”رانديگر جڏهن رڪارڊن بابت سوچڻ ڇڏي ڏيندو تڏهن ڪاميابي پاڻمرادو سندس آجيان ڪندي“

دبئي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين سيمي فائنل ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو ته هو ٽيم جي گهرجن موجب پاڻ کي تبديل ڪندو رهندو آهي.
واضح رهي ته ڀارت 14 سالن بعد آءِ سي سي ناڪ آئوٽ ميچ ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتو.
ميچ کانپوءِ پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ وٺڻ دوران ويرات ڪوهلي چيو ته سندس اننگز پاڪستان خلاف کيڏيل ميچ وانگر هئي، جتي هن سينچري اسڪور ڪئي هئي.
سندس چوڻ هو ته هن لاءِ اهم ڳالهه ڪنڊيشن کي سمجهڻ، اسٽرائيڪ روٽيٽ ڪرڻ ۽ ڀائيواري قائم رکڻ هئي.
هن چيو ته دبئي جهڙين وڪيٽن تي ڀائيواري قائم ڪرڻ سڀ کان اهم هوندي آهي، پاڪستان خلاف به ساڳي حڪمت عملي اختيار ڪئي هئي ۽ اڄ به ان تي عمل ڪيو،
سندس چوڻ هو ته ارادو وڌيڪ 20 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ ڪجهه چوڪا هڻڻ جو هو، پر ڪرڪيٽ ۾ هر شئي هميشه رٿابندي موجب ناهي ٿيندي، تنهنڪري هو گهرجن پٽاندڙ پنهنجو انداز بدلائيندو رهي ٿو.
پنهنجي اننگز بابت ڳالهائيندي ويرات ڪوهلي چيو ته کيس سڀ کان خوشي ان ڳالهه جي هئي ته سندس ٽائمنگ بهترين هئي، هن ڪريز تي ڪنهن به قسم جي دٻاءُ کي محسوس نه ڪيو ۽ مڪمل اعتماد سان راند کيڏيو.
چيزنگ دوران رن ريٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته خاص طور تي سيمي فائنل يا فائنل جهڙين وڏين ميچن ۾، جيڪڏهن اوهان جي ٽيم وٽ وڪيٽون باقي هجن ۽ اننگز کي آهستي اڳتي وڌايو وڃي ته مخالف ٽيم تي دٻاءُ وڌي ٿو، جيڪو ميچ کي آسان بڻائي ٿو.
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا هو پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي بهترين فارم ۾ آهي؟ ته هن جواب ڏنو ته هو ان بابت سوچڻ بدران صرف پنهنجي ٽيم لاءِ بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻ تي ڌيان ڏئي ٿو. سندس چوڻ هو ته جڏهن اوهان رڪارڊن بابت سوچڻ ڇڏي ڏيندا آهيو ته ڪاميابي پاڻمرادو اوهان جي آجيان ڪندي آهي.
واضح رهي ته ڀارت چيمپيئنز ٽرافي جي پهرئين سيمي فائنل ۾ آسٽريليا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
دبئي ۾ ڪينگروز طرفان مليل 265 رنسن جو هدف ڀارت 11 بال اڳ ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو.
ڀارت طرفان ويرات ڪوهلي 84 رنسن جي اننگز کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو، شرياس اَئير 45، ڪي ايل راهول 42، ڪپتان روهت شرما ۽ هاردِڪ پانڊيا 28-28، اڪشر پٽيل 27 رنسون ٺاهيون.