو اظهار ڪندا هئا. اڳتي هلي خريف جي لاباري پڄاڻان ملهائجندڙ جشن کي انهن ڏينهن جي اماس راتين ۾ چُوچڙيون، چڻنگائي تِيليون ۽ ڦُلجھڙيون ٻاري، مشعلون جلائي راتين جي اجتماعي رهاڻين ۾ خوشيءَ جي اظهار جو رُوپ مليو ته اهو جشن ”روشنين جو جشن“ بڻجي ويو. جنهن کي اڄ ”ڏياري“، ”ديپاولي“ يا ”ديوالي“ چون ٿا، ته ربيع جي لاباري کانپوءِ ملهائجندڙ جشن ۾ خوشيءَ واري ديوانگيءَ ۾ هڪٻئي کي رنگَ هڻي، ماحول جي رنگينيءَ جو اظهار ڪري اصل ۾ پنهنجن اڌمن جي خوشيءَ وارن رنگن جي اظهار جو سعيو ڪيو ويو، جيڪو ”رنگن جو جشن“ بڻجي ويو ۽ اڳتي هلي ان جو نالو ”هولي“ پئجي ويو، جيڪو اڄ سُوڌو هلندو اچي. هوليءَ ۾ رنگ هڻڻ جو تصور جتي اندر جي خوشيءَ جو ديوانگيءَ واري انداز ۾ اظهار جو طريقو آهي، اتي ان ڳالهه جو پرچار به آهي ته ان خوشيءَ جي ڏينهن تي سڀ ننڍا وڏا، بزرگَ جوانَ، سينيئر جونيئر، سربراهه توڙي ملازمَ برابر آهن ۽ ان ڏينهن تي ڪوئي به ڪنهن کي به سندس ڪپڙن توڙي چهري تي رنگ هڻي سگھي ٿو ۽ ان تهوار جي اصول تحت ڪنهن کي به رنگ هڻڻ تي ڪاوڙ ناهي ڪرڻي. ايتريقدر جو جيڪڏهن اوهان ڪنهن اڻ ڏڻل سان به هولي کيڏندئو ته اخلاقاً ان کي اوهانکي روڪڻو ناهي ۽ نه ئي ان کي ان عمل تي دل ۾ ڪرڻو آهي.
اينٿراپالاجيءَ جي اصولن پٽاندر اها ڳالهه طئه آهي ته ريتن رسمن ۽ جشنن تهوارن کي پنهنجو مهانڊو معيّن ڪرڻ ۾ صديون لڳنديون آهن. ٻولين ۽ انساني مزاج جيان مختلف جشنَ به طويل ارتقائي مرحلن مان گذرن ٿا. ڏياريءَ ۽ هوليءَ جُون شڪليُون به اڄ کان هزارين سالَ اڳ، اڄ واري جشن جي انداز کان بنهه مختلف هونديون، پر اها ڳالهه واضح آهي ته اهي ٻئي جشن (۽ ان جهڙا ٻيا اڻ ڳڻيا اڻ ڄاتل جشنَ، جيڪي صدين جي سفر ۾ شايد ڪٿي پوئتي رهجي مترُوڪ ٿي ويا) اسانجا سماجي جشن آهن ۽ سنڌو ماٿري تهذيب (انڊس ويلي سِوِلائيزيشن) جي ماڻهن جي اخترا ۽ تخليق آهن، جن کي بعد ۾ مختلف مذهبن هنج وٺي ورتو ۽ انهن سان پنهنجيون پنهنجيون مذهبي ڪٿائون سلهاڙي ڇڏيون. ڏيارِي ئي ڏسو! اهو ساڳيو تهوار هڪ ئي وقت هندو برادري، جين مت وارا، سِکَ توڙي ٻين ننڍن ننڍن مذهبن وارا ملهائيندا آهن ۽ سڀئي ان جو پنهنجو پنهنجو مذهبي پسمنظربيان ڪندا آهن. ايئن هوليءَ کي به اڄ هندومت زور ۽ شور سان پنهنجو ڌرمي تهوار ڪري ٻه ڏينهن ملهائي ٿي، جنهن جو ٻيون ڏينهن ’رنگ پنچمي هوليءَ‘ جو ڏڻ هوندو آهي، جنهن ڏينهن هڪٻئي تي رنگ هاريو ويندو آهي. هندومت وارن سالن کان هن تهوار سان ’هيرانيانڪساپ‘ پاران پنهنجي پُٽ کي مارڻ جي سازش ۽ ان تحت پنهنجي جادوئي لباس واري ڀيڻ ’هوليڪا‘ کي گھرائي ’پرهلاد‘ سان باهه تي ويهارڻ ۽ هوليڪا جي سڙي ڀسم ٿي وڃڻ وارو قصو به سلهاڙي رکيو آهي ۽ هُو ان ڏڻ تي ڀڄن ڀاوَ، ڪيرتُون ۽ ستوئيون پڻ ڪندا آهن، پر اهو تهوار هندومت کان گھڻو اڳ کان هن ڌرتيءَ تي ملهايو ويندو آهي، تنهنڪري اهو به ڏياريءَ جيان ”هندو تهوار“ نه پر ”سنڌي جشن“ آهي.هونئن ته خوشين ورهائڻ توڙي ان جُون واڌايون ڏيڻ وٺڻ ۾ رنگ، نسل، مذهب توڙي ڌرم جو سَنڌو بنهه نه رکڻ گھرجي ۽ دنيا جي هر واسيءَ کي خوش ڪندڙ هر جشن ساڻس گڏ ملهائڻ گھرجي، پر خاص طور اسانکي پنهنجي مٽيءَ سان صدين کان سلهاڙيل هنن ڏڻن وارن کي ڪنهن مخصوص برادريءَ جو تهوار سمجھي، رڳو انهن کي ان جون واڌايون ڏيڻ بدران ان جي عالمگير مبارڪ ڏيڻ گھرجي ته ”سڀني کي رنگن جي جشنَ ــ هوليءَ جُون واڌايُون هجن
هونئن ته خوشين ورهائڻ توڙي ان جُون واڌايون ڏيڻ وٺڻ ۾ رنگ، نسل، مذهب توڙي ڌرم جو سَنڌو بنهه نه رکڻ گھرجي ۽ دنيا جي هر واسيءَ کي خوش ڪندڙ هر جشن ساڻس گڏ ملهائڻ گھرجي، پر خاص طور اسانکي پنهنجي مٽيءَ سان صدين کان سلهاڙيل هنن ڏڻن وارن کي ڪنهن مخصوص برادريءَ جو تهوار سمجھي، رڳو انهن کي ان جون واڌايون ڏيڻ بدران ان جي عالمگير مبارڪ ڏيڻ گھرجي ته ”سڀني کي رنگن جي جشنَ ــ هوليءَ جُون واڌايُون هجن
مارچ 11, 2025