چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني تي فخر آهي: محسن نقوي

Spread the love

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ڪامياب ميزباني تي پي سي بي ٽيم، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ صوبائي حڪومتن جو شڪريو ادا ڪيو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ محسن نقوي چيو ته هو چيمپيئنز ٽرافي جي شاندار انتظامن تي پي سي بي ٽيم، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ صوبائي حڪومتن جو ٿورائتو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايندڙ ٽيمون ۽ آءِ سي سي آفيشلز به مبارڪباد جا حقدار آهن، جن جي محنت سان هي اهم ٽورنامينٽ ڪاميابي سان مڪمل ٿي.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته سڀني جي گڏيل ڪوششن سان چيمپيئنز ٽرافي وڏي ڪاميابي ماڻي ۽ پاڪستان عالمي ايونٽ جي ميزباني تي فخر محسوس ڪري ٿو.
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ميزباني پاڪستان ڪئي، جتي ڀارت کانسواءِ سموريون ميچون پاڪستان ۾ ٿيون ، جڏهن ته ڀارت هائبرڊ ماڊل تحت فائنل سميت پنهنجو سڀ ميچون دبئي ۾ کيڏيون،

مارچ 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو