تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين؟

Spread the love

عبدالقادر لاشاري

ڪڏهن به ڏاڍ ۽ جبر سان ڪي فيصلا نٿا مڙهي سگهجن جيڪڏهن طاقت جي زور تي ٻين جي حقن، خوشين جو قتل عام ڪري به پنهنجي حاڪميت کي برقرار رکي به وڃي، تڏهن به اها گهڻو وقت هلي نه سگهندي. ڇاڪاڻ ته اسان جي سامهون تاريخن جي ورڪن ۾کوڙ اهڙا مثال موجود آهن، جن ڏنڊي جي زور تي وقتي طور ته پنهنجو دٻدٻو قائم رکيو. پر انهن جو انجام وري ڀيانڪ نڪتو. هميشه اهي رياستون ترقي جي راهه تي هلنديون آهن. جيڪي پنهنجي طاقت جي استعمال بدران قانون، انصاف توڙي وسيلن جي ورڇ ۾ ڏاڍي ۽ هيڻي جو فرق مٽائي سڀني سان برابري واري جو سلوڪ جاري رکندي قدم کڻن ٿيون.

جنهن به رياست ۾ مظلومن ۽ محڪومن جي حقن توڙي آواز کي دٻايو ويو آهي، انهن کان وقت پنهنجو حساب ڪتاب ضرور ورتو آهي، هر ماڻهو ڌرتي جي خوشحالي، شادابي سان گڏ پنهنجي سڪون واري آزاد زندگي جو گهرجائو آهي ۽ اهو هر انسان کي حق به آهي ته هو پنهنجي ڌرتي تي دٻاءُ ۽ خوف واري حالتن کان آجو ٿي هڪ آزاد فضا ۾ساهه کڻي پر اسان وٽ انهيءَ جي بلڪل ابتڙ ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هتي بار بار انهي ڳالهه جو ورجاءَ ٿي رهيو آهي ته جيڪو ڏاڍو سوئي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ هوندو، اها روش ڀلي وقتي طور ترقي واري رستي تي هلڻ واري واٽ ليکي وڃي پر ٻين جي حقن کي دٻائي مظلوم ۽ محڪوم قومن کي هيسائي ڪڏهن به ترقي جي بلندين کي نٿو ڇهي سگهجي پر اهڙن ڪارنامن سان جيڪو بگاڙ پيدا ٿئي ٿو، انهيءَ جا نتيجا ڪي سٺا ناهن نڪرندا.

جيڪڏهن ڪنهن معاملي يا  مسئلي تي ڪنهن کي خدشا هجن ٿا ته سڀ کان بهترين رستو ڊائلاگ جو هجي ٿو، جنهن سان ڪيترين ئي الجهيل معاملن کي سنڀالي سگهجي ٿو. پر خبر ناهي انهيءَ آسان حل کي هٿ ۾ کڻڻ بدران صرف ڏنڊي جي استعمال کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن به ريت فائديمند ناهي، سنڌ اها ڌرتي آهي جنهن ملڪ کي جنم ڏنو آهي مطلب ته سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان ٺهڻ جي پهرين قرارداد پاس ٿي. اڄ جيڪڏهن انهيءَ سنڌ جي ماڻهن کي جيڪڏهن ڪجهه معاملن تي خدشا آهن ته انهن سان ڊائلاگ جو رستو اختيار ڪرڻ بدران کين طاقت جي زور تي هيسائن جي روايت ڇو برقرار رکي پئي وڃي.

سنڌ سان ماٽيلي ماءَ وارو سلوڪ ڪيترن ئي معاملن ۾ ٿي رهيو آهي، پر هن وقت اهم اشو پاڻي جو معاملو آهي جڏهن ته عالمي قانون توڙي شريعتي حق موجب به پاڻي تي سڀ کان پهرين حق پوڇڙي وارن جو هجي ٿو. انهيءَ حساب سان سنڌونديءَ تي سڀ کان وڌيڪ حق سنڌ جو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌونديءَ جي آخري حد سنڌ آهي. انهيءَ باوجود سنڌ کي ته 91 واري ٺاهه موجب پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ملي، وري مٿان وفاقي سرڪار پنجاب جي ريگستاني زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌونديءَ مان وڌيڪ ڇهه ڪئنال ڪڍي رهي آهي. اهڙي عمل سان جيڪڏهن پنجاب جي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي ته سنڌ جي سرسبز ۽ شاداب لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي ويندي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، جنهن ڪري سنڌ جي پوڇڙي وارن ضلعن ۾ اڄ به سون اپائيندڙ زمين پاڻي نه هئڻ ڪري بنجر بڻيل آهي. مٿان جيڪڏهن وفاقي سرڪار جي اها هٺ ڌرمي رهي آهي ۽ ڇهن ڪئنالن لاءِ سنڌونديءَ مان پاڻي کنيو ويو ته سنڌ ۾جيڪا زمين آباد ٿي رهي آهي. انهيءَ کي بنجر ٿيڻ جو به ماتم سان گڏ نوحو الاپيو ويندو، وري افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف جيڪو آواز اٿي رهيو آهي، انهيءَ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ به طاقت وارو رستو ورتو پيو وڃي، جيڪوڪنهن به طرح سٺو عمل نه آهي.

سنڌ جو شعور هن وقت هر هنڌ پاڻي تي ڌاڙي جي رستا روڪ لاءِ پرامن جدوجهد واري رستي تي آهي جنهن کي ڪيترن ئي هنڌن تي لٺبازي، تشدد، گرفتارين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن  جو مثال سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف ڪڍيل پرامن ريلي مٿان شيلنگ، فائرنگ ۽ لٺبازي آهي، يونيورسٽي جي شاگردن توڙي شاگردياڻين پاران چار مارچ واري ڏينهن کي سنڌو درياهه جي مالڪي لاءِ جدوجهد جو ڏينهن قرار ڏئي پرامن احتجاجي مارچ ڪيو ويو. جنهن تي  پوليس کي ائين تشدد ۽ لٺبازي جي اجازت ڏني وئي ڄڻ هي گروهه ڪنهن شهر تي قبضو ڪرڻ لاءِ نڪتل هيو، پوليس جي لٺٻازي ۽ تشدد ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا. جڏهن ته پوليس وڏي انگ ۾ شاگردن کي گرفتارڪرڻ دوران به تشدد جو نشانو بڻائيندي رهي.هي لقاءَ دنيا وارن لاءِ ڪنهن به ريت ڪو سٺو نه آهي، هي تشدد وارو رستو وحشت جي راڄ کي هٿي ڏيندي آمريتي دورن جي ياد تازي ڪري ٿو، آمريتي دورن ۾ ئي حقن لاءِ اٿندڙ آوازن کي ائين دٻايو ويندو آهي. پر افسوس جمهوريت جا دعويدار ۽ جمهوريت آڻڻ لاءِ وڏا رانڀاٽ ڪندڙن حڪمران ئي اهو ڪري رهيا آهن جنهن سان جيڪڏهن ملڪ ۾ سول آمريت چئجي ته ڪو وڌاءَ نه ٿيندو.

لازمي آهي پوليس جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي اهو پنهنجي ليکي نه ڪندي آهي نادرشاهي حڪم جاري ٿيڻ کانپوءِ ئي پرامن احتجاج ۾ اٿندڙ آوازن کي ڏاڍ ذريعي ئي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ائين چار مارچ جي حوالي سان سنڌ ۾ رٿيل تقريبن جي به رستاروڪ ڪئي وئي، حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم ۾ ڪوٺايل تقريب ڪرڻ نه ڏني وئي، پوليس پهچي اتي موجود ساڃاهه وندن کي ليڪچر ڏيڻ کان روڪي ورتو. جڏهن ته تاج جويو جي گهر تي چڙهائي ڪري کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

آخر اهو ڪجهه ڪرڻ جي نوبت ڇو اچي رهي آهي، ڇا اهڙن قدمن سان پنهنجن حقن لاءِ اٿندڙ آواز خاموش ٿي ويندا، اها اقتدار جي نشي ۾ ڌت واڳ ڌڻين جي ناسمجهي ئي چئي سگهي ٿي، اهو ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي ته ڪنهن کي خاموش ڪرڻ لاءِ ڏاڍ ۽ جبر جو رستو اختيار ڪري دٻائي ڇڏجي، انهيءَ ڪري حڪمرانن کي هوش مان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ سنڌو درياهه تي نڪرندڙ نون ڪئنالن جي منصوبي کي بند ڪري سنڌ جي آواز کي ٻُڌڻ گهرجي، سنڌ جو عوام سنڌوء کي سڪائڻ سان ٿيندڙ پنهنجي بربادي جو ماتم پيو ڪري پوءِ بهتر آهي ته انهن جي ڦٽن تي لوڻ هارڻ بدران مسيحا بڻجي مرهم رکيو وڃي.

سنڌ سان ماٽيلي ماءَ وارو سلوڪ ڪيترن ئي معاملن ۾ ٿي رهيو آهي، پر هن وقت اهم اشو پاڻي جو معاملو آهي جڏهن ته عالمي قانون توڙي شريعتي حق موجب به پاڻي تي سڀ کان پهرين حق پوڇڙي وارن جو هجي ٿو. انهيءَ حساب سان سنڌونديءَ تي سڀ کان وڌيڪ حق سنڌ جو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌونديءَ جي آخري حد سنڌ آهي. انهيءَ باوجود سنڌ کي ته 91 واري ٺاهه موجب پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ملي، وري مٿان وفاقي سرڪار پنجاب جي ريگستاني زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌونديءَ مان وڌيڪ ڇهه ڪئنال ڪڍي رهي آهي. اهڙي عمل سان جيڪڏهن پنجاب جي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي ته سنڌ جي سرسبز ۽ شاداب لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي ويندي،

مارچ 6, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو