ناريءَ وڊيو ڪال دوران آپگهات ڇو ڪيو؟
پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي علائقي يونيورسٽي ٽائون ۾ 16 جون تي مبينا آپگهات جو واقعو پيش آيو. پوليس موجب هاسٽل ۾ رهندڙ ڇوڪريءَ جويريا شاهه (فرضي نالو) جو لاش هاسٽل جي ڪمري مان مليو جنهن جي ڳلي ۾ ڦاهو لڳل هو.
مبينا آپگهات کان پوءِ جويريا شاهه جي ساهڙي جو بيان سامهون آيو آهي جنهن کان پوءِ ڇوڪريءَ جي موت تي سوال اٿي رهيا آهن. ساهڙي فضا (فرضي نالو) جي فرياد تي ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويو. رپورٽ ۾ ساهڙيءَ موجب جويريا شاهه آپگهات کان اڳ وڊيو ڪال ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي حياتي جو خاتمو ڪري رهي آهي.
هن موجب جويريا پنهنجي ڪمري ۾ موجود هئي هن وڊيو ڪال تي روئيندي پنهنجو رئو ڏيکاريو جنهن جي مدد سان هو ڦاهو کائي رهي هئي.
ساهڙيءَ فضا موجب هوءَ پنهنجي گھران نڪري يونيورسٽي ٽائون آئي ۽ جويريا جو در کڙڪايو پر جڏهن در نه کليو ته هن ويجهن ماڻهن جي مدد سان در ٽوڙيو، جتي جويريا جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو.
ساهڙيءَ پوليس کي ڏنل پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته جويريا شاهه کي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو فوت ٿي چڪي هئي.
پوليس جو موقف
ٽائون پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او ابراهيم خان ميڊيا کي ٻڌايو ته واقعي جي ايف آءِ آر داخل ناهي ٿي ڇو جو اڃا پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻي آهي. پوليس ڇوڪري جي ڪمري مان سموريون شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته سي سي ٽي وي فوٽيج به حاصل ڪري ورتا آهن ته جيئن هاسٽل ۾ ايندڙن جي سڃاڻپ ٿي سگھي.
هن چيو ته شروعاتي جاچ دوران خبر پئي آهي ته مبينا آپگهات ڪندڙ ڇوڪري هڪ واقعي سبب ذهني دٻاءَ جو شڪار هئي جنهن جو ذڪر هو پنهنجي ساهڙيءَ سان ڪري چڪي هئي.
ايس ايڇ او موجب ساهڙي ڪيس ۾ ڪنهن کي به نامزد ناهي ڪيو، پر ان حوالي سان ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.
جُون 20, 2023