چيمپيئنز ٽرافي جو پهريون سيمي فائنل، ڀارتي رانديگرن ڪاريون پٽيون ڇو ٻڌيون آهن؟

دبئي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي پهرئين سيمي فائنل دوران ڀارتي ٽيم اڳوڻي اسپنر پدمڪار شيوالڪر کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪاريون پٽيون ٻڌي کيڏي رهي آهي.
اڳوڻو ڀارتي اسپنر پدمڪار شيوالڪر گذريل ڏينهن 84 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن کانپوءِ ڀارتي رانديگر سندس ياد ۾ ميچ دوران ڪاريون پٽيون ٻڌي ميدان تي لٿا.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته شيوالڪر کي سندس شاندار ڪيريئر دوران حاصل ڪيل 589 فرسٽ ڪلاس وڪيٽن لاءِ هميشه ياد رکيو ويندو.