انگريزن جي غربت

Spread the love

زاهد ميراڻي

برطانيا ھن وقت شديد معاشي بحران مان گذري رھيو آھي، جنھن جو اندزو ان ڳالھھ مان لڳائي سگھجي ٿو تھ برطانيا تاريخ ۾ پھريون دفعو فيملي فارم ھائوسز جي اپت تي ٽيڪس مڙھي آھي جنھن جو پڙاڏو ھڪ ئي وقت برطانيا جي ڪامن ھائوس سميت بريڊفور، برمنگھم ۽ يارڪ شائر جي روڊن تي ٻڌڻ ۾ آيو، برطانيا جي تاريخ ۾ اھو پھريون دفعو ٿيو ھو جو اھي خاندان جيڪي فيملي فارم ھائوس جا مالڪ آھن ۽ پنھنجي فارم ھائوس/ ٻنيءَ ۾ ڀاڄيون، ميوو، ان اپائن ٿا انھن ٽريڪٽرن تي چڙھي روڊ رستا بند ڪيا ۽ فارم ھائوس ٽيڪسز جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. برطانيا ۾ فيملي فارم ھائوس اتي جي عوام جي زندگيءَ جو اڻٽر حصو ۽ ھڪ قسم جي ثقافت آھي، صدين کان وٺي فيملي فارم ھائوسز برطانيا جي عوام جون ان، گوشت، انڊن، سبزين، کير، مکڻ، ڏھي ۽ پنير جون ضرورتون پوريون ڪندا رھيا آھن ۽ برطانيا جي تاريخ ۾ ڪڏھن بھ انھن فيملي فارم ھائوسز تي ٽيڪس نھ مڙھيو ويو ھو، ايتري تائين جو ٻي عظيم جنگ دوران بھ فيملي فارم ھائوسز تي ٽيڪس نھ مڙھي وئي ھئي، ان مان اندازو لڳائڻ مشڪل نھ آھي تھ برطانيا ھن وقت معاشي طور تي تاريخ جي ڪھڙي نھ مشڪل دور مان گذري رھيو آھي.

معاشي ۽ سياسي حوالي سان برطانيا دنيا جي تاريخ جو اڪيلو ملڪ آھي جنھن جو تاريخ ۾ ڪو مٽ ۽ ثاني نھ آھي، برطانيا 1842 کان وٺي 1957 تائين انگريز سامراج جي صورت ۾ سواءِ ڪنھن وڏي مزاحمت جي برصغير جي ھر رياست، علائقي ۽ راجواڙي تي راڄ ڪندو رھيو ۽ انگريز فوجون ڦرلٽ ڪندي بي انتھا خزانا سامونڊي جھازن ۾ ڀري ڀري برطانيا راڻيءَ جي خدمت ۾ اماڻينديون رھيون، جن ۾ ھندستان مان اماڻيل ڪوھ نور ھيرو بھ شامل آھي جيڪو ھن وقت بھ برطانيا جي شاھي تاج ۾ جڙيل آھي. برطانوي سامراج جي شروعات 1500 عيسويءَ کان راڻي الزبيٿ پھرين جي دور کان شروع ٿي ۽ 1913 تائين تقريبا دنيا جي اڌ تائين ڦھلجي وئي ايتري تائين سج لھندو بھ برطانوي بيٺڪيت ۾ ھو تھ اڀرندو بھ برطانوي بيٺڪيت ۾ ھو. 1913 تائين برطانوي سامراجيت تقريبا اڌ دنيا ۽ 400 ملين ماڻھن تي حڪمراني ڪندي ھُئي. برطانوي سامراجيت جي قبضي ۾ ايندڙ ھر ملڪ جي سياست صلب ٿيندي ھُئي ۽ معيشت، خزانا، ملڪيتون، قدرتي وسيلا، اناج، سون، ھيرن ۽ جواھرن جي ڦرلٽ ٿيندي هئي ايتري تائين جو برصغير جي تھذيبي ورثي ۽ علم جي بھ ڦرلٽ ڪئي وئي.

برطانوي سامراج جو اھو عمل تقريباً 1913 تائين تھ وڏي طمقراق سان ھليو پر بعد جي سالن ۾ دنيا جي ڪيترين کي قومن ۽ قابض بڻايل ملڪن جي عوام انگريز حاڪميت جي خلاف بغاوتون شروع ڪيو جنھن کي منھن ڏيڻ انگريز سرڪار لاءِ مشڪل ٿي ويو ڇو جو بيٺڪيت راڄ جي ايراضي تقريباً اڌ دنيا ھئي ۽ انگريزي فوج جو انگ بنهھ گھٽ ھيو، پر تنھن ھوندي بھ انگريز سرڪار پنھنجي تجربي، نظم، فوجي علم، سفارتڪاري ۽ مڪاريءَ سان انھن بيٺڪيتن تي حڪومت ڪندي رھي.

انگريزن جو دنيا ۾ وارد ٿيڻ ۽ قومن کي غلام بڻائي پنھنجو بيٺڪي راڄ قائم ڪرڻ جو مقصد ڪو حڪمرانيءَ جو شوق پورو ڪرڻ نه هيو، پر انھن جو بنهھ اڪيلو مقصد وڌ کان وڌ معاشي ڦرلٽ ڪري انگريز معيشت کي سگھارو ڪرڻ ھو ۽ راڻيءَ جي خزاني کي ڀرڻو ھو. 1913 کان 1939 ٻي جنگ عظيم جي شروعات تائين برطانيا بي انتھا سياسي ۽ حڪومتي مسئلن کي منھن ڏيندو رھيو، انھيءَ دور ۾ برطانيا کي پنھجي بيٺڪي راڄن ۾ سخت مزاحت کي منھن ڏيڻو پيو جنھن جي ڪري ھڪ طرف مرحلي وار ڦرلٽ ۾ بھ گھٽائي ٿيڻ شروع ٿئي ۽ ٻئي طرف وري بيٺڪيتن ۾ مزاحمت جي ڪري فوجي، معاشي، حڪومتي ۽ انتظامي خرچن ۾ بي انتھا اضافو ٿيندو ويو، اھڙي عمل تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ان وقت جي سپر پاور برطانيا کي معاشي طور تي ڪمزور ٿيڻ جو احساس ڏياريو، جنھن ۾ گھرائي 1939 کان 1945 تائين ھلندڙ ٻي عظيم جنگ دوران ٿيو جنھن ھڻي تاريخ ۾ پھريون دفعو انگريز جي چيلهھ چٻي ڪري ڇڏي، اھو ڏينھن آھي ۽ اڄوڪو ڏينھن آھي انگريز وري سڌو ٿي نھ سگھيو ۽ نھ ئي وري پنھنجي زوال پذير معيشت کي ترقيءَ جي طرف وٺي وڃي سگھيو.

برطانوي سامراجيت 19 صدي عيسويءَ تائين دنيا جي انتھائي طاقتور ترين معيشت ٿي اڀري جنھن کي دنيا ۾ ڪيل ڦرلٽ جي ناڻي ۽ 18 صديءَ ۾ دنيا ۾ شروع ٿيل صنعتي انقلاب مان حاصل ڪيل دولت بي انتھا امير بڻائي ڇڏيو ھو، 18 صديءَ ۾ شروع ٿيل صنعتي انقلاب ڪري برطانيا جديد مشينريءَ سميت بي انتھا ايجادن جي بنياد تي لڳندڙ ڪارخانن ۾ تقريباً ھر شيءِ پيدا ڪندو ھو ۽ ان جو پرڏيھي واپار پڻ ڪندو ھو، ڦرلٽ جي دولت، صنعتي انقلاب ۽ پرڏيھي واپار انھن ٽنھي معاشي عمل گڏجي ڪري برطانيا کي بي انتھا امير بڻائي ڇڏيو جو ان وقت سڄي دنيا  ۾ ڪوبه ملڪ برطانيا جو مقابلو ڪري نه پئي سگهيو.

19 صدي جي شروعات ۽ ان جي وچ ڌاري تائين برطانيا دنيا جو امير ترين ملڪ ھو پر 19- صديءَ جي شروعات ۾ ئي برطانيا سميت آمريڪا ۾ بھ صنعتي انقلاب جي شروعات ٿي، اھا ايتري تھ تيز ھئي جو ان برطانيا جي صنعتي انقلاب کي لوڙھي ڇڏيو ۽ برطانيا جي معيشت جا پير کوڙائي ڇڏيا. تاريخ ڏٺو تھ 18 صديءَ ۾ جيڪو صنعتي انقلاب برطانيا ۾ آيو ھو 19 صديءَ ۾ سمورو صنعتي انقلاب آمريڪا لڏي ويو ۽ برطانيا ۾ اھڙي ڪابھ ذڪر جھڙي شيءَ نھ بچي جنھن جو ڪو پرڏيھي واپار ڪري برطانيا پنھنجي معيشت کي سگھارو ڪري سگھي، دنيا ۾ اھو ئي ملڪ ترقي ڪندو آھي ۽ ان ئي ملڪ جي معيشت ترقي ڪندي آھي جيڪو وڌ ۾ وڌ پرڏيھي واپار ڪري پرڏيھي ناڻو ڪمائي پنھنجي ملڪ ۾ آڻيندو آھي، تاريخ جي ھن دور تائين برطانيا معاشي طور تي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيڻ شروع ٿي ويو ھو. برطانيا جي معيشت جو اصلي ۽ حقيقي ڏيوالو ٻي عظيم جنگ ڪڍي ڇڏيو ھو.

مارچ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو