چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل کان اڳ ڀارت کي وڏو جهٽڪو

Spread the love

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي نيوزيلينڊ خلاف چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل کان اڳ انجري جو شڪار ٿي ويو.
چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل کان اڳ ڀارت کي وڏو جهٽڪو لڳي ويو، ڀارت جو اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل اڪيڊمي ۾ نيٽ پريڪٽس ڪري رهيو هو ته تيز بال سندس گوڏي ۾ لڳو، جنهن کانپوءِ هن فوري طور پريڪٽس روڪي ڇڏي.
ڀارتي ٽيم جي فزيو اسٽاف فوري طور ڪوهلي جو معائنو ڪيو، کيس اسپري لڳايو ۽ متاثر جاءِ تي بينڊيج ٻڌي ڇڏيو.
ڌڪ لڳڻ باوجود ڪوهلي گرائونڊ ۾ موجود رهيو ۽ ٽريننگ سيشن کي ڏسندو رهيو.
ڀارتي ڪوچنگ اسٽاف واضح ڪيو آهي ته ڪوهلي جي انجري سنگين ناهي ۽ هو فائنل کيڏڻ لاءِ مڪمل طور فٽ هوندو.
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي جو فائنل سڀاڻي ڀارت ۽ نيوزيلينڊ ۾ دبئي ۾ کيڏيو ويندو.

مارچ 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو