انگريزن جي غربت

Spread the love

زاهد ميراڻي

آخري حصو

جنھن جي پڄاڻيءَ بعد نھ دنيا تي برطانيا جي حڪومت رھي ۽ نھ ئي ملڪ ۾ صنعتي انقلاب جو ڪو جوش، جلوو رھيو، ٻي عظيم جنگ جھڙو ڪر عملي طور تي انگريز ۽ انگريزن جي معيشت کي ختم ڪري ڇڏيو ھو. ان وقت بھ انگريزن جي بدقسمتي اھا ھُئي جو آمريڪا جي اڀري اچڻ بعد برطانيا ۾ اھڙي ڪا پيدوار نھ رھي ھئي جنھن جو وڏي پئماني تي دنيا سان ڪاروبار ڪري سگھي ۽ ھن وقت بھ انگريز قوم جو الميو اھو آھي جو انھن وٽ اھڙيون ڪي شيون نه آهن جيڪي هو پرڏيهي دنيا ۾ کپائي پنھنجي معيشت کي ترقي ڏئي سگھن. اوھان کي اھو معلوم ٿيڻ بعد بي انتھا حيرت ٿيندي تھ اوھان پنھنجي زندگيءَ ۾ اھڙي ڪا بھ شيءِ خريد نھ ڪئي ھوندي جنھن تي لکيل ھُجي، “ Made in England” . برطانيا جي پکيڙ ڪل 94 ھزار اسڪوائر ميل آھي، ايتري ننڍڙي ايراضيءَ وارو ملڪ سو سال اڳ تائين دنيا جي چوٿين حصي تي حڪومت ڪندو ھو ۽ انھن تي حڪمراني ڪندو هو ۽ انھن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪندو ھو، اھو ملڪ موجودھ معاشي بحران تائين ڪيئن پھتو، اھو ھڪ اهم سوال آھي.

ٻي عظيم جنگ بعد يورپ عملي طور تي تباھھ ٿي چڪو ھو ۽ يورپ جا اڪثر ملڪ ھڪ ٻئي سان سرحدي ۽ سياسي تڪرارن ۾ الجھيل رھندا ھئا، ڪافي ملڪ تھ جنگ جھڙي صورتحال ۾ رھندا پئي آيا، اھڙي صورتحال ۾ يورپي قيادت سوچيو تھ جيڪڏھن ھو ھڪ ٻئي سان وڙھندا تھ جيڪي پئسا ملڪ ۽ عوام جي ترقيءَ تي خرچ ٿيندا اھي ھٿيارن ۽ فوج تي خرچ ڪرڻاپوندا تنھن ڪري بھتر آھي ته سمورا يورپي ملڪ گڏجي ڪري ھڪ اھڙو سياسي ۽ انتظامي ڌانچو جوڙين جيڪو سمورن ملڪن ۾ سڀني قومن کي پنھنجي حدن ۾ خودمختيار رکي ۽ معاشي طور تي ھڪ ٻئي جو سھڪاري بڻائي، انھيءَ بنياد تي 1952 ۾ يورپي يونين جو بنياد پيو جنھن ۾ شروع ۾ ڪل ڇھه ملڪ شامل ھيا جن ۾ جرمني، فرانس، اٽلي، لگسمبرگ، نيدر لينڊ ۽ بيلجيم شامل آھن. انھن ملڪن جي گڏجڻ سان جھڙوڪر انھن ملڪن ھڪ ٻئي جي وسلين مان فائدو حاصل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ھڪ ٻئي سان ڪاروبار ڪيو، جنھن ڪري انھن ملڪن جي معيشت ترقي ڪرڻ لڳي جيڪا يورپ جي ٻين ملڪن لاءِ پرڪشش ھئي، اھڙي ئي ماحول ۾ برطانيا سميت يورپ کنڊ جا ٻيا ملڪ بھ يورپي يونين جو حصو بڻجي ويا. يورپي يونين ٻن اصولن تي ڪم پئي ڪيو، ھڪ تھ يورپي يونين اندر سمورا ملڪ پنھنجين جاگرافيائي حدن اندر سياسي طور تي خودمختيار ھوندا، جڏھن تھ معاشي طور تي ھڪ ھوندا، اھو ھڪ اھڙو ضابطو ھيو جنھن برطانيا کي سڀ کان وڌي متاثر ڪيو. انھيءَ ضابطي سان يورپي يونين ۾ شامل ھڪ ملڪ جي ماڻھوءَ کي اھو حق ھيو تھ ھو برطانيا جو شھري ٿي سگھي، اھڙي حق سبب سمورين يورپي ملڪن توڙي جو دنيا جي ٻين ملڪن مان يورپ جي شھريت حاصل ڪندڙ ماڻھن بعد ۾ برطانيا ھجرت پئي ڪئي جنهن جي ڪري مجموعي طور تي برطانيا خاص ڪري لنڊن، برمنگھم ۽ يارڪ شائر تي غير انگريز ماڻھن جو دٻاءُ بي انتھا وڌي ويو، جنھن جو اندازو ان ڳالهھ مان لڳائي سگھجي ٿو تھ 2004 ۾ برطانيا جي پرڏيھي آبادي 5.3 ملين ھئي جيڪا 2021 تائين 9.5 ملين تائين پھچي وئي جنھن برطانيا جي انفرااسٽريڪچر کي بي انتھا نقصان پھچايو. برطانيا ۾ غير انگريز آدمشماريءَ جي ايتري وڏي انگ اصل رھاڪن انگريزن کي اھو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو تھ اسان کي جيڪو بھ نقصان پھچي رھيو آھي اھو يورپي يونين جي ميمبر ھجڻ جي ڪري ئي ٿي رھيو آھي تنھنڪري بھتر اھو ٿيندو تھ يورپي يونين مان نڪري وڃي.

ھن موڙ تي اھا ڳالهھ سمجھڻ جھڙي آھي تھ اصل ۾ برطانيا جي معيشت ھڪ ”سروس بيسڊ اڪانومي“ آھي، جنھن ۾ ڪوبھ ملڪ مختلف قسم جون سروسز فراھم ڪري پنھنجي ملڪ جي جي ڊي پي ٺاھيندو آھي، ڇو جو ٻي عظيم جنگ بعد سامراجيت جي خاتمي ڪر ي برطانيا جي پنھنجين بيٺڪيت مان ڦرلٽ ختم ٿي وئي، ۽ وري ان بعد برطانيا ۾ جيڪو صنعتي انقلاب آيو ان کي بھ آمريڪا ۾ آيل صنعتي انقلاب جھڙوڪر ختم ڪري ڇڏيو ۽ وري بي عظيم جنگ رھيل ڪسر بھ ڪڍي ڇڏي، اھڙي نموني برطانيا عملي طور تي 1950 بعد سروس بيسڊ اڪانوميءَ تي گذر سفر پئي ڪيو جو اھڙي ماحول ۾ 1952 ۾ يورپي يونين ٺھي جنھن ۾ برطانيا شامل ٿيو ۽ برطانيا جي سروسز سيڪٽر ۾ ترقي ٿي.

يورپي يونين ۾ شامل ھجڻ ڪري برطانيا کي ٻيو ڪوبھ فائدو حاصل نھ ھيو سواءِ ان جي جو ان جي سروسز سيڪٽر اڪانومي ترقي ڪئي، باقي پرڏيھي ماڻھن جي آدمشماريءُ جي دٻاءُ، برطانيا جي انفرا اسٽريڪچر جي تباھي، اصل راھاڪو انگريز جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو، ادارن جو ھٿ مان نڪرڻ، سياسي عمل ۾ غير انگريز آباديءَ جي شموليت ايتري قدر جو ڪامن ھائوس جي فيصلن تي انھن جو اثر انداز ٿيڻ جھڙي صورتحال سامھون آئي، جنھن مجموعي طور تي انگريز آباديءَ کي يورپي يونين مان نڪرڻ تي مجبور ڪيو، ڇو ھن موقعي تي انگريز اھو سوچي رھيو ھو تھ انگريزن لاءِ يورپي يونين ۾ شامل ھجڻ ئي سڀني مسئلن جي جڙ آھي.اھڙي سوچ جي اڀڙڻ بعد برطانيا يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ لاءِ تحريڪ ھلائي جنھن کي “Brexit”  جو نالو ڏنو ويو، ٿوري عرصي بعد برطانيا يورپي يونين کان ڌار ٿي ويو.

برطانيا جو معاشي بحران اصل يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ بعد شروع ٿيو جيڪو آھستي آھستي چٽو ٿيندو ويو، حقيقت حال اھا آهي تھ يورپي يونين ۾ شامل ھوندي لکن جي انگ ۾ جيڪي يورپي يونين جا ماڻھو برطانيا ايندا ھا ۽ وري واپس ٿيندا ھا، انھن جو اچن بند ٿي ويو ۽ سروسز ۾ ڪافي ڪمي اچي وئي، آمدني رڪجي وئي، برطانيا جي معيشت جو ” سروس بيسڊ“ ھجڻ واري حيثيت ان کي سگھارو رکي نھ سگھي، اھا حقيقت آھي تھ ” سروس بيسڊ اڪانومي“ گھڻي قدر بحران کي منھن ڏئي نھ سگھندي آھي ۽ اڄ حالت اھا آھي جو  1924 ۾ برطانيا جي مجموعي جي ڊي پي جو ساليانو خسارو 99.4 سيڪڙو تائين پھتو هو جڏھن ته 1924 ۾ ئي جرمنيءَ جو مالي خسارو 64 سڪيڙو ۽ ان جي پاڙيسي ملڪ آئر لينڊ جو مالي خسارو 45 سيڪڙو تائين پھتل آھي.

برطانيا ۾ گذريل 30 سالن ۾ گينگ وايولينس، ڪرائيم، مرڊر ۽ اسٽرٽ ڪرائيم سميت بي گھر ماڻھن جي انگ ۾ بي انتھا واڌ ٿي آھي رڳو گذريل 10 سالن دوران کي برطانيا ۾ بي گھر ماڻھن جو انگ 40 کان 50 لکن تائين پهچي ويو هو. برطانيا ۾ ماڻھو سٺي روزگار ۽ وڏين پگھارن جي ڪري پيهھ ڪري ايندا ھئا گذريل 16 سالن کان پگھارون 2008 جي اسڪيل سان ملي رھيون آھن اھو ئي سبب آھي جو اڄ برطانيا مان ڪارگر ۽ تعليم يافتھ ماڻھو لڏي رھيا آھن جڏھن تھ ناڻي واڌ گذريل چاليھن سالن جي ڀيٽ ۾ ھن وقت پنھنجي اونچائيءَ واري سطح تي آھي جنھن ڪري عام استعمال جون شيون انتھائي مھانگيو ٿي ويون آھن. اوھان جيڪڏھن لنڊن شھر کي برطانيا کان الڳ ڪري سوچيو تھ پوءِ سموري برطانيا آمريڪي رياست مسيسيپي جھڙي ٿي ويندي جيڪا رياست آمريڪا جي غريب ترين رياست آھي ۽ جتي ھر قسم جو ڏوھھ عام آھي. برطانيا دنيا جي ڇھين وڏي معيشت آھي پر اڄ ان جو حال اھو آھي جو تقريبا ھڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ انگريز بيروزگار آھن، صحت جي صورتحال اھا آھي جو ڪنھن دور ۾ صحت ۽ علاج جي حوالي سڄي دنيا ۾ بيمثال برطانيا ۾ اڄ 80 لک ماڻھو صحت جي حوالي سان انتھائي سنگين صورتحال ھوندي بھ اسپتالن ۾ ويٽنگ لسٽ تي آھن. ھن وقت برطانيا جي صورتحال اھا آھي جو ڪنھن نھ ڪنھن اشو تي ماڻھو احتجاج ڪندي روڊ رست بندي ڪري ڇڏين ٿا، گاڏين ۽ عمارتن کي باھيون ڏئي ٿا ڇڏين. اھڙي مجموعي صورتحال تي ايلان مسڪ بھ ٽوئٽ ڪندي چئي چڪو آھي تھ برطانيا ۾  ” گھرو ويڙھ” انٽر آھي.

گذريل جنوريءَ جي 29 تاريخ تي برطانيا جي ھائوس آف ڪامنز برطانيا جي صورتحال متعلق ٿيل بحث جي ھڪ ننڍڙي جھلڪ ھن ريت آھي،”توهان جي اجازت سان، مسٽر اسپيڪر، مان ايوان کي حڪومت جي تازن ڪمن متعلق آگاھ ڪرڻ چاھيان ٿو، اسان کي اقتصادي ترقيءَ لاءِ سيڙپڪاريءَ کي کولڻو پوندو، جنھن کان سواءِ اسان برطانيا جي عوام جي خدمت ڪري نھ سگھنداسين، اسان کي علاج جي انتظار ۾ ويٺل لکين ماڻھن جي علاج جو بندوبست ڪرڻو پوندو، اسان کي اسڪول بحال ڪرڻا پوندا، اسان کي روڊن تي وڌيڪ پوليس مقرر ڪرڻي پوندي.برطانيا کي 14 سالن تائين قدامت پسندن جي ناڪاميءَ کان پوءِ هڪ روشن مستقبل ڏانهن گامزن ڪرڻو آھي. سرمائيداري ۽ دولت پيدا ڪرڻ ۾ ڪاروبار حلقن جي مدد ڪرڻ سان اسان يقين ماڻھن کي نوڪرين جا موقعا مهيا ڪري سگهنداسين تھ جيئن ماڻھو خوشحال ٿين، اسان کي سموري ملڪ ۾ برادرين جي وچ ۾ نئين سر تعلقات بحال ڪرڻا پوندا“.

مٿي ذڪر ڪيل صورتحال ۽ ھائوس آف ڪامنز جي بيان مان برطانيا جي صورتحال سمجھڻ ۾ انتھائي آساني ٿيندي، پر ھن موقعي تي اھا ڳالهھ سمجھن ضروري آھي تھ برطانيا جي ”سروس بيسڊ اڪانومي“، نھ برطانيا کي معاشي بحران مان بچائي سگھي ٿي ۽ نھ ئي دنيا جي ٻي ڪنھن قوم ۽ ملڪ کي، ”معيشت جي دنيا ۾ ھڪ ئي شيءِ مقدم آھي تھ اوھان پيدا ڇا ٿا ڪري سگھو جيڪو کپي سگھي، اوهان تڏهن ئي معاشي طور تي بچي سگھندا، ھن وقت دنيا ۾ چين ” مينوفيڪچرنگ اڪانوميءَ“ جو بھترين مثال آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو تيزيءَ سان ترقي ڪري رھيو آھي، تنھن ڪري سنڌ واسين کي بھ اھا ڳالهھ ذھن ۾ رکڻ گھرجي تھ ھو ” مينوفيڪچرنگ اڪانوميءَ“ طرف وڌن، ننڍڙا ننڍڙا ڪارخانا لڳائين ۽ شيون ٺاھي مارڪيٽ ۾ وکڻ، باقي سياست پئي ٿيندي.

مارچ 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو