وچن ويڙهيچن سين

Spread the love

سنڌو حسن علي ٻپڙ

قديم زماني کان جڏهن جياپي جي شروعات ٿي، مرد ۽ عورتن جي وجود جي تخليق ٿي، حضرت آدم عه ۽ حوا کان ويندي اڄ جي جديد ۽ باوقار عورت تائين عورت جا ڪيئي ڪردار ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هوءَ ماءُ به آهي، ڀيڻ به آهي ته گهر ڌياڻي به آهي، ايئن جيئن مرد جا معاشرتي ڪردار آهن. پيءَ، ڀاءُ، پٽ ۽ مڙس، اتي قدرت مرد عورت کي برابري ڏني آهي پر مرد جا سڀئي ڪردار شايد ايترا وسيع ناهن جيترا عورت جا آهن. عورت جيڪڏهن نوڪري ڪري ٿي ته هوءَ گهر ۽ ٻار به سنڀالي ٿي، سياسي ۽ سماجي تعلق ڏانهن به ڌيان ڏئي ٿي، اِهي سڀ ڪم عورت چڱي ريت نڀائي ٿي، موٽ ۾ معاشري عورت کي فقط گهر تائين ئي محدود رکيو آهي، مٿس بي اعتباري جو ٺپو لڳائي سندس صلاحيتن کي ڄڻ ته قيد ڪري ڇڏيو آهي. تاريخي طور عورت ايتري وسيع آهي جيتري ڪائنات! مرد لکارين، شاعرن، اديبن ۽ دنيا جي مفڪرن عورت ذات جي وجود سان ناانصافي ڪئي آهي پر قدرت ان جو مانُ مرتبو ايترو ته بلند ڪيو آهي جو قيامت واري ڏينهن حساب وقت مرد کي ماءُ جي نالي سان ئي سڏيو ويندو.

عورت سُورن جي ساٿاري آهي، عيسيٰ پٽ مريم کان ويندي فرعون جو زوال آڻيندڙ عورت به موسيٰ سان گڏ بيٺل هئي. هوءَ گواهه آهي اسلام جي خديجه بڻجي، هوءَ ڪربلا جي للڪار ٿئي ته زينب بڻجي، هوءَ عورت گواهه آهي رسول صلعم جي زباني ڪلامي عائشه بڻجي، عورت ٻارڙي کي ٿڃ پيئاريندي دشمن تي گوليون هلائي ٿي ويٽنام جي لي خوليان بڻجي، هوءَ حيدرآباد جيل تي حملو ڪري پنهنجي باغي ور کي ڇڏائيندي ساٿين سميت شهيد ٿي وڃي ٿي رحيمان هڱورو بڻجي، سنڌ اندر هارين جي حقن لاءِ وڙهندي شهيد ٿئي ٿي مائي بختاور بڻجي، پيڙائن ۽ جيل جي ڀوڳنائن جا سفر ڪاٽيندي هوءَ حميده گهانگهرو بڻجي. هندو ڌرم ته عورت کي ديويءَ جو روپ ڏئي سندس پوڄا ڪئي پر دنيا جي طاقتور ترين ملڪه ايلزبيٿ، گلن جي شهزادي ڊيانا، برِصغير جون محترمه فاطمه جناح، محترمه نصرت ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، اندرا گانڌي، سنڌ جون زرينا بلوچ، بيگم نسيم ولي خان، شيخ حسينه واجد، خالده ضياءَ، بندرا نائڪي، آنگ سانگ سوچي، فلسطين جي ليليٰ خالد، مارڪس جي جيني، زاهده شيخ، شهناز راهو، ممتاز نظاماڻي، اختر بلوچ، نسيم سنڌي، حورالنساءَ پليجو، مهتاب اڪبر راشدي، نورالهديٰ شاهه، مائي جندو ۽ سندس ڌيئرون حاڪمزادي ۽ زيب النساءَ کان ويندي سهائي سرواڻ، عائشه ڌاريجو تائين سڀئي عورتون سورميون ۽ عورتن لاءِ جياپي جو اُتساهه آهن.

سڀ کان وڌيڪ پيڙا ٻهراڙي جي عورت ڀوڳي ٿي. اسان سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽ فارم تان گرائونڊ ريئلٽي ۾ هلون ٿا ته ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڳوٺاڻي عورت جا سُور سوايا آهن، ڪارو ڪاري، سڱ چٽي، بدي جون شاديون ۽ قبائلي جهيڙن جهڙن عذابن کي هوءَ منهن ڏئي ٿي. بقول لطيف سائين جي:

”سرجيس تان سُور، سامائي ته سُک ويا“

سنڌ جيڪا سدائين ان داتا جو ڪردار نڀائيندي رهي آهي، پياري پاڪستان جي 75 سيڪڙو آمدني سنڌ مان حاصل ٿئي ٿي، سنڌ مان تيل، گئس، سنڌ جو ڪوئلو، سنڌ جي درياهه مان ٿيندڙ آمدني هڙپ ڪئي وڃي ٿي ۽ بدلي ۾ صرف سُور ئي سنڌ جي ڀاڱي ۾ اچن ٿا. سنڌ جي معدني وسيلن تي وفاق پاران ملندڙ رائلٽي ڪيئن ۽ ڪٿي خرچ ٿئي ٿي تنهن جي ڪا به ڄاڻ نه ٿي ملي، ان ڪري ملندڙ رائلٽي جي به آڊٽ ٿيڻ گهرجي ته جيئن اها خبر پوي ته سنڌ کي ڇا مليو؟ سنڌ جي عورتن کي بنگال جيان آسان ۽ صنعتي ڪاروباري موقعا مهيا ڪيا وڃن، آفيس ورڪ هجي يا فيلڊ ورڪ، حڪومتي سطح تي فنڊ مهيا ڪري ڏنا وڃن ته جيئن سنڌ جي عورت پنهنجون ذميواريون آسانيءَ سان پوريون ڪري سگهي ڇو ته هن مهانگائي واري دور ۾ گهرداري ۽ ٻيا خرچ برداشت ڪرڻ سندس وس کان ٻاهر آهن. بقول شيخ اياز جي ته:

”ڍؤ بنا ڍوليا، ناهي ساڃاهه سونهن جي.“

حڪومتي سطح تي جيڪڏهن وڌيڪ نٿا ڪري سگهو ته ايترو ڪيو جو پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم تي خرچ ٿيندڙ بجيٽ جو چوٿون حصو سنڌ جي عورت جي سهائتا تي خرچ ڪيو، 15 ارب رپيا ڪرڪيٽ ٽيم تي خرچ ڪيو ويو آهي، پر ان جي موٽ ۾ سواءِ رسوائي، بدنامي جي ڪجهه نه ڏئي سگهي پر سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عورت ايتري سهائتا ڪرڻ کانپوءِ اوهان کي وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ ڌاڙيلن کان ويندي واندي پوليس ۽ ڪم بخت ملائن کان هر ميچ کٽي ڏيکاريندي. عظيم يوناني فلسفي سقراط کي پڙهائيندڙ به هڪ عورت هئي. اسان جو معاشرتي الميو اهو آهي ته عورت جي معاملي ۾ هر شخص مذهبي به آهي ته سيڪيولر به. معاشري جي منافقت اها به آهي ته عورت کي ڪڏهن به انسان طور ناهي قبول ويو! 5 هزار سال پراڻي تهذيب مطابق مرد هميشه عورت جو استحصال ئي ڪندو رهيو آهي، ڪڏهن به عورت کي اڳواڻ، فلاسافر يا علمن جي ڄاڻو طور قبول ناهي ڪيو ويو. ڇو ته مرداڻي دماغ جي افزائش جي ئي عورت مخالفت ۾ ٿي آهي، هر نه وڻندڙ شئي عورت سان منسوب ڪئي وئي ۽ هر پسنديده شئي مرد سان لاڳاپي وڃي ٿي، علمن جا وارث مرد جڏهن ته عورت کي تفريح جو وارث سمجهيو ويو آهي، خير اِهو عورت جو استحصال ته ازل کان ئي هلندو پيو اچي، جيڪڏهن عورت پاڻ سان ٿيندڙ اهڙين ناانصافين خلاف آواز اُٿاري به ٿي ته کيس ڪيترن ئي لقبن سان نوازيو وڃي ٿو.

سقراط کي پڙهائيندڙ عورت اسپاسيا (Aspasia) رومن دور جي هڪ لبرل فلاسافي جي ڄاڻو عورت هئي، جنهن سقراط کي متاثر ڪيو ۽ سقراط کانئس تعليم حاصل ڪئي، پر مردن جي لکيل تاريخ جو ظلم ته ڏسو انهن اسپاسيا کي مزاحيه پوڙهي (Old Comedian) جي لقب سان متعارف ڪرايو، سماجي بيواجبي ڏسو ته جنهن عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ان کي جنسي حوس پرست سڏيو وڃي ٿو، هن وقت به مردن وڏي حرفت سان مذهب کي استعمال ڪندي عورت کي پاڻ سان گڏ ملائي ڇڏيو آهي ان ڪري ته جيئن عورتن جو ڪيس مضبوط نه ٿي سگهي پر سچائي پنهنجي چمڪ سان قائم ۽ دائم رهندي. اسان سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽ فارم تان لطيف سائينءَ جي بيت:

”الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،

ڪالو بلا قلب سان تڏهن تِت چيومِ،

تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.“

کي ساکي بڻائيندي اهو وچن ورجايون ٿا ته سنڌ جي عورت کي پنهنجي جائز مقام ڏيارڻ ۾ ڪڏهن به نه ڪيٻايو ويندو

مارچ 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو