آمريڪي قومي سلامتي صلاحڪار جو اسحاق ڊار سان رابطو، دهشتگردي خلاف قدمن جي ساراهه

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار وچ ۾ ٽيليفونڪ گفتگو ٿي، جنهن ۾ آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار دهشتگردي خلاف قدمن تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.
پرڏيهي کاتي موجب اسحاق ڊار سان مائيڪل والٽز ٽيليفونڪ گفتگو ڪئي، هن ٽرمپ طرفان پاڪستان حڪومت جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪوششن تي ٿورا مڃيا ۽ ساراهه جو پيغام پهچايو.
اسحاق ڊار کيس عهدي سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ٽرمپ ۽ ان جي انتظاميا پاڪستان سان پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي.

مارچ 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو