عورتن لاءِ موثر قانوسازي ۽ موجوده قانونن تي عملدرآمد جي ضرورت آهي…..

Spread the love

دنيا ۾ 8 مارچ تي ملھائجندڙ عورتن جو عالمي ڏينهن مزدور پورهيت عورتن جي تحريڪ جي مڃتا آھي. عورتن جي عالمي ڏينهن جو مقصد عورتن جو معاشي طور مستحڪم ٿيڻ، روزگار جا بهتر موقعا برابري جي بنياد تي ڏيڻ، عورتن جي حقن جي آگاهي ڏيڻ ۽ عورتن تي جسماني توڙي ذهني تشدد جي روڪ ٿام لاءِ قانون جوڙڻ، عورتن جي هراسمنٽ ۽ عورتن سان اڻ برابري واري سلوڪ خلاف آواز اٿارڻ، عورتن جي حقن بابت موثر قانون جوڙڻ وغيره شامل آهن.ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ هن وقت نه صرف عورتون، ٻار پر مرد به معاشي طور توڙي سماجي طور استحصالي جو شڪار هجڻ سان گڏو گڏ حراسمنٽ ۽ تشدد جو شڪار پڻ آهن، پر گهڻي ڀاڱي سنڌ ۾ عورت وڌيڪ ڀوڳي ٿي، گهريلو تشدد، سماجي اڻبرابري، معاشي طور ڪمزور ھجڻ ان جو بنيادي سبب چئي سگھجي ٿو. هنر مند عورت، مزدوري ڪندڙ، ٻنين ۾ ھارپو ڪندڙ توڙي بٺن تي ڪم ڪندڙ عورتن کي سندن پورهئي جو اجورو تمام گهٽ ڏنو وڃي ٿو. سڄي ڏينهن جي محنت کانپوءِ به بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، خاص ڪري ٻهراڙي جي عورتن وٽ روزگار جا موقعا نه هجڻ جي برابر آهن، ٻهراڙي جي هر عورت کي رلي سبڻ، ڀرت ڀرڻ، سلائي ڪرڻ ايندي آهي، پر مارڪيٽ ۾ ان پورهئي جي رسائي ڪرڻ انهن لاءِ ناممڪن آهي، ان ڪري هنرمند هوندي به اهي بي روزگار آهن، هاڻي ته ڪافي ڳوٺن ۾ شهر جا وپاري ايندا آهن جيڪي سستي ناڻي ۾ ڳوٺاڻي عورتن کان ڪم ڪرائي پاڻ وڏن شهرن جي مارڪيٽ ۾ تمام مهانگو وڪڻندا آهن جنهن جو فائدو ٻهراڙي جي عورت کي نٿو پهچي، هن جا حالات ساڳي بدتر رهن ٿا، اهڙي طرح بٺن تي ڪم ڪندڙ عورتن کي به سندن ڪم جو الڳ سان معاوضو نٿو ڏنو وڃي، ٻهراڙي جي عورت معاشي طور ته ڪمزور آهي پر تعليم جي حوالي سان به پٺتي پيل آهي، گهڻو ڪري ڳوٺن ۾ نالي ماتر صرف پرائمري اسڪول هجن ٿا، وڌيڪ پڙهائي ڪرڻ لاءِ يا ته شهر وڃڻو ٿو پوي يا ته ڀر پاسي ۾ ڳوٺ کان پري اسڪول ۾ وڃڻو ٿو پوي، جنهن جي ڪري مائٽ پٽ کي ته تعليم ڏيارين ٿا پر نياڻين کي پرائمري تعليم کان پوءِ گهر ويهاريو ڇڏين، ان ڪري ٻهراڙي جون هزارين نياڻيون تعليم کان محروم آهن، تعليم مرد هجي يا عورت ان جو بنيادي حق آهي پر تعليم ۾ سرفهرست اڻبرابري اڃان تائين موجود آهي.حل لاءِ ڪجهه تجويزون:1. قانون جو بهتر لاڳو ٿيڻ – پوليس، عدالتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ عورتن جي شموليت وڌائي وڃي ته جيئن متاثر عورتن کي انصاف ملي.2. معاشي مضبوطي – ٻهراڙيءَ جي عورتن لاءِ ننڍن ڪاروبارن، هنرمنديءَ جي مارڪيٽ تائين رسائي، ۽ مالياتي سهولتون فراهم ڪرڻ لازمي آهن.3. تعليم جو فروغ – ڇوڪرين لاءِ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم تائين آسان رسائي، اسڪالرشپس، ۽ نقل و حمل جون سهولتون مهيا ڪرڻ گهرجن.4. سماجي شعور بيدار ڪرڻ – عورتن جي حقن بابت آگاهي مهم هلائڻ، خاص طور تي ڳوٺن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾.5. ميڊيا ۽ ادب جو ڪردار – عورتن جي مسئلن تي ڳالهائڻ وارن کي “عزت لڄ” جي نالي تي خاموش ڪرائڻ بدران، ميڊيا، شاعرن، ليکڪن، ۽ سماجي ڪارڪنن کي گڏجي عورتن جي حقن جو آواز بلند ڪرڻ گهرجي.8 مارچ تي سماج جون سڄاڻ، پڙهيل لکيل عورت اڳواڻ، عورتن سان ٿيندڙ سماجي ناانصافي ۽ اڻ برابري تي ريلي، مارچ يا عورت ڪانفرنس ڪن ٿيون ته اسان جا پاڻ کي ھٿ ٺوڪيا ساڃاھوند سڏائڻ وارا به غليظ ۽ ڪريل ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪيو ڇڏين، ڄڻ عورتن جي حقن تي ڳالهائڻ ۽ عورتن جا حق گهرڻ ڪو عظيم گناھ هجي. پوءِ به سلام آهي انهن عورتن کي جيڪي ڪرھت ڏيندڙ سماجي روين کي برداشت ڪري بهادري سان عورتن سان ٿيندڙ ظلم ڏاڍ خلاف عورتن سان ٿيندڙ انياءِ تي ڀرپور آواز اٿارين ٿيون. دنيا جي انساني حقن جي جي تنظيمن تائين سنڌ جي عورت سان ٿيندڙ ناانصافين، اڻ برابري، جانورن جهڙي سلوڪ کي سامھون آڻين ٿيون، هو سنڌ جي هر عورت جو گڏيل آواز بڻجي گونجن ٿيون، سڄي دنيا جيان سڀاڻي سنڌ ۾ به عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو اسان پر عزم آهيون تـ ڪيسين رهندي ڪاري اونداهي رات، نيٺ ته صبح ٿيندو

مارچ 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو