ڄامشوري ۾4 مارچ 1967 واري آمريت جو ورجاءُ
وحيد سمون
ملڪ ۾ پنهنجي هڪ هٽي خاطر ون يونٽ ٺاهيو. سنڌ مان محمد ايوب کهڙو، پير علي محمد راشدي، قاضي محمد اڪبر ۽ ٻين گڏجي ون يونٽ ٺاهيو ويو هو. اولهه پاڪستان جي چئني صوبن کي جن پنهنجي مرضي سان پاڪستان (وفاق) ۾شموليت ڪئي انهن کي گڏائي هڪ صوبو ٺاهي ننڍن صوبن جي ماڻهن کي تڪليفون ڏنيون ويون.روزگار جا ذريعا، بيراجي زمينون پنجابين، پٺاڻن ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڏنيون ويون.سنڌ جي هر شيءِ تي ڌاڙو هنيو ويو. ڌاري آبادڪاري، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ خراب طرزحڪمرانيءَ سنڌ ۾ في ڪس آمدني جي شرح گهٽائي سنڌ کي غربت طرف ڌڪي پنجاب تيزي سان اڳتي پيو وڃي.
4 مارچ شاگرد جدوجھد جي عروج جو زمانو هيو، هن دؤر ۾ شاگرد سياست سنڌ جي مڙني طبقن تي پنھنجا اثر ڇڏيا هيا، جڏهن سنڌ لکڻ ۽ سنڌي پڙهائڻ تي روڪ ۽ ون يونٽ سبب سنڌ مڪمل طور تي پنجاب جي بيٺڪيت ٿي وئي ته شاگردن پنھنجي حق جو علم بلند ڪيو، سائين جي ايم سيد ۽ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي اڳواڻي ۾پنھنجي جدوجھد جو نعرو هڻي حيدرآباد جي ڪمشنر کي هٽايو، شاگردن زبردست تحريڪ هلائي. ڪمشنر حيدرآباد خلاف هلايل تحريڪ سنڌ جي قومي تحريڪ جو اهڃاڻ ٿي وئي. پوليس، 4 مارچ 1967ع ۾ حيدرآباد جي شاگردن جي احتجاج تي ڪڙڪي پئي. ڪيترائي شاگرد واڙيا ويا. شاگردن جي انھن قربانين جو نتيجو هو جو سنڌ ۾ قومي تحريڪ کي سگهه ملي ۽ اتساهه مليو ۽ سڄي قوم کي قومي ڌارا ۾ گڏ ڪري بيھاريو.
ان کانپوءِ اهو ٿيو ته سنڌ جي نوجوانن ۽ شاگردن نه رڳو تاريخ جي ڦيٿي کي اڳتي وڌايو پر ان تاريخي عمل کي نوان گس ۽ موڙ به ڏنا. تنھن ڪري 4 مارچ جو ڏهاڙو سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي جدوجهد جي ياد طور ملهايو ويندو آهي.
ھن سال سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن 4 مارچ شاگرد ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌو درياهه جي مالڪي لاءِ جدوجهد جو ڏينهن قرار ڏيندي ملھايو ويو، شاگردن سنڌ يونيورسٽي جي اڱڻ تي ٻوٽو پوکي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي خلاف جدوجهد جي شروعات ڪري ڇڏي، ڪالهه اڱاري ڏينھن سنڌ يونيورسٽي جي سوين شاگردن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سينٽرل لائبريري کان انڊس هاءِ وي تائين ريلي ڪڍي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي سامهو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻُو هنيو. جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
شاگردن جي ريلي کي روڪڻ لاءِ سرڪاري مشنيري تحرڪ ۾ اچي وئي. ڄامشورو ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالا طلب ڪيا ويا، شاگردن جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس شاگردن مٿان لٺ بازي ڪئي جنهن دوران پوليس ۽ شاگردن وچ ۾ چڪريون ٿينديون رهيون، پوليس شاگردن مٿان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال پڻ ڪيو، پوليس جي شيلنگ ۽ لٺبازي ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي پڻ ٿيا، مڇريل شاگردن پوليس موبائل تي پٿراءُ ڪري ان جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪندي ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو.
4 مارچ 1967ع واري واقعي کي 58 سال گذري ويا، پر چار مارچ 1967ع واريون حالتون اڄ 2025ع ۾ بھ جيئن جو تيئن موجود آهن. جمھوريت جي دعويدار حڪومت اڄ بھ يونيورسٽي جي پر امن شاگردن ۽ نياڻين جي گڏيل احتجاج تي ڳوڙھا آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪري ٿي، پرامن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ، پوليس پرامن شاگردن تي وحشياڻو تشدد ڪري آمريت جي ننگي تصوير سامھون آندي آھي، رياستي ادارن طرفان جمھوري قدرن جي کلي لتاڙ ۽ تشدد جي جيتري مذمت ڪجي اھا گھٽ ٿيندي. ملڪ ٺھڻ کان وٺي ايوب ، يحيٰ، ضياءِ ، مشرف جي آمريت سميت نيم ڊڪٽيٽرشپ وارا دور رھيا ، پر اڄ ملڪ ۾ آمريت نواز جمھوري حڪومت ڪڌو عمل ڪري رھي آھي.
سرڪاري مشينري طرفان سنڌ يونيورسٽي جي پر امن شاگردن ۽ نياڻين جي گڏيل احتجاج تي ڳوڙھا آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪري ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، ھو پنهنجي جياپي کي بچائڻ لاءِ نڪتا هئا، ھنن جو احتجاج پرامن ھو، پر پوليس ونگاري بڻجي پرامن احتجاج کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، لٺبازي ڪئي وئي، جيڪو عمل 4 مارچ 1967ع واري آمريتي دور کي ورجائي ٿو. ملڪ ٺھڻ کان وٺي سنڌين وڏي جدوجهد ڪئي جيڪا سياسي، تعليمي، ثقافتي ۽ عملي جدوجهد هئي، هاڻ به پنجاب سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙو ھني رھيو آھي، غير قانوني ڪئنالن جي تعمير ڪئي پئي وڃي، تنھن ڪري ھر محاذ تي اهڙي جدوجهد جي ضرورت آهي. اهو ئي سبب آهي جو جي ايم سيد شاگردن جي جاکوڙ ۽ قرباني جي جذبي کان متاثر ٿي آزاد سنڌ جو بار شاگردن تي رکيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آزادي جي نعري کانپوءِ پھرين تقرير ۾ سائين جي ايم سيد واضح چيو ته،”مان سنڌ جي وڏيرن، پيرن، جاگيردارن کي آزمائي چڪو آهيان، مون کي سنڌ جي آجپي جي واهه ڪٿي نظر نه آئي. ان ڪري مان سنڌ جو ڪيس اوهان شاگردن اڳيان کڻي آيو آهيان.“ جي ايم سيد، تاريخ جي وڏن تجربن مشاهدن کانپوءِ ان نتيجي تي پھتو ته سنڌ جي وارثي ۽ مالڪي جيڪڏهن ڪير ڪري سگهن ٿا ته اهي نوجوان ۽ شاگرد ئي آهن.
مارچ 5, 2025