اُداس ماهرا خان تي مداح تنقيد ڇو ڪري رهيا آهن؟
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سپر اسٽار ماهرا خان جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ واضح طور تي کيس ڪنهن ڳالهه تي ”اُداس“ ڏسي سگھجي ٿو.
مشهور ميڪ اپ آرٽسٽ بابر ظهير پنهنجي انسٽاگرام تي وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن تي مداحن طرفان دلچسپ ڪمينٽس سامهون آيا آهن.
ڊيو ۾ بابر ظهير جڏهن اداڪارا کان پڇيو ته هو ڇو اداس آهي ته اداڪارا ٻڌايو ته کيس بُک لڳي آهي ۽ ڪجهه کائڻ چاهي ٿي.
سوشل ميڊيا تي واهپيدارن جي وڏي انگ پنهنجي مختلف تبصرن ۾ ماهرا خان جي اداڪاري کي اوور ايڪٽنگ قرار ڏنو آهي.
